مئی 28, 2025

ڪراچي

سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ علي امين گنڊاپور قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف زبان درازي بند ڪري، پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جا جذبن سان کيڏاڙ نھ ڪري تھ سُٺو آھي، شھيد ڀٽو جو نظريو ۽ قرباني اڄ بھ زندھ آھي، پي ٽي آءِ جو بيانيو رڳو روڄ راڙو، ڪوڙ ۽ يوٽرن سان ڀريل آھي.
ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي بيان تي ردعمل جو اظھار ڪندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ علي امين گنڊاپور جي سياست پستي، ڪوڙ ۽ الزامن تي ٻڌل آھي، پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن تي تشدد جي حوالي سان علي امين گنڊاپور جو بيان سياسي منافقت ۽ خودفريبي جو چٽو ثبوت آھي.
ھن چيو تھ ريڊ زون جي ايس او پيز جي آڙ ۾ ڪارڪنن تي شيلنگ واري عمل کي جواز ڏيڻ ۽ ھڪ غير جمھوري ۽ فاشسٽ ڪوشش آھي، جڏھن احتجاج ڪرڻ وارا پرامن ھُجن، جڏھن اھي پنھنجا بنيادي سياسي حق استعمال ڪري رھيا ھُجن تھ پوءِ اُنھن تي شيلنگ ڪنھن ايس او پي نھ پر آمريت پسند ذھنيت جو ثبوت آھي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پيپلز پارٽي جو ريڊ زون ۾ وڃڻ بھ ھڪ سياسي اظھار ھو، ان تي طاقت جو استعمال ان ڳالھھ جو ثبوت آھي تھ پي ٽي آءِ جي جمھوريت پسندي رڳو پنھنجي مفادن تائين محدود آھي، جن کي ڪالھھ اسلام آباد ۾ ڪنٽينر ٽوڙڻ جي مڪمل آزادي حاصل ھُئي، اڄ اُھي ئي ريڊ زون جي ڀتين جا محافظ بڻيل آھن.
ھن چيو تھ شھيد ڀٽو خلاف زبان درازي ڪرڻ وارا پاڻ ھڪ اھڙي سياسي ليڊر جي غلامي ۾ ورتل آھن جنھن ملڪي سياست کي شخصي ۽ ٽڪراءُ ڀريو بڻايو، شھيد ڀٽو کي تاريخ نھ پر آمريت ڦاھي چاڙھيو، اُھا ئي آمريت جنھن جي ڪلھن تي چڙھي پي ٽي آءِ حڪومت جوڙي ھُئي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ باني پي ٽي آءِ تي ڪيترن ئي مالياتي، اخلاقي ۽ آئيني ڀڃڪڙين جا الزام آھن، قومي ادارن جي بي توقيري، رياستي راز ظاھر ڪرڻ ۽ عوام کي اتساھڻ جھڙن سنگين ڪيسن کي ھي جيڪڏھن سياسي انتقام چون ٿا تھ پوءِ دھشتگردي جي تعريف نئين سر ڪرڻي پوندي.
ھن چيو تھ عدالتون پاڻ فيصلا ڏئي چُڪيون آھن، جيل ۾ بيگناھي جو بيانيو اصل ۾ سياسي مظلوميت جي دڪان چمڪائڻ جي ڪوشش آھي، پي ٽي آءِ وارا جنھن سسٽم جي ڪُک مان نڪتا آھن اڄ اُن تي الزام مڙھي رھيا آھن، پي ٽي آءِ جو ڪوبھ بيانيو ناھي، اُن جي پوري سياست ناڪام تحريڪ، ناڪام قيادت ۽ ناڪامي سياسي اخلاقيات جو مظھر آھي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے