
سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ نصابی ڪتابن جي مفت ورھاست ۽ فراھمي جي شروعات
سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جي هدايت تي تعلیمی سال 26-2025 لاءِ 50 لک کان وڌيڪ درسي ڪتابن جا سيٽ تيار ڪيا ويندا.
ڪراچي/ ڄامشورو سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جي هدايت تي سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ نئين تعليمي سال 26-2025 لاءِ نصابي ڪتابن جي ترسيل جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه پنهنجي جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ چيو آهي ته تعليمي سال جي شروعات سان گڏ ئي ڪتابن جي فراھمي پڻ شروع ڪئي وئي آهي. داخلا جي تناسب مطابق شاگردن لاءِ 50 لک کان وڌيڪ ڪتابن جا سيٽ تيار ڪيا ويندا ۽ اسڪولن ۾ وقت سر مھيا ڪيا ويندا، جنھن سان تعليمي عمل وڌيڪ مؤثر بڻجي سگھندو. سرڪاري اسڪولن ۾ درسي ڪتابن جي ورھاست ۽ فراھمي جي مرحلي جي شروعات جي سلسلي ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڄامشورو ۾ ڇنڇر جي ڏينهن هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ چيئرمين سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ پرويز احمد بلوچ، سيڪريٽري ڊاڪٽر نصرت پرويز سهتو ۽ ٻين تعليمي انتظامي عملدارن شرڪت ڪئي. درسي ڪتابن جي ورھاست جي پهرين مرحلي جي شروعات ڪندي، چيئرمين STBB ڪتاب ڄامشورو جي تعلقه تعليمي آفيسرن حوالي ڪيا. پهرين مرحلي ۾ ضلعو ڄامشورو جي ٽن تعلقن مانجهند، ٿانو بولا خان ۽ سيوهڻ جي سرڪاري اسڪولن کي ڪتاب فراهم ڪيا ويا آهن، شروعاتي طور تي ڪتاب پرائمري سرڪاري اسڪولن ۾ پهچايا پيا وڃن، جڏهن ته ايندڙ هفتي کان سيڪنڊري اسڪولن ۾ پڻ ورھاست جو عمل شروع ڪيو ويندو. سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڪتابن جي ورھاست کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ مختلف نگران ڪميٽيون پڻ جوڙي ڇڏيون آهن، جيڪي اسڪولن ۾ وڃي ڪتابن جي موجودگي جي نگراني ڪنديون ته جيئن اھو يقيني بڻائي سگهجي ته ڪتاب صحيح وقت تي شاگردن تائين پهچي رهيا آهن. گذريل تعليمي سال جي پڄاڻيءَ تي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه جي هدايت تي سرڪاري اسڪولن ۾ بُڪ بينڪ قائم ڪيا ويا هئا. صوبائي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته پهريون ڀيرو قائم ٿيندڙ انهن بُڪ بينڪس جي مدد سان اسڪولن ۾ ڪتابن جي وقت سر موجودگي کي يقيني بڻائڻ ۾ به مدد ملي سگندي، هن چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن جي داخلا جي انگن اکرن ۽ بُڪ بينڪس ۾ موجود ڪتابن جي تناسب مطابق اسڪولن کي درسي ڪتاب مهيا ڪيا ويندا. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته “اسين هن سلسلي کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين، ڇو ته استادن جي ميرٽ تي ڀرتين سان سرڪاري اسڪولن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آئي آهي، جنهن سبب داخلا جي تناسب ۾ پڻ واڌارو ٿيو آهي.” هن زور ڀريندي چيو ته ڪتابن جي ڇپائي ۽ ترسيل لاءِ موجود وسيلن جي استعمال سان گڏوگڏ اسان کي ٻين وسيلن ڏانهن به وڃڻو پوندو، ته جيئن وقت سر بُڪ بينڪس ذريعي به اسڪولن ۾ ڪتابن جي دستيابي ممڪن ٿي سگھي، جنهن سان محدود وسيلن مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ٿي سگهي. آخر ۾ هن چيو ته “اسين بُڪ بينڪ جي رجحان کي وڌيڪ هٿي ڏينداسين، ۽ هر سال 50 سيڪڙو ڪتابن جي واپسي جو حدف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ته جيئن وڌندڙ مهانگائي جي مقابلي ۾ ايندڙ وسيلن جي استعمال کي گهٽ کان گهٽ رکڻ ۾ مدد ملي سگهي.”