
ڪراچي سنڌ حڪومت پاران اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ سنڌ جي 2723 شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جي منظوري،
سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي بورڊ اجلاس ۾ سال 24-2023 لاءِ يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي اسڪالرشپ منظور ڪئي وئي، صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيئرمين SEEF بورڊ آف ٽرسٽيز جي حيثيت ۾ اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪراچي ۾ اڱاري واري ڏينهن رٿيل اجلاس ۾ سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن شهاب قمر انصاري، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد علي عباسي، ايڊشنل سيڪريٽري جوڊيشل ۽ SEEF اقبال جماڻي، بورڊ جي ميمبرن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. صوبائي وزير ان موقعي تي چيو ته سنڌ ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ غريب ۽ لائق شاگردن جي اعليٰ تعليم ۾ مدد لاءِ قائم ڪيو ويو هو. هن چيو ته SEEF اسڪالرشپ ذريعي سنڌ جا شاگرد ملڪ جي 90 کان وڌيڪ سرڪاري ۽ نجي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو آھي.
سيد سردار علي شاهه چيو ته: “اسان جو مقصد غريب ۽ قابل
نوجوانن کي اعليٰ معيار جي تعليم لاءِ برابر جا موقعا ڏيڻ آهي ته جيئن معاشي طور ڪمزور شاگرد اعليٰ تعليم حاصل ڪري پنھنجون صلاحيتون مڃرائي سگهن.” اجلاس ۾ سال 24-2023 لاءِ نين 2723 اسڪالرشپن جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته اڳ ۾ پڙهندڙ 4877 شاگردن جي اسڪالرشپ جي تجديد پڻ ڪئي وئي، جنهن سان مجموعي طور تي اسڪالرشپ جو انگ 7600 ٿي ويو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته SEEF جو مجموعي بنيادي سرمايو 9.2 بلين رپين تائين پهچي ويو آهي، جنهن مان حاصل ٿيندڙ منافعو اسڪالرشپ جي فيس لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.
فنڊ ۾ گذريل ٻن سالن ۾ ھر سال 2 بلين رپين جي واڌ پڻ ڪئي وئي،
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ اجلاس ۾ اسڪالرشپ کي يونيورسٽي داخلا سان ڳنڍڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون وينديون. صوبائي وزير چيو ته يونيورسٽين کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته شاگردن جي داخلا کي اسڪالرشپ جي منظوري تائين آسان بڻائين ته جيئن تعليم جو تسلسل جاري رهي. هن وڌيڪ چيو ته: “گهڻا شاگرد مالي مسئلن سبب يونيورسٽين تائين نه پهچي سگهندا آهن، اسان اسڪالرشپ جي حصول واري نظام کي وڌيڪ آسان بڻائڻ چاهيون ٿا.” سيد سردار علي شاهه هدايت ڪئي ته اسڪالرشپ جي درخواست جي طريقيڪار کي مڪمل طور پيپرليس بڻايو وڃي ۽ ڊجيٽل بنيادن تي خودڪار اسڪروٽني سسٽم سان هڪ ڊيش بورڊ ٺاهي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. هن يونيورسٽين جي وائس چانسلرن جي بورڊ ميمبرن طور غير حاضري تي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو

ته انهن کي اجلاس ۾ حاضر ٿي شاگردن جي سهولت بابت تجويزون
ڏيڻ واري مرحلي جو حصو ٿيڻ گھرجي، ڇو ته شاگردن جون اميدون ٽرسٽ سان لاڳاپيل آھن، ياد رهي ته سنڌ ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ سال 2003 ۾ قائم ڪيو ويو هو، جنهن جي مدد سان ھن مھل تائين سنڌ جا 37550 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسڪالرشپ وٺي اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪا آهن.