مئی 17, 2025

ڪراچي ترجمان واٽر ڪارپوريشن پنهنجي جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو تہ جامعه ڪراچي ۾ پاڻي جي مرڪزي لائين جي مرمت جو ڪم ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ بلڪ لائينن کي چارج ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي بلڪ لائينون چارج ٿيڻ بعد ڊسٽريبيوشن لائينن ۾ پاڻي جي فراهمي شروع ڪئي ويندي اختيارين موجب اڄ سومر جي ڏينهن کان شهر ۾ معمول موجب پاڻي جي فراهمي بحال ٿي ويندي ترجمان واٽر ڪارپوريشن مرمتي ڪم دوران پاڻي جي فراهمي ۾ تعطل سبب شهرين کي پيش آيل تڪليفن ۽ پريشاني تي معذرت جو اظهار ڪندي چيو تہ واٽر ڪارپوريشن شهرين کي بهتر خدمتون ۽ سهولتون مهيا ڪرڻ کي پنهنجي پهرين ترجيح سمجهي ٿو ۽ انهيءَ مقصد تحت گذريل ڪجھ ڏينهن کان واٽر ڪارپوريشن جا آفيسر ۽ ملازم ڏينهن رات جي محنت ۽ لگن سان پاڻي جي لائين جي مرمت جي ڪم ۾ مصروف رهيا.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے