مئی 16, 2025

ڪراچي

عوامي ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ انقلابي تبديلي آڻيندي، ٽرانسپورٽ کاتو سنڌ پاران پيپلز پنڪ اينڊ نارمل ٽيڪسي سروس جو باقاعدي آغاز ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمن سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پيپلز پنڪ اينڊ نارمل ٽيڪسي سروس جي شروعات ڪئي وئي آهي. هن منصوبي جو مقصد عورتن کي بااختيار بڻائڻ، سفر کي محفوظ بڻائڻ، ۽ صوبي ۾ ماحول دوست ٽرانسپورٽ کي هٿي ڏيڻ آهي.

سينيئر وزير شرجيل انعام ميمن پيپلز پنڪ اينڊ نارمل ٽيڪسي سروس منصوبي کي "سنڌ لاءِ تاريخي سنگ ميل” قرار ڏنو ۽ چيو ته سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ نظام کي جديد بڻائڻ ۽ سڀني طبقن لاءِ برابر موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے