
– سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ حڪومت سنڌ طرفان ڪروڙ رپين جو چيڪ سنڌ اسڪواش چيمپئن جي عھديدار عدنان اسد جي حوالي ڪيو ويو.
ان موقعي تي راندين واري سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري ۽ سنڌ
اسڪواش چيمپئن جي عھديدار عدنان اسد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي، سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت راندين جي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. انڊر 23 اسڪواش چيمپئن شپ جي منعقد ٿيڻ سان پوري دنيا جا رانديگر ڪراچي ايندا، جيڪي نه صرف راندين جي ترقي ۾ مددگار ٿيندا پر عالمي سطح تي پاڪستان جو بھتر امیج به اڄاگر ٿيندو. هن چيو ته 35 ملڪن جا رانديگر هن ايونٽ ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن، جن ۾ 22 ملڪن جون عورت رانديگراڻيون به شامل آهن. هي چيمپئن شپ 80 ملڪن ۾ لائيو ڏيکاري ويندي، جنهن سان پاڪستان خاص طور تي ڪراچي جو مثالي ماحول سامهون ايندو. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت راندين جي سرپرستي جاري رکندي ۽ اسپورٽس ٽورزم جي هٿي وٺرائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. سنڌ حڪومت هن ايونٽ لاءِ 30 ملين رپيا رکيا ويا آهن ته جيئن عالمي معيار مطابق ان جو انعقاد ممڪن ٿي سگهي. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو "آئي ورڪ فار سنڌ” پورٽل جو افتتاح ڪيو، جيڪو پاڪستان جو واحد پورٽل آهي جتي پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جون نوڪريون موجود آهن. هن وقت تائين 14 لک ماڻهو هن پورٽل کي استعمال ڪري چڪا آهن، جڏهن ته 2000 کان وڌيڪ نوڪرين لاءِ 36,833 درخواستون جمع ٿي چڪيون آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪووڊ کان پوء "ورڪ فرام هوم” جو تصور پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ فوڊ ڊليوري سميت ٻين سهولتن کي پڻ مهيا ڪيو پيو وڃي. هن پورٽل تي هنر مند ماڻهن جي سي وي پڻ موجود هوندي، جنهن سان پرائيويٽ ڪمپنيون باصلاحيت ملازمن جي سهولت حاصل ڪري سگهن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جو مقصد آهي ته صوبي جي لکين نوجوانن کي راندين جي سهولت مهيا ڪئي وڃي. اسڪواش جهڙي راند کي هٿي وٺرائڻ سان نه صرف نوجوانن ۾ آگاھي وڌندي پر بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي تعلقاتن ۾ بهتري پڻ ايندي. عدنان اسد سنڌ حڪومت جي مدد تي شڪریو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ انڊر 23 ورلڊ اسڪواش چيمپئن شپ جو منعقد ٿيڻ هڪ تاريخي موقعو آهي. هن نجی ڪمپنين کي به اپيل ڪئي ته اهڙن رانديگرن جي مدد ڪن، جيڪي مالي طور تي راندين جو سامان نه ٿا وٺي سگھن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪو به رانديگر چيمپئن شپ کٽيندو، ان کي 60 هزار ڊالرز انعام ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي ۽ عالمي رانديگرن کي هتي اچڻ جي دعوت ڏجي ٿي ته جيئن اهي پاڻ هتان جي خوشگوار ماحول جو تجربو ڪن.