
ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه سنڌ جي گورنر محمد ڪامران ٽيسوري سان پنهنجي ڪابينا جي گڏ يوم پاڪستان جي مناسبت سان ملڪ جي باني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڏني. ميڊيا سان گالهائيندي وڏي وزير 23 مارچ 1940 جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وڏي وزير چيو ته اڄ قرارداد جي 85هين سالگره آهي. هن تاريخي موقعي تي پاڪستان جي باني جي خواب مطابق پاڪستان جي تاريخ کي ترقي لاءِ دعا ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هي ملڪ هڪ اسلامي جمهوري رياست جي حيثيت سان ترقي ڪندو رهندو. مراد علي شاهه پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جي حوالي سان سنڌ جي اهم ڪردار تي روشني وجهندي چيو ته 3 مارچ 1943 تي سنڌ اسمبلي سڀ کا پهرين پاڪستان جي قرارداد جي منظوري ڏني. هن چيو ته آزادي جي هي جدوجهد 14 آگسٽ 1947 تي پنهنجي عروج تي پهتي، جڏهن پاڪستان اسلامي اصولن تي قائم هڪ آزاد ملڪ جي طور تي ظاهر ٿيو. اڄ ملڪ کي پيش ايندڙ چيلنجز جي حوالي سان مراد علي شاهه دهشگردي خلاف قومي اتحاد ۽ اقتصادي ترقي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سڀني شهرين تي زور ڀريو ته هو ملڪ دشمن طاقتن خلاف هڪ ٿين جيڪي پاڪستان جي استحڪام لاءِ خطرو آهن ۽ قوم کي پيش ايندڙ ڪنهن به خطري خلاف سڀ کي هڪ ٿيڻو پوندو. مراد علي شاهه 1971ع جي المناڪ واقعن جو به ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڪهڙي ريت اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار ڀٽو پاڪستان جي ٻيهر تعمير ۽ متحد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته 1977ع ۾ جڏهن هڪ فوجي آمر چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته جمهوري عمل ۾ خلل پيو ۽ گهڻن ماڻهن ان کي ملڪ جو ڪارو ترين دور قرار ڏنو. هن دهشتگردي جي عروج کي آمر جي دور سان ڳنڍيندي چيو ته آئين جي معطلي جا سنگين نتيجا نڪتا. خيبر پختونّخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن سميت جعفر ايڪسپريس تي حملي ۽ نوشڪي، قلات ۽ بنون ۾ پيش ايندڙ واقعن تي تبصرو ڪندي مراد علي شاهه قومي سلامتي جي اهميت تي زور ڀريو. هن اهڙي جماعتن تي تنقيد ڪئي جن پهرين قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاسن ۾ شرڪت کي نظرانداز ڪيو ۽ هن ڳالهه جو عزم ڪيو ته دهشتگردي کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ گهرجي. وڏي وزير عوام تي زور ڀريو ته هو پاڪستان جي ڏينهن ملڪ جي خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائين. هن تمام سياسي قوتن جي زور ڀريو ته هو هڪ ٿي پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وٺن، جهڙي ريت شهيد ذولفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ايٽمي طاقت ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو هو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو قومي دفاع لاءِ ميزائل ٽيڪنالوجي کي هٿي وٺرائي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ ۽ دهشتگردن جي پٺڀرائي ۾ غير ملڪي عنصرملوث آهن ۽ ان خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ متحد محاذ جي ضرورت آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ سنڌ حڪومت قومي ترقي ۽ قومي سلامتي لاءِ پرعزم آهي. مراد علي شاهه فلسطين ڪشمير ۽ يمن جي ظلم سميت مسلم دنيا کي پيش ايندڙ چيلنجز تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن لاهور ۾ تاريخي اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي ميزباني ڪرڻ واري شهيد ذولفقار علي بهٽو جي قيادت جو حوالو ڏيندي چيو ته اسلام دشمن قوتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اسلامي قومن جي وچ ۾ اتحاد کي هٿي ڏيڻ لازمي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واضح پيغام ڏنو ته ڪو نئون ڪئنال نه ٺهي رهيو آهي. عوام جي خدشن کي گهٽائيندي هن چيو پاڪستان پيپلزپارٽي (پ پ پ) جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ذاتي طور تي مختلف علائقن جو دورو ڪندو ۽ شهرين کي يقين ڏياريندو ته اهڙا ڪي به ڪئنال نه ٺاهيا ويندا.هن ان ڳالهه جو عزم ڪيو ته ڪڏهن به ڪنهن قسم جي غلط معلومات سامهون آيون ته هن جي وضاحت ڪئي ويندي. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ جڏهن به ڪئنالن جي تعمير جا منصوبا ٺهندا ، وڌيڪ ڪنهن به آباديءَ کي بي گهر نه ڪيو ويندو. جيڪڏهن پاڻي محفوظ ڪرڻ بعد آبادي ۾ ڪنهن واڌ کي ممڪن سمجهيو ويندو آهي ته سنڌ حڪومت ان سهولت لاءِ تعاون ڪندي. مراد علي شاهه چيو ته چيئرمين بلاول بهٽو زرداري جي قيادت ۾ خاص منصوبن سان گڏ سندس حڪومت پهرين ئي ڪوآپريٽوفارمنگ ڏانهن وڌي رهي آهي زراعت جو وزير ۽ ڪوآپريٽو کاتو انهن شروعاتن تي محنت سان ڪم ڪري رهيا آهن. وڏي وزير حيدرآباد سکر موٽروي جي تعمير ۾ سست روي ته پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. منصوبي کي اڳتي وڌائڻ جي ڪيترين ئي ڪوششن جي باوجود ان تي ڪم شروع نه ٿي سگهيو. هن زور ڏنو ته هي موٽر وي نه صرف سنڌ لاءِ پر سڄي پاڪستان لاءِ آهي ڇو ته ان سان واپار ۾ نمايان اضافو ٿيندو. مراد علي شاهه چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت موٽر وي لاءِ فنڊ مختص ڪيا ويا آهن، پر هن ترجيح جي تصديق نه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جڏهن هي مسئلو پهريون ڀيرو قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (ايڪنڪ) ۾ اٿاريو ويو هو ته سنڌ اعتراض ڪيو هو . اهو روڊن جي تعمير بابت نه هو پر برابري واري ترقي جي غير موجودگي بابت هو جيڪو آئين طرفان لازمي قرار ڏنو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته حيدرآباد-سکر موٽر وي کي ٻين ضلعن سان ڳنڍڻ بدران ان جي تعمير پهرين مڪمل ڪئي وڃي. هن اهو پڻ چيو ته جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت منصوبي ۾ حصو وٺڻ جي پابند ناهي پر منصوبي جي تڪميل کي تيز ڪرڻ لاءِ اهو ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ماضي ۾ ڪراچي-ٺٽو موٽر وي، جيڪو هڪ وفاقي منصوبو هو وفاقي اختيارين پاران ڪا به اڳڀرائي نه ٿيڻ جي ڪري سنڌ حڪومت ڪجهه حد تائين فنڊ فراهم ڪيا هئا. ساڳئي طرح ڄامشورو.سيوهڻ روڊ جي واڌ لاءِ سنڌ 50 سيڪڙو فنڊ فراهم ڪيا پر 8 سال گذرڻ جي باوجود وفاقي حڪومت ان کي مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. صوبائي خودمختياري جي حوالي سان ڳالهائيدي وڏي وزير واضح ڪيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن به وفاقي اداري کي صوبي جي رضامندي کانسواءِ صوبي ۾ منصوبا شروع ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي ڇو جو اهڙي طرح جي قدمن سان ڊپليڪيشن ٿي ويندي آهي ان حوالي سان هن ماضي جي مثالن جو حوالو ڏنو.،خاص طور عمران خان جي دور ۾ جتي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران هڪ جهڙا منصوبا شروع ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ خاميون پيدا ٿيون . مراد علي شاهه وفاقي حڪومت تي زور ڏنو ته پاڻي جي مسئلي سميت سڀني التوا واري مسئلن تي بحث لاءِ سي سي آءِ جو اجلاس گهرايو وڃي. پنهنجي خطاب جي پڄاڻي ۾ وڏي وزير پاڪستان جي مسلسل ترقي لاءِ دعا ڪئي ۽ سڀني شهرين تي زور ڏنو ته هو ملڪ جي دفاع لاءِ تيار رهن. هن ان ڳالهه جو عزم ڪيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي قيادت ۾ قومي ترقي ۽ اسحتڪام لاءِ ڪم جاري رکندي.