مئی 16, 2025

ڪراچي: ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي اداري ۾ نوڪري مان فارغ ڪيل ۽ ڀڳوڙن ملازمن سميت ڊيوٽيءَ تان غائب 84 ملازمن کي پگهارون جاري ڪري هر مهيني لکين روپيا سرڪاري خزاني کي نقصان پهچائڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي. جنهن تي سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ نوڪرين تان فارغ ڪيل ۽ ڀڳوڙن ملازمن سميت ڊيوٽي تان غائب 84 ملازمن کي پگهارون جاري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي ڊي ڊي او کي معطل ڪري معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته پي اي سيءَ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي سڀني ملازمن جي ٻيهر تصديق ڪرائڻ ۽ ملازمن جي ڊگرين جي پڻ لاڳاپيل بورڊز ۽ يونيورسٽين کان تصديق ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. خميس ڏينهن پي اي سيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبر مخدوم فخرالزمان سميت ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي چيف آپريٽنگ آفيسر انجنيئر اسدالله خان سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي سال 2019ع ۽ 2020ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ آڊٽ پاران اعتراض اٿارڻ تي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي اداري ۾ نوڪري مان فارغ ڪيل ۽ گوسڙو ملازمن سميت ڊيوٽين تائين غائب 84 ملازمن کي پگهارون جاري ڪري هر مهيني لکين روپيا سرڪاري خزاني کي نقصان پهچائڻ جو انڪشاف سامهون آيو. جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو اداري جي اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته نوڪرين مان فارغ ڪيل ۽ ڊيوٽين تان غائب ملازمن کي پگهارون جاري ڪرڻ وارو ڇا معاملو آهي؟ ان جي وضاحت ڪيو جنهن تي چيف آپريٽنگ آفيسر انجنيئر اسدالله خان پي اي سيءَ کي ٻڌايو ته ڊيوٽين تان غائب 42 ملازمن کي نوڪريءَ مان ڊسمس ڪيو ويو آهي ۽ 2 ملازمن جي وفات ٿي آهي ۽ باقي ملازمن کي نوٽيس جاري ڪرڻ کان پوءِ 38 ملازمن ٻيهر جوائننگ ڏني آهي. چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو پڇاڻو ڪيو ته نوڪرين تان فارغ ڪيل ۽ ڊيوٽين تان غائب ملازمن کي ڪيئن پگهارون جاري ٿيون؟ اِهو سرڪاري خزاني کي هر مهيني لکين روپيه نقصان پهچائڻ جو معاملو آهي ان لاءِ جنهن آفيسر پگهارون جاري ڪيون آهن ان خلاف ڪاروائي ڪيو. ان موقعي تي پي اي سيءَ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي نوڪرين تان فارغ ڪيل ۽ گوسڙو ملازمن سميت 84 ڊيوٽين تان غائب ملازمن کي پگهارون جاري ڪرڻ تي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي ڊي ڊي او کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ معاملي جي بلديات کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽريءَ کي جاچ جو حڪم ڏيندي هڪ مهيني ۾ رپورٽ گهري ورتي آهي. اجلاس ۾ ڊي جي آڊٽ پاران سال 2017ع کان سال 2019ع تائين ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ۾ غيرقانوني ڀرتيون ٿيڻ تي پڻ آڊٽ اعتراض اٿاريو جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو پڇاڻو ڪيو ته ڪراچي واٽر ڪارپوريشن ڪيتريون ۽ ڪهڙي طريقی ڪار تحت ڀرتيون ڪيون ۽ ڪهڙي قانون تحت ڪٿان منظوري ورتي وئي. جنهن تي چيف آپريٽنگ آفيسر پي اي سيءَ کي ٻڌايو ته رول 34 تحت ٽيڪنيڪل اسٽاف، ليگل ڪنسلٽنٽ ۽ هيلٿ ورڪرن جي هيٺين گريڊ ۾ ڀرتي ڪئي وئي وئي ۽ اداري ۾ ملازمن جي حاضريءَ لاءِ ويڊيو سسٽم لڳايو ويو آهي. جنهن تي پي اي سيءَ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ۾ گوسڙو ملازمن جي نشاندهيءَ لاءِ سڀني ملازمن جي فزيڪل تصديق سميت ملازمن جي تعليمي ڊگرين جي لاڳاپيل بورڊ ۽ يونيورسٽين کان تصديق ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اجلاس ۾ بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو، سيپڪو پاران عوام کان وصول ڪيل اليڪٽرڪ سٽي ڊيوٽي جي مد ۾ 32 ارب 80 ڪروڙ روپيا سنڌ حڪومت کي ادا ڪرڻ ۽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن پاران بجلی بلن جي مد ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي واجبات جي ادائيگيءَ جو معاملو حل ٿي نه سگهيو. اجلاس ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن پاران چيف آپريٽنگ آفيسر اسدالله خان 2016ع کان هر مهيني بجليءَ جي بلن جي مد ۾ ڏيڍ ارب روپيا ڪي اليڪٽرڪ کي ادا ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي پي اي سيءَ کي ٻڌايو ته 2016ع کان واٽر ڪارپوريشن پاران بجليءَ جي بلن جي مد ۾ هر مهيني سنڌ حڪومت ڪي اليڪٽرڪ کي ڏيڍ ارب روپيا ادا ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 2005ع ۾ وفاقي حڪومت ۽ ان وقت جي ڪي اِي ايس سي جي وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو هو ته واٽر بورڊ، جيل، اسپتالن ۽ ملڪي ادارن جي انسٽاليشن ڏانهن جيڪڏهن بجليءَ جي بلن جي مد ۾ واجبات هونديون ته اُهي واجبات وفاقي حڪومت ادا ڪندي ۽ 2005ع ۾ سنڌ حڪومت ان معاهدي ۾ پارٽي نه هئي. جڏهن ته 2016ع تي جنوري مهيني ۾ سنڌ حڪومت اِهو فيصلو ڪيو ته واٽر بورڊ جي بلن جي مد ۾ واجبات جي رقم ڪي اليڪٽرڪ کي سنڌ حڪومت ادا ڪندي ۽ 2016ع جي جنوري مهيني جو پهريون بل 50 لک روپيه سنڌ حڪومت ڪي اليڪٽرڪ کي ادا ڪيو ۽ هاڻي سنڌ حڪومت ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي بلن جي مد ۾ ڏيڍ ارب روپيه ھر مهيني ڪي اليڪٽرڪ کي ادا ڪري رهي آهي جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي جڏهن واٽر ڪارپوريشن جي بجليءَ جي بلن جي مد ۾ سنڌ حڪومت واجبات ادا ڪري رهي آهي ته پوءِ ڪي اليڪٽرڪ کي اليڪٽرڪ ڊيوٽيءَ جي مد ۾ عوام کان وصول ڪيل 32 ارب روپيا سنڌ حڪومت کي ادا ڪرڻا پوندا. ان موقعي تي پي اي سيءَ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن کان ڪي اليڪٽرڪ کي هر مهيني واجبات جون ادائيگيون ٿيڻ باوجود ڪي اليڪٽرڪ کان سنڌ حڪومت کي ڊيوٽيءَ جي مد ۾ 32 ارب روپين کان وڌيڪ جون واجبات ادا نه ٿيڻ واري معاملي جي حل لاءِ ايندڙ اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو، سيپڪو، واٽر ڪارپوريشن جي اختيارين ۽ انرجي کاتي سميت بلديات کاتي جي اختيارين کي پڻ گهرائي ورتو آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے