
باهه سبب متاثر ڳوٺن جو جائزو، سنڌ حڪومت پاران مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو ويو.
ڪراچي، جھمپير :اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر واري صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي جھمپير جي علائقي کڊائين ۾ باهه سبب متاثر ٿيل ڳوٺن حاجي علي بخش ماڇي ۽ عباس ماڇي جو دورو ڪيو. گذريل رات تيز طوفان سبب انهن ڳوٺن ۾ باهه لڳي وئي هئي، جنهن سبب گهر ۽ قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو. صوبائي وزير موقعي تي پهچي متاثر خاندانن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جي نقصانن جو جائزو ورتو.موقعي تي موجود ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اهي ڳوٺ مڇي جو شڪار ڪري گذر سفر ڪندڙ محنتي ماڻهن جا آهن ۽ انهن سان پيش آيل سانحي تي ڏک ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اطلاع ملندي ئي فائر برگيڊ کي فوري طور تي متحرڪ ڪيو ويو، جن وقت سر ڪاروائي ڪري وڌيڪ نقصان کي روڪيو.سيد رياض حسين شاهه شيرازي متاثرين لاءِ سنڌ حڪومت پاران هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي ۽ ضلعي انتظاميه ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي متاثر خاندانن جي فوري بحالي ۽ مدد لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته حڪومت ڏک جي هن گهڙي ۾ متاثرين سان گڏ بيٺل آهي.