جون 18, 2025

ڪيپٽو پاور پلانٽن کان ڊسڪوز ڏانهن منتقلي بابت خيالن جي ڏي وٺ

ڊسڪوز جي بجلي غير مستحڪم آهي، مڪمل ڀاڙي نٿا ڪري سگهون، صنعتڪارن جا خدشا

صنعتڪارن جي تجويزن ۽ خدشن بابت حتمي فيصلو وزيراعظم ڪندو، اجلاس ۾ اتفاق

صنعتن جي گرڊ تي منتقلي کانپوءِ ڪيپٽو پاور پلانٽن جي گئس سنڌ ۾ ئي استعمال ٿيندي، وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ميزباني هيٺ هڪ فورم جو انعقاد ٿيو، جنهن جو مقصد وفاقي وزيرن ۽ صنعتڪارن کي گڏ ڪري اُن معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ هو ته ڪيئن ڪيپٽو پاور پلانٽن کان ڊسڪوز ڏانهن منتقلي عمل ۾ آندي وڃي، جيڪو ڪابينا جي فيصلي مطابق لازمي قرار ڏنو ويو آهي۔

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صنعتڪارن پاران پيش ڪيل سڀ تجويزون ۽ خدشا وزيراعظم کي حتمي فيصلي لاءِ پيش ڪيا ويندا۔ ساڳئي وقت وزيراعظم کان اپيل ڪئي ويندي ته هو ٽيڪسن جي لاڳو ٿيڻ واري عبوري مرحلي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي۔

وڏي وزير واضح طور چيو ته جڏهن صنعتي يونٽن کي قومي گرڊ سان ڳنڍيو ويندو ته ڪيپٽو پاور پلانٽن مان بچايل گئس رڳو صوبي اندر استعمال ٿيڻ گهرجي۔

اهو اجلاس وفاقي حڪومت جي نمائندن ۽ صنعتڪارن وچ ۾ صلاح مشوري جو پليٽفارم ثابت ٿيو ته جيئن ڪيپٽو پاور پلانٽن کان ڊسڪوز ڏانهن منتقلي لاءِ هڪ ٽائيم لائين مقرر ڪئي وڃي۔

اجلاس وزيراعليٰ‏ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ، وفاقي وزير توانائي اويس لغاري، وزيراعظم جي خاص مددگار رانا ثناءُالله، قومي اسيمبلي جا ميمبر سيد نويد قمر، اسد عالم، مرزا اختيار بيگ، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽريز، ايم ڊي ايس ايس جي سي، سي اي او ڪي اليڪٽرڪ مونس علوي ۽ شهر جا نامور صنعتڪار زبير موتي والا، شبير ديوان، جاويد بلواڻي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا۔

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪيپٽو پاور پلانٽن کان قومي گرڊ يا ڊسڪوز ڏانهن منتقلي آسان بڻائڻي پوندي، جنهن لاءِ وفاقي حڪومت کي صنعتڪارن جو اعتماد حاصل ڪرڻو پوندو ۽ ان منتقلي لاءِ رضامندي سان هڪ ٽائيم لائن طئي ڪرڻ ضروري آهي۔

اجلاس دوران ڪيپٽو پاور ٽيرف ۾ تجويز ڪيل اضافي بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي۔ وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 660 ڪيپٽو پاور پلانٽس آهن۔ صنعتڪارن ٽيرف جي اضافي تي خدشا ظاهر ڪيا آهن، ۽ اسان هي آچر سندن ڳالهه ٻڌڻ لاءِ مخصوص ڪيو آهي۔

وڏي وزير وفاقي سرڪار جا ٿورا مڃيا هن صنعتڪارن جا خدشا سڌيءَ ريت ٻڌڻ لاءِ رضامندي ڏيکاري۔ هن وفاقي وزيرن تي زور ڀريو ته ڪنهن به فيصلي کان اڳ صنعتڪارن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين سان سڌي مشاورت ڪئي وڃي۔

اجلاس ۾ صنعتڪارن اعتراض ڪيو ته "ڊي-گرڊ (ڪيپٽو پاور پلانٽس) ليوي آرڊيننس 2025” تحت صنعتن تي اضافي چارجز لڳايا پيا وڃن۔ سندن چوڻ هو ته گئس ڪمپنيون اڳ ئي وڌيڪ چارجز وٺي رهيون آهن ۽ جيڪڏهن ڪيپٽو پاور پلانٽن تي وڌيڪ ٽيڪس لڳايو ويو ته اهو صنعتي شعبي لاءِ ناقابلِ برداشت ٿيندو۔ صنعتڪارن چيو ته ائين ممڪن ناهي ته صنعتون پنهنجا ڪيپٽو پاور پلانٽ بند ڪري مڪمل طور وفاقي گرڊ جي بجلي تي ڀاڙين، ڇو ته گرڊ جي فراهمي اڪثر غير مستحڪم رهي ٿي۔

ان تي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب اجلاس کي آگاهي ڏيندي چيو ته "اسان اڄ سنڌ حڪومت جي دعوت تي هتي آيا آهيون ته جيئن صنعتڪارن جا خدشا ٻڌي سگهون۔ ملڪ جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي جنهن ۾ سڀني ڌرين جي ڪوشش شامل آهي۔ وزيراعظم اسان کي هدايت ڪئي آهي ته اهڙيون پاليسيون ٺاهيون وڃن جيڪي صنعتي ترقي کي يقيني بڻائن۔

پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين پ پ بلاول ڀٽو زرداري به سنڌ جي صنعتي مسئلن جي حل تي زور ڏنو آهي۔ هن صنعتڪارن سان گذريل زوم ميٽنگ دوران وزيراعليٰ مراد علي شاهه جي ڪوششن ۽ عزم کي ساراهيو۔

توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري اجلاس کي آگاهي ڏيندي چيو ته صنعتي ٽيرف ۾ اڳ ۾ ئي 30 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي۔ تقسيم ڪار ڪمپنيون پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪري رهيون آهن، ۽ 7000 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو فزيبليٽي پلان به تيار آهي۔ اويس لغاري چيو ته آخرڪار صنعتڪارن کي خودڪاري بجلي پيداوار مان نڪري تقسيم ڪار ڪمپنين يا نيٽ ورڪ ڏانهن منتقل ٿيڻو ئي پوندو۔ هن وقت تائين 583 ڪيپٽو پاور پلانٽ گرڊ سان ڳنڍجي چڪا آهن۔

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ٻيهر زور ڀريو ته ڪيپٽو پاور پلانٽن جي نيشنل گرڊ ڏانهن منتقلي حتمي هدف آهي پر اها منتقلي صارفين تي وڌيڪ بار وجهي نه ٿيڻ گهرجي۔ هن چيو ته جيڪڏهن ڪيپٽو پاور پلانٽن جي گئس ڪٽي وئي ته اها گئس سنڌ ۾ ئي استعمال ٿيڻ گهرجي ٻئي هنڌ منتقل نه ٿيڻ گهرجي۔

وزيراعظم جي خاص مددگار رانا ثناءُالله اجلاس کي "انتهائي لاڀائتو” قرار ڏنو ۽ يقين ڏياريو ته وڏي وزير ۽ صنعتڪارن جون سڀ تجويزون وزيراعظم شهباز شريف تائين پهچايون وينديون۔ اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته صنعتڪارن جي تجويزن کي باضابطه طور وزيراعظم آڏو پيش ڪيو ويندو۔

هن وڌيڪ چيو ته هڪ ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا اهو جائزو وٺندي ته ڪيپٽو پاور مان نيشنل گرڊ ڏانهن منتقلي جي مرحلي دوران ڪو ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي يا نه۔ ان سلسلي ۾ حتمي فيصلو وزيراعظم شهباز شريف ڪندو۔

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے