
ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ اڄ پاڪستاني فوجن جي بهادري، قربانيون ۽ شاندار ڪاميابين جي ياد ۾ ”پاڪستان جي فتح“ تقريب ۾ بطور مهمان خاص خطاب ڪيو. هن معزز انجنيئرنن ۽ انسٽيٽيوشن آف انجنيئرز پاڪستان (IEP) جي ميمبرن تي ٻڌل تقريب سان خطاب ڪندي فوج جي بي مثال همت ۽ استقامت تي فخر ڪيو. هن فوج جي گهڻ رخي ڪردار کي اجاڳر ڪندي چيو ته پاڪستان فوجون رڳو سرحدن جون محافظ نه آهن پر قدرتي آفتن سان منهن ڏيڻ ۽ عالمي امن قائم ڪرڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. وڏي وزير چيو ته اڄ جو جشن رڳو فوجي ڪاميابي جو اعتراف ناهي پر اهو پاڪستان جي ناقابل شڪست جذبو آهي، اهڙو جذبو جيڪو ڪنهن به چئلينجن کي منهن ڏيڻ هر وقت تيار آهي ۽ هر آزمائش کانپوءِ اميد، فخر ۽ عزم سان مضبوط آهي. هن اھڙي تقريب ڪوٺائڻ تي انسٽيٽيوشن آف انجنيئرز پاڪستان جا پڻ ٿورا مڃيا. هن زور ڀريو ته انجنيئرن جو ڪردار ملڪ جي مستقبل جي معمار طور انتهائي اهم آهي ۽ اهي فرد جيڪي تعمير ڪن ٿا، جيڪي دفاع ڪن ٿا ۽ اهي قوم جي اتحاد جي علامت آهن. وڏي وزير پاڪستان جي آزادي ۽ امن لاءِ جانون قربان ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته سندن ورثو سدائين قوم کي تحرڪ ڏيندو رهندو. پنهنجي خطاب جي پڄاڻي ۾ هن سڀني پاڪستانين، سول، فوجي، انجنيئرن ۽ شهرين کي اپيل ڪئي ته ملڪ جي عظمت، خودمختياري ۽ ترقي جي تحفظ لاءِ گڏ ٿيڻ گهرجي. هن پنهنجي عزم کي ٻيهر ورجايو ته هڪ خوشحال، محفوظ ۽ متحد پاڪستان لاءِ محنت سان ڪم ڪنداسين. هي تقريب حب الوطني ۽ اتحاد جي جذبي سان ملهائي پئي وڃي جيڪا قوم جي پنهنجي محافظن لاءِ وڏي احترام ۽ مسلسل ترقي ۽ اتحاد جي عزم کي ظاهر ڪري ٿي.