مئی 17, 2025

ڪراچي
ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ کاتي، حڪومت سنڌ ٽرانسپورٽ جي نظام کي مڪمل طور تي ڊجيٽل بڻائڻ طرف هڪ ٻيو وڏو قدم کڻندي، 25 مارچ 2025 کان سڄي صوبي ۾ آن لائن فٽنيس سرٽيفڪيٽس جاري ڪرڻ ۽ درخواستون وصول ڪرڻ جي باضابطا شروعات ڪري ڇڏي آھي.
سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شروعاتي مرحلي ۾ ڪراچي جي ٻن نون فٽنيس سينٽرن، ذوالفقار آباد آئل ٽينڪرز ٽرمينل (ضلعو ملير) ۽ ابراهيم حيدري (ڪورنگي) ۾ ڪمرشل گاڏين جي فزيڪل جاچ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. جديد اوزارن جي مدد سان انهن مرڪزن تي ماهر ٽيڪنيڪل ٽيمون گاڏين جو معائنو ڪري رھيون آھن، جنهن بعد فٽنيس سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا پيا وڃن.
هن چيو ته سڌارا آڻڻ واري ھن عمل ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جا مختلف ادارا شامل آهن، جن ۾ پراونشل ٽرانسپورٽ اٿارٽي، ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي، ۽ ضلعي ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽيز شامل آهن. روٽ پرمٽ ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽس جاري ڪرڻ وارو نظام، ادائگين ۽ روينيو ريڪارڊ جي خودڪاري، آفيسن جو پيپر فري ماحول، آمدني ۾ اضافي ۽ جعلي دستاويزن جي خاتمي جا اهم هدف حاصل ڪيا پيا وڃن.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٻنهي مرڪزن تي ڪُل 63 گاڏين جو معائنو ڪيو ويو، جن مان 30 گاڏين کي فٽنيس سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا، جڏهن ته 33 گاڏين کي ان فٽ قرار ڏئي سي ايف ايڪس سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا. ٻئي مرحلي ۾ اهي مرڪز ڪراچي سميت ٻين ڊويزنل هيڊڪوارٽرن ۾ به قائم ڪيا ويندا ته جيئن سڄي سنڌ ۾ اها سهولت عام ٿي سگهي.
هن چيو ته آن لائن سسٽم ذريعي روٽ پرمٽ ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽس جاري ڪرڻ وارو عمل هاڻي شفاف ۽ ڀروسي جوڳو بڻجي ويو آهي، جديد سيڪيورٽي فيچرز ذريعي ڪنهن به گاڏي جي تصديق موقعي تي ممڪن ٿي وئي آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے