
ٺٽو:
اڳوڻي صوبائي وزير سينيٽر سسئي پليجو چيو آھي تہ اسان پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سندس ورسي جي موقعي تي خراج تحسين پيش ڪريون تھا، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو اھو اڳواڻ ۽ وزيراعظم ھو جنھن پاڪستان کي پھریون باضابطہ آئين ڏنو پر افسوس ھر آمر آئين سان ھٿ چراند ڪري ان کي محض ڪاغذ جو ٽڪرو بنائي ڪڏھن ردي ۾ اڇلايو تہ ڪڏھن غير جمھوري حڪومتن ان ۾ من پسند ترميمون آڻي انصاف ۽ عدل تي راتاھ ھڻڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي،
جيڪي عدل ۽ انصاف ۽ برابري تي ٻڌل اصول ۽ آرٽيڪل آھن انھن تي عمل ڪيو ئي ناھي ويو، برابري تي ان ڏينھن ئي. وڏو سواليہ نشان اچي ويو جڏھن سنڌ مان چونڊيل اڳواڻ کي بي ڏوھي ڦاسي چاڙھيو ويو، باقي پنجاب جي وزيراعظم کي ڊيل ڪرائي ٻاھر موڪليو ويو ۽ پوءِ بہ بار بار انھن جي حڪومتون حوالي ڪيون ويون،
آئين جي اـآرٽيڪل 25 موجب سڀ شھري سڀ پاڪستاني برابر ھئڻ کپن پر اڄ بہ نظر ڦيرائبي تہ لڳندو تہ پياري پاڪستان ۾ جيئڻ جو ۽ پرآسائش جيئڻ جو حق صرف لاھور جي شھري کي حاصل آھي پر انھي پياري پاڪستان ۾ نظر وجھبي تہ ملڪ جي آخري دريائي ڇيڙي ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ سميت سامونڊي علائقن ۽ اڪثريتي سنڌ جي ضلعن ۾ زراعت تہ ڇا پيئڻ جو پاڻي بہ ميسر ناھي
اھڑی حالت م پوءِ بہ سنڌ جي پاڻي تي سنڌ دشمن ڪئنال ٺاھڻ جا سانڀاھ ڪيا پيا وڃن، ڇا ھي ايسٽ انڊيا ڪمپني وارن ڏينھن جو راڄ آھي؟، ڇا سنڌ ڪا ڪنھن جي ڪالوني آھي ؟؟ جي ناھي تہ پوءِ سنڌ ۾ جيڪي بہ وسيلا پاڻي ۽ معدني وسيلا انھن جي ورھاست ۾ ايڏي ناانصافي ۽ اڻ برابري ڇو؟، اڄ اھو سوال سنڌ جي ٻچي ٻچي جي زبان تي آھي، گئس ھجي، تيل ھجي يا بجلي سنڌ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ پيداوار وارو صوبو ھئڻ جي باوجود انھن وسيلن ۽ حصول کان وانجھيل ڇو آھي ؟ اسان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي پنجاب جي حڪمرانن، وفاق ۽ ادارن کان پڇڻ چاھيون ٿا تہ جيڪو صوبو سڄي ملڪ کي وسيلن ۽ ناڻي ۾ ھلائي رھيو آھي ان کي مسلسل غربت، اُڃ، بک ۽ افلاس جي ڌٻڻ ۾ ڇو ڌڪيو ويو آھي، ڇا انھن کي سنڌ جا آواز نٿا ٻڌڻ ۾ اچن؟؟؟؟
پنجاب، وفاق ۽ ادارا سنڌ جي پرامن مزاج کي اسان جي ڪمزوري نہ سمجھن، سنڌ جو ماڻھو پرامن ضرور رھيو آھي پر پنھنجي پاڻي، دريا ۽ ٻين وسيلن تي ڌاڙي، ڦرلٽ تی وڌيڪ خاموش نٿو ٿي سگھي، سنڌ مزاحمت ۾ آھي ۽ اھا جدوجھد اڃان تيز ڪرڻ ۾ سنڌ حق بجانب آھي.
سسئي پليجو وڌيڪ چيو تہ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي اڄ سنڌ جون نظرون ڳڙھي خدا بخش ۾ پارٽي جي جلسي ۾ موجود قيادت ڏانھن بہ آھن تہ ھُو سنڌ دشمن ڪئنالن خلاف ڪھڙو فيصلائتو قدم کڻن ٿا، جنھن سان سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙو ختم ٿئي ۽ سنڌ دشمن ڪئنال ھميشہ لاءِ دفن ٿي سگھن.