
ڪراچي
ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ بس سروس جي ڪاميابي کانپوءِ سنڌ جي ٻين وڏن شھرن تائین ان جو دائرو وسيع ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار عملي قدم تيز ڪري ڇڏيا آھن. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ مستقبل اليڪٽرڪ گاڏين جو آھي ۽ سنڌ سرڪار ھن شعبي ۾ غير معمولي اڳڀرائي چاھي ٿي.
ان سلسلي ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ھڪ اعليٰ سڀح جي وفد ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ صوبي ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ امڪاني سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جو مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪمال دايو پڻ شرڪت ڪئي.
وفد پاران سنڌ جي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ بھتري لاءِ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظھا رڪيو ويو، جنھن تي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ڪردار کي ساراھيندي سنڌ چيو تھ سنڌ سرڪار پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ انقلابي تبديلي لاءِ پرعزم آھي ۽ جٽادار ٽرانسپورٽ اسان جي اوليتن ۾ شامل آھي.
ھن چيو تھ پاڪستان جي پھرين اليڪٽرڪ بس سروس جي ڪامياب شروعات ڪراچي کان ٿي چُڪي آھي، جنھن کي عوام طرفان ڀرپور موٽ ملي رھي آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ شھري ٽرانسپورٽ جو مستقبل صاف توانائي ۽ ٽيڪنالوجي تي ٻڌل حل ۾ آھي ۽ سنڌ سرڪار ھر سطح تي سھولتڪاري لاءِ تيار آھي.
ھن وڌيڪ چيو تھ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي سھڪار سان سنڌ جي عوام کي جديد، سستي ۽ ماحول دوست سفري سھولتون فراھم ڪيون پيون وڃن ۽ ڪراچي کانپوءِ سنڌ جي ٻين وڏن شھرن ۾ بھ اليڪٽرڪ بس سروس جو دائرو وڌايو پيو وڃي.