مئی 16, 2025

ڪراچي سنڌ جي ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي وزير علي حسن زرداري لاڳاپيل کاتي جي عملدارن کي جاري ترقياتي رٿائون هلندڙ سال جون مهيني تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.سنڌ جي ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي وزير علي حسن زرداري جي صدارت هيٺ ترقياتي رٿائن بابت اجلاس ٿيوصوبائي وزير سنڌ جي مڙني ضلعن ۾ جاري ترقياتي رٿائن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئيصوبائي وزير علي حسن زرداري چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ سنڌ جي سڀني ضلعن جا ترقياتي منصوبا شامل ڪيا ويندا. صوبائي وزير، ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سمورن ضلعن جي اسڪيمن جي ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪري جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي.صوبائي وزير علي حسن زرداري حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي آفيسرن سان ملاقات ڪئي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے