مئی 16, 2025

حيدرآباد/ مستونگ ۾ اختر مينگل جي ڌرڻي ۾ خودڪش حملو، عوامي تحريڪ طرفان سخت مذمت،

حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي آئيني ذميواري نڀائڻ ۾ سنجيدگي اختيار ڪري، ايڊووڪيٽ وسند ٿري

حيدرآباد مستونگ ۾ بي اين پي (اختر مينگل) جي ڌرڻي ۾ ٿيل خودڪش حملي جي عوامي تحريڪ طرفان مذمت. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو ۽ مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پر امن جلسن، احتجاجن ۽ ڌرڻن جي سيڪيورٽي جي ذميوار حڪومت آهي، رياست جي آئيني ذميواري آهي ته هر شهري جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائي، بي اين پي جي ڌرڻي ۾ ٿيل خودڪش حملو حڪومت جي لاپرواهي جو نتيجو آهي، حڪومت هيڏي وڏي واقعي تي سنجيدگي اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته بي اين پي سربراهه جي ڌرڻي ۾ ٿيل خودڪش حملي جي جاچ ڪري، حملاآور جي پٺڀرائي ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے