
غير ملڪي سيڙپڪاري ملڪ جي مثبت امیج کي اجاڳر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، وزير توانائي
عوام کي معياري ۽ سستي هوائي سفر جي سهولت لاءِ غير ملڪي ايئرلائن کي ڊوميسٽڪ سروس شروع ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي، سيد ناصر حسين شاہ
ڪراچي (): صوبائي وزير توانائي، ترقيات ۽ رٿابندي سيد ناصر حسين شاہ چيو آهي ته غير ملڪي سيڙپڪاري ملڪ جي مثبت امیج کي اجاڳر ڪرڻ ۽ معيشت جي استحڪام ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هڪ هوٽل ۾ غير ملڪي ايئرلائن جي پاڪستان ۾ شروع ٿيندڙ افتتاحي تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيندي ڪيو. وزير توانائي چيو ته عوام کي معياري ۽ سستي هوائي سفر جي سهولت لاءِ غير ملڪي ايئرلائن کي ڊوميسٽڪ سروس شروع ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ غير ملڪي ايئرلائن جي خدمتون ۽ سيڙپڪاري انهن ماڻهن کي جواب آهي جيڪي چوين ٿا ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ٿي رهي آهي ۽ ملڪ ڊيفالٽ ٿيڻ واري حالت ۾ آهي. هن چيو ته اسان جو ملڪ غير ملڪي سيڙپڪاري ۽ حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسي ۽ صنعتڪارن ۽ واپارين کي هر ممڪن سهولت مهيا ڪرڻ جي ڪري معاشي طور تي ڏينهن ڏينهن مستحڪم ٿي رهيو آهي. غير ملڪي سيڙپڪارن جو وڏي انگ سنڌ صوبي جي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ حڪومت سنڌ سان رابطو ڪيو آهي ۽ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. هن چيو ته اسان جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي خاص دلچسپي سبب ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري، واپاري ۽ صنعتڪار سنڌ صوبي جي مختلف منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار آهن. وزير توانائي چيو ته اڄ مايوسي پکيڙيندڙن لاءِ مايوسي جو ڏينهن آهي جيڪي ملڪ ۾ منفي پروپيگنڊي جي ذريعي عوام ۾ مايوسي ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪري رهيا آهن. ناصر شاہ چيو ته بين الاقوامي هوائي ڪمپني جو پاڪستان ۾ آپريشن شروع ڪرڻ خوش آئند آهي. ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙڪاري روزگار جي نيون موقعا پيدا ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. شڪر آهي ته پاڪستان جي معيشت بھتري ۽ ترقي ڏانهن وڌي رهي آهي.