مئی 17, 2025

ٽنڊوالهيار ڪارپوريٽ فارمنگ، ڇهه نون ڪئنالن ۽ ارسا ايڪٽ ترميم خلاف عوامي تحريڪ طرفان ڪنڀار هوٽل کان ٽنڊوالهيار پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪئي وئي. ريلي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو به وڏو انگ شريڪ. وفاق واضع ڪر اعلان، ڪئنال کپئي يا پاڪستان، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪريو، ارسا ايڪٽ ترميمي آرڊيننس ختم ڪريو، ايس آءِ ايف سي ختم ڪريو جا پرجوش نعرا هنيا ويا. ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، عبدالرحمان سمون، حنيف سارنگ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سورٺ مڱڻھار، ايڊووڪيٽ نياز بھراڻي، آبادگار عبدالرحمان، محمد بچل سميجو، شمائلا سميجو، سائين بخش جروار ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته پنجاب جا حڪمران ڏاڍ مڙسي ڪري گذريل 172 سالن کان سنڌ جو پاڻي چورائي رهيا آهن، پنجاب کي 172 سالن جي پاڻي چوريءَ جو حساب ڏيڻو پوندو، هندستان ۽ پاڪستان جا پنجابي حڪمران ملي ڀڳت ڪري سنڌو درياهه کائي ويا آهن، سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي ڪونهي پر پنجاب جا ٻوڏن وارا ڪئنال وهي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ پنجاب 9 نوان ڪئنال ٺاهي رهيو آهي. اڳواڻن چيو ته ڪئنالن جي مسئلي تي سنڌ حڪومت جو موقف واضع ناهي، سنڌ سرڪار 170 سالن جو پاڻيءَ جو حساب وٺڻ لاءِ ڪو به تحرڪ نٿي وٺي، پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار مريم نواز حڪومت جي ڪمداري ڪري رهي آهي. هنن چيو ته ڪئنالن خلاف پيپلز پارٽي جو اعلانيل احتجاج هڪ ڊامو آهي، پيپلز پارٽي فيس سيونگ لاءِ ڪوڙا احتجاج ڪري سنڌي قوم جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي رهي آهي، پيپلز پارٽي سنڌي قوم جي جدوجهد کي ڪيش ڪري، بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ چاهي ٿي، پيپلز پارٽي اقتدار جي حاصلات لاءِ سنڌو درياهه وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جون زمينون به وڪرو ڪري ڇڏيون آهن، سنڌ جا وسيلا وفاق حوالي ڪري پيپلز پارٽي صدارتي سيٽ حاصل ڪئي هاڻي سموري سنڌ وڪرو ڪري پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت ٺاهڻ چاهي ٿي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته نواز ليگ جي وفاقي سرڪار پيپلز پارٽي جي ڪلهن تي بيٺل آهي. پيپلز پارٽي جي سهولتڪاري ۾ شهباز سرڪار سنڌ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ کي 1945ع واري پاڻي ٺاهه موجب پاڻيءَ جو حصو ڏنو وڃي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے