مئی 16, 2025

حيدرآباد عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻن عبدالقادر رانٽي ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پرامن جمهوري جدوجهد وسيلي ئي سنڌو درياهه بچائي سگهجي ٿو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙي ڪاريهر کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي، سنڌين جنرل ايوب، ضياء ۽ مشرف جي مارشل لائن کي پرامن جمهوري جدوجھد وسيلي ختم ڪيو ۽ آمرن ۽ جابرن کي جهڪائي وڌو. ٻٽي بلدياتي نظام ۽ ٻيٽن جي نيلامي خلاف سنڌ جي ماڻهن مسلسل پرامن جمهوري جدوجهد ذريعي ڪاميابيون ماڻيون. سنڌو درياهه ۽ سنڌ ڌرتي بچائڻ واري سنڌين جي پرامن جدوجهد آهي. جنهن کي سنڌ دشمن قوتون سبوتاز ڪرڻ چاهين ٿيون پر سنڌي ان شرپسندي کي رد ڪري پنهنجي پرامن جمهوري جدوجهد جاري رکندا. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ جي آئيني عهدن تي رهڻ باوجود ڪينالن خلاف احتجاج ڪرڻ وارو ڪوڙو ڊرامو بند ڪري. صدر زرداري جي صدارت ۾ ڇهن ڪينالن تي ڪم تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. صدر زرداري ڇهن ڪينالن جي منظوري ڏئي هاڻ ڊرامي بازي ٿو ڪري. سنڌ اسيمبليءَ مان ڪينالن خلاف قرارداد فراڊ کانسواءِ ڪجھ ناهي. پيپلز پارٽي سنڌو درياهه تي ڌاڙي ۾ وفاقي سرڪار جي مڪمل سھولتڪار آهي. پيپلز پارٽي جي ميمبرن جي حمايت کانسواءِ وفاقي سرڪار هڪ ڏينهن به نٿي هلي سگهي. پيپلزپارٽي جي احتجاجن کي سنڌي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي محب وطن عوام سنڌو درياهه جي خلاف تاريخي تحريڪ هلائي آهي. هنن چيو ته پيپلز پارٽي سرڪار ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن لاءِ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين گرين انيشيئٽو ڪمپني حوالي ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن جو وڏو حمايتي آهي. پيپلز پارٽي ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ۽ ايس آئي ايف سي خلاف هڪ اکر ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن تحت سنڌين، سرائيڪن ۽ بلوچن جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، انهن قبضاگيري تحت غيرملڪي سرمائيڪارن جي حوالي ڪيل بنجر زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي.
_____________________________________________________________
منهڙو(پ_ر) منھڙو ڀرسان ڀيڄ پاڳارا اسٽاپ تي عوامي تحريڪ جي ميزبانيء ھيٺ درياه بچايو جلسو ٿيو جنھن ۾ آس پاس جي ڳوٺاڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، پروگرام کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر عبدالستار رند، مير پرويز دائود پوٽو، عوامي تحريڪ ضلع نوابشاھ جي صدر امير مغيري، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ امتياز ڏاھري، راڻو ڪنڊاڻي، فقير علي نواز ڏاهري خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ تي غير قانوني ٺھندڙ ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ لکين ايڪڙ سنڌ جون زمينون ڏيڻ خلاف سنڌ جي ماڻهن جي پر امن جدوجهد جاري آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍي سر سبز سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش رٿي وئي آھي جنھن ۾ سنڌ جي حڪمران پيپلز پارٽي حصيدار آھي. اسان سنڌ جي سمورن باشعور ماڻھن کي گڏ ٿيڻ جي صلاح ڏيون ٿا. اسان چئون ٿا ته اچو ننڍا وڏا عورتون ٻار ٻڍا سڀ گڏجي اسان جي ھلندڙ جدوجھد ۾ اسان سان شامل ٿيو ۽ ڏيڍ سؤ سالن کان سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻندڙ حڪمران ڌر کان حساب ڪتاب وٺون ۽ اسان جا جيڪي به گذر جا وسيلا آھن انھن تي پھريون حق سنڌين جو آھي. سنڌ جا وسيلا سنڌ تي خرچ ڪيا وڃن. سنڌ جون زمينون بي زمين سنڌي ھارين ۾ ورھايون وڃن. اسان جي پر امن جدوجھد جاري رھندي جيسيتائين ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ کي ختم ڪرڻ جو باضابطه اعلان نٿو ڪيو وڃي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے