مارچ 11, 2025

ڪراچي، سنڌ حڪومت انساني حقن ۽ پورهيتن جي حقن جي مضبوطيءَ لاءِ پنهنجي واعدي تي قائم آهي، ان جو اظهار وڏي وزير جي انساني حقن جي کاتي بابت خاص مددگار راجوير سنگھ سوڍا ڪيو. هن نشاندهي ڪئي ته صوبائي حڪومت آئينِ پاڪستان ۾ درج بنيادي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سرگرم عمل آهي.

پاڪستان اڪارڊ جي ميزباني هيٺ مقامي هوٽل ۾ ڪوٺايل ٻه ڏينهن طويل صلاحيت وڌائڻ واري ورڪشاپ جي اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي، راجویر سنگھ سوڍا انساني حقن واري کاتي جي انهن ڪوششن کي اجاگر ڪيو، جيڪي پورهيتن جي حقن جي تحفظ ۽ ملازمن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ جاري آهن. هن واضح ڪيو ته معاهدي تي عملدرآمد لاءِ سيل (TIC) ۽ قومي ايڪشن پلان براءِ ڪاروبار ۽ انساني حق جهڙا قدم پاڪستان کي عالمي انساني حقن ۽ پورهيتن جي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

راجوير سنگهه سوڍا وضاحت ڪندي چيو ته انساني حقن واري کاتي جي اڳواڻيءَ ۾ سرڪار مختلف رٿائن جي شروعات ڪئي آهي، جيڪي انساني حقن جي نگراني ۽ عملدرآمد جي ميڪانيزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون. انهن رٿائن مان هڪ خاص نئين فارغ التحصيل شاگردن کي انٽرني طور ڀرتي ڪرڻ آهي، جيڪي هر ضلعي ۾ مقرر ٿيندا ته جيئن انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي نگراني، دستاويز بندي، ۽ انهن جي ازالي ۾ مدد ڪري سگهن. "هيءَ رٿا نه رڳو اسان جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ واري نظام کي بهتر بڻائيندي، پر پورهيتن ۽ انساني حقن سان لاڳاپيل شڪايتن جي تڪڙي ازالي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي،” هن وڌيڪ وضاحت ڪئي.

سنڌ حڪومت جي جامع حڪمت عمليءَ تي روشني وجهندي، خاص مددگار نشاندهي ڪئي ته انساني حقن وارو کاتو عالمي ادارن ۽ لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي پورهيتن جي حقن، ملازمن جي تحفظ، ۽ ڪاروباري قاعدن ۾ سڌاري لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هن عالمي برانڊن سان وڌيڪ سهڪار جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن واپار جا موقعا وڌن، روزگار جون حالتون بهتر ٿين، ۽ سنڌ ۾ اخلاقي ڪاروباري قدرن کي هٿي ملي.

راجوير سنگهه سوڍا چيو ته هڪ مضبوط انساني حقن جو ڍانچو پائيدار معاشي ترقيءَ ۽ سماجي انصاف لاءِ نهايت ضروري آهي. اسان ڪم جي ماحول کي محفوظ بڻائڻ، پورهيتن کي مناسب اجرت فراهم ڪرڻ، ۽ مزدورن جي استحصال کي روڪڻ لاءِ پرعزم آهيون،”

هن پاڪستان اڪارڊ ۽ آرپ انجنيئرز جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته انهن جي تربيت جي ذريعي 50 سرڪاري آفيسرن کي باهه جي روڪٿام، عمارتن جي سلامتي، ۽ بين الاقوامي قاعدن جي پاسداري بابت سکيا ڏني وئي، جيڪا انهن جي فني صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي.

هن خاص طور تي پاڪستان اڪارڊ پروگرام جي اثرن تي روشني وڌي، جنهن تحت 500,000 پورهيتن لاءِ محفوظ ڪم جا هنڌ قائم ڪيا ويا ۽ انهن کي پيشه ورانه صحت ۽ سلامتيءَ بابت خصوصي تربيت فراهم ڪئي وئي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے