مئی 16, 2025

سنڌ جي سينيئر وزير شيرجيل انعام ميمڻ جي پريس ڪانفرنس

ڪراچي —

سنڌ جي سينيئر وزير اطلاعات ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ اڄ ڪراچي ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ هن قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ، ڪينالز جي مسئلي، ۽ موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گذريل ڏينهن ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تاريخي خطاب ڪيو، جنهن ۾ ملڪ جي اهم مسئلن خاص ڪري سنڌ جي "برننگ ايشو” ڪينالز تي زور ڏنو ويو. چيئرمين بلاول ڀٽو واضح ڪيو ته ڪينالز ڪنهن به صورت ۾ نه بڻائڻ ڏنا ويندا ۽ پنجاب حڪومت جي منصوبن جي مخالفت ڪندي چيو ته هو عوام سان گڏ آهن، نڪي شهباز شريف سان.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي ڪينالز جي معاملي تي ڪوبه سمجھوتو نه ڪندي هن پنجاب حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته اها اهو واضح نه ڪري سگهي آهي ته ڪينالز لاءِ پاڻي ڪٿان آڻيندا. انهن چيو ته 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ ڪينالز ۽ دهشتگردي خلاف هڪ تاريخي جلسو منعقد ڪيو ويندو .شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداري جي دور ۾ اين ايف سي ايوارڊ، ڪالا باغ ڊيم خلاف فيصلي، ۽ صوبائي خودمختاري جهڙن ڪارنامن کي ياد ڏياريندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم منصوبي کي صدر زرداري دفنايو هو ۽ بلوچستان لاءِ خاص پيڪج جو اعلان به انهن جي دور ۾ ٿيو هو. شرجيل انعام ميمڻ پنجاب جي وزير اطلاعات عظمي بخاري جي بيان کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته انهن کي آئين پڙهڻ گهرجي.هن چيو ته پنجاب حڪومت جو ايجنڊا پيپلز پارٽي ۽ وفاق جي وچ ۾ تصادم پيدا ڪرڻ آهي، پر پيپلز پارٽي ميچور سياست ڪري رهي آهي ۽ اها عوامي مفادن جي حفاظت ڪندي.

شرجيل انعام ميمڻ خيبر پختونخوا (ڪي پي) جي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته انهن جو فوڪس امن عامه تي هجڻ گهرجي. هن چيو ته پي ٽي آء ماضي ۾ طالبان سان دوستانه تعلقات جي وڪالت ڪئي، جنهن ڪري بې امني پکڙجي ٿي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسانجو جيئڻ مرڻ عوام سان آهي ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي حقن لاءِ ڪنهن به حد تائين ويندي. هن چيو ته ڪينالز جي معاملي تي ڪوبه سمجھوتو نه ٿيندو ۽ عوامي جدوجهد جاري رهندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے