
ايڊووڪيٽ ڪوثر ڦلپوٽو
سکر
برصغير ۾ سنڌو درياء کي تهذيبن جي ماءُ سڏيو ويندو آهي۔ انسانذات جي تهذيبي ۽ سماجي اوسر هن درياء جي ڪناري کان ئي شروع ٿي هئي جنهن ڪري پوري دنيا ۾ ”انڊس رور“ Indus civilization جي ڪري ڄاتي سڃاتي ٿي وڃي ۽ تمام گھڻي اهميت جي حامل پڻ آهي۔
هن عظيم تاريخي دريا تي هن وقت وفاقي حڪومت طرفان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ جو منصوبو ٺاهيو ۽ منظور ڪيو ويو آهي جنهن جي خلاف مذمت ۽ مزاحمت سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ مان جاري آهي۔ ڪئنالن جي مسئلي تي سنڌ اهڙو اٿي ۽ گڏ ٿي آهي جنهن کي ڏسي استاد بخاري جي هي سٽ ذهن تي تري ٿي اچي;
"هيءَ قوم اٿي پئي ته پوء محشر کان تکي آ”
هلچلون ۽ تحريڪون هڪ ماليڪيولر پراسس ۾ هونديون آهن ۽ هڪ وقت تي اچي اڀامنديون آهن ان جي پسمنظر ۾ ماڻهن جا سياسي ۽ معاشي مفاد هوندا آهن جيڪي انهن کي اڳتي وڌڻ لاء ۽ جدوجھد ڪرڻ لاء ڌڪيندا آهن سنڌ ۾ پاڻي جي جدوجھد قومي شڪل وٺي وئي آهي سواء مٿين طبقي جي هر طبقي جي ماڻهن حصو ورتو آهي, جن ۾ ننڍا ننڍا گروپ پڻ شامل آهن ۽ ننڍن ننڍن ماليڪيولر گروپس کي هڪ ڪاز تي گڏائبو ته مزاحمت ڪرڻ سکبي ۽ ان گڏيل مزاحمت جو پريشر ايترو ته سگھارو نڪرندو جو غدار طبقن کي غداري نه ڪرڻ لاء مجبور ڪري سگھبو۔
پاڻي مين سروائيول آهي جتي پاڻي آهي اتي زندگي آهي, جدوجھد آهي, مزاحمت آهي, تهذيب آهي, قوم آهي ۽ قومي ٻڌي آهي ۽ اهائي قومي ٻڌي دشمن جو مقابلو ڪندي جيستائين معاشي ۽ قومي مفادن تي گڏ نه ٿبو تيستائين دشمن جو مقابلو نه ڪري سگھبو۔
سنڌ ۾ مزاحمت جي تاريخ تمام ڊگھي آ سنڌ هر دٶر ۾ وڙهي آهي هر ظالم ۽ جابر سان مهاڏو اٽڪايو آ پنهنجي ڌرتي ۽ حقن جي حفاظت ڪئي آ سنڌ جي تاريخي مزاحمتي جدوجھدن ۾ سنڌ جي بمبئي کان آزادي, ون يونٽ تحريڪ,ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپرايو, ايم آر ڊي تحريڪ, ڪالا باغ ڊيم تحريڪ ۽ گذريل چئن ڏهاڪن کان ڪئنالن واري تحريڪ سرفهرست آهن۔ هنن مزاحمتي تحريڪن ۾ سنڌي عوام ٻارين ٻچين وڙهيو آهي هر ماڻهو پنهنجي وت آهر ظالمن ۽ سامراج کي للڪاريو آهي اتي سنڌي عورت جو ڪردار پڻ هراول دستي جيان رهيو آهي, جڏهن ڪنهن به خطي تي قدرت مهربان ٿيندي آهي ته اتي قدرت جي طرفان ڪو نه ڪو بي بها خزانو نڪري پوندو آهي ايئن ئي سنڌ تي به قدرت مهربان ٿي جو سنڌ ۾ ”رسول بخش پليجو“ سنڌياڻي تحريڪ جو بنياد وڌو ۽ گذريل اڌ صدي کان اهائي سنڌياڻي تحريڪ هر مزاحمتي جدوجھد جو بنياد وجھندڙ انقلابي نظريي سان ليس مستقل مزاجي سان جدوجھد ڪندڙ برصغير جي واحد عورتن جي وڏي ۽ ڪميٽڊ قومپرست نظرياتي عورت سجاڳ سياسي تنظيم طور پنهنجو ڪردار ڪاميابي سان نڀائيندي رهي آهي۔
هينئر به هن ڪئنالن واري جدوجھد جي شروعات ڪندڙ سنڌياڻي تحريڪ ئي آهي جڏهن 17/11/2024 تي سڀ کان پهرين ڪراچي ۾ سنڌياڻي تحريڪ لکين ماڻهو گڏ ڪري ”وفاق توسان,جھيڙو آ” "زرداري توسان,جھيڙو آ” "ڪينال ٿو ٺاهين, جھيڙو آ” جھڙا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ته انهن نعرن جي گونج ڪراچي کان ٿيندي اسلام آباد جي اقتدار جي ايوانن ۾ وڃي ٿرٿلو مچايو۔
قائد انقلاب رسول بخش پليجو جي "وڏن وارن واري فوج” اتي ٿڪجي ٽٽي نه ويٺي پر ڪراچي کان ويندي سکر ۽ ڪشمور تائين ڪيٽي بندر کان ڪارونجھر تائين سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ جلسا ۽ جلوس ڪيا, ڪانفرنسون ڪيون نعرا هنيا ۽ عوام کي سجاڳ ڪيو اڄ سنڌ جي هر گھٽي هر گھر مان ۽ هر موڙ تان هر ماڻهو هر ٻار اهو ئي چوي ٿو ته “وفاق توسان جھيڙو آ, پاڻي خاطر جھيڙو آ”
سنڌياڻي تحريڪ سماج ۾ بلڪل هڪ نئين راھ Experience ڪئي آهي جيڪا عام عورت جي راھ ۽ vision کان بنھ مختلف آهي۔
هيءَ واٽ ڪڇ تي ٻار کڻي هلندڙ ٻهراڙي جي نج ۽ سادي عورت جي واٽ آهي جيڪا ڏسڻ ۾ ته بنھ سادي سودي آ پر جڏهن پر جڏهن مزاحمت تي لهي ٿي ته وڏن جرنلن ۽ سو ڪالڊ عوامي مينڊيٽ وارن جا گوڏا کوڙائي ٿي ڇڏي, ان وٽ وڏن برانڊس ۽ اين جي اوز جي فنڊز جي چمڪ نه آهي پر ان وٽ پورهيت انقلاب جي نظريي جي طاقت آهي جنهن ڪري ان جي للڪار ۾ پڻ اثر آهي. بغاوت ۾ ڀريل عورت جي للڪار ايوانن جي ديوارن ۾ ڏار ٿي وجھي ڇڏي۔ اها ٻهراڙي جي مظلوم ۽ محڪوم عورت ئي آهي جيڪا سنڌ جي مزاحمتي تاريخي ڊسڪورس جو بنياد رکي ٿي۔
پاڻيءَ جو مسئلو ڪنهن به ٻئي انتظامي مسئلي کان وڌيڪ پيچيده آهي ڇو ته پاڻي کان سواءِ زندگي ممڪن ئي نه آهي پاڻي survival of life آهي جتي پاڻي آهي اتي تهذيب آهي ۽ تهذيبن کي بچائڻ ۽ وڌائڻ واري ماءُ ئي هوندي آهي۔ پاڻي جي جدوجھد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو ڪردار ماءُ وارو آهي سنڌياڻي تحريڪ هن جدوجھد ۾ سنڌياڻي,ڌرتي ڌياڻي ۽ تهذيب يافته ماءُ طور وڙهي ۽ اڳيان رهي آهي۔