
سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي
وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ کي ترڪيھ جي استنبول يونيورسٽيءَ عبدالرحمان پشاوريءَ جي 100هين ورسيءَ جي موقعي تي 5 ۽ 6 مئي تي استنبول يونيورسٽي ۾ منعقد ٿيندڙ خاص سمپوزيم کي خطاب ڪرڻ لاءِ خاص مهمان طور دعوت ڏيئي گھرايو آهي. ڊاڪٽر مجيب صحرائي ترڪيھ لاءِ روانو ٿي ويو آهي. ڄاڻايل يادگاري پروگرام استنبول يونيورسٽي پاران يونس امري انسٽيٽيوٽ، اسلام آباد ۾ ترڪيھ جي سفارتخاني ۽ استنبول يونيورسٽيءَ ۾ ترڪ ايجوڪيشن قونصلر آفيس، اسلام آباد جي سهڪار سان منعقد ٿي رھيو آهي. اھو پروگرام ترڪيھ ۽ پاڪستان جي يڪجهتيءَ جو ھڪ اظھار پڻ آهي.
عبدالرحمان پشاوري سلطنت عثمانيه جي حمايت ڪئي ھئي. ان بعد هو ترڪيھ فوج ۾ شامل ٿيو ھو ۽ رؤف اوربي جو ويجهو دوست ۽ مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جو ساٿي بڻجي ويو ھو. ھن اتاترڪ ۽ ٻين سان گڏجي ترڪيھ جي آزادي جي جنگ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ھيون.ڊاڪٽر مجيب صحرائي، عبدالرحمان پشاوريءَ سان گڏ، سنڌ مدرسته الاسلام جي باني خان بهادر حسن علي آفندي ۽ ترڪيھ جي وچ ۾ لاڳاپن، خلافت تحريڪ ۾ سنڌ جي ڪردار، ۽ پاڪستان ۽ ترڪيھ جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن تي پنھنجن خيالن جو اظھار ڪندو.