مارچ 11, 2025

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو صدر آصف علي زرداري پاران تڪراري ڪئنال منصوبي جي مخالفت ڪرڻ واري اعلان جي آجيان ڪندي سندس اعلان کي ڪئنال منصوبي جي خلاف پيپلز پارٽيءَ جو واضع موقف قرار ڏيندي چيو آھي ته وفاقي حڪومت هنن تڪراري ڪئنال منصوبي تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري نه ته يپلز پارٽي به تڪراري ڪئنال منصوبن خلاف تحريڪ هلائيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. نثار کهڙو چيو آهي ته صدر آصف علي زرداريءَ تڪراري ڪئنال منصوبي جي مخالفت جو اعلان ڪري سیاسی مخالفن پاران پيپلز پارٽيءَ تي ڪئنال معاملي تي ڌر هجڻ ۽ ٻٽو معيار هجڻ وارن لڳندڙ الزامن کي دفنائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته آئيني طور تي پاڻي تڪرار جي حل يا ڪنهن ڪئنال سميت ڪنهن به ترقياتي منصوبي جي منظوريءَ جو آئيني فورم ايوان صدر ناهي. ان بابت آئيني فورم ايڪنڪ، اين اِي سي ۽ سي سي آءِ آهن جن آئيني فورمن تي اڃان تائين هنن ڪئنال منصوبن جي ڪا به منظوري نه ٿي آهي صرف نگران حڪومت ۾ ارسا پاران پاڻيءَ جي واڌو موجودگيءَ جي غيرآئيني طور تي اين او سي جاري ٿيڻ جي روشنيءَ ۾ صرف سي ڊي ڊبليو پي هنن ڪئنالن واري منصوبي جي منظوري ڏني جنهن جو پڻ سي ڊي ڊبليو پي کي آئيني اختيار ناهي نه ئي سي ڊي ڊبليو پي ڪو حتمي فورم آهي. هن چيو ته صدر مملڪت تڏهن ئي ڪا منظوري ڏيندو آهي جڏهن پارليامينٽ، سينيٽ يا گڏيل ايوان مان ڪنهن بل تي ڪا قانونسازي ٿئي يا ڪو بل منظور ٿئي پر جيسيتائين هنن تڪراري ڪئنال منصوبن جو تعلق آهي ته ان بابت صدر مملڪت پاران نه ڪو آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي نه ئي هن منصوبي بابت پارليامينٽ، سينيٽ يا صوبائي اسيمبلين مان ڪا قانونسازي ٿي آهي نه ئي ايوانن مان ڪو بل منظور ٿيو آهي ته پوءِ هنن تڪراري ڪئنال منصوبن ۾ پيپلز پارٽيءَ تي ڌر هجڻ جا الزام مناسب ناهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي هنن تڪراري ڪئنال منصوبن جي سڀ کان وڏي مخالف آهي جنهن ڪري پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت هنن تڪراري ڪئنال منصوبن خلاف سڀني آئيني فورمن تي سنڌ جو ڪيس وڙهڻ جي تياري ڪري چڪي آهي جنهن لاءِ سنڌ بار بار وفاقي حڪومت کي آئين جي آرٽيڪل 153 تحت سي سي آءِ جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪندي رهي آهي پر وفاقي حڪومت گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس نه گهرائي آئين جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. هن چيو ته آئين تحت هر ٽن مهينن ۾ وفاقي حڪومت سي سي آءِ اجلاس گهرائڻ جی پابند آهي پر اڃان تائين ڪو به اجلاس نه گهرايو ويو آهي. هن چيو ته صوبن جي مرضيءَ جي بنا ڪو به ڪئنال ٺهي نه ٿو سگهي، وفاقي حڪومت تڪراري ڪئنال منصوبن جو بغير ڪنهن آئيني فورمن جي منظوريءَ جي هڪ طرف فيصلو ڪري ننڍن صوبن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ عوام جي احتجاجن ۽ آواز جو نوٽيس وٺي ۽ فوري طور هنن تڪراري ڪئنال منصوبن تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري عوام م پيدا ٿيل بيچيني کي ختم ڪري نه ته پيپلز پارٽي به هنن تڪراري ڪئنال رٿا خلاف تحريڪ هلائيندي. نثار کهڙو چيو ته پاڻيءَ جي 1991ع معاهدي تحت سنڌ کي پوري حصي جو پاڻي نه پيو ڏنو وڃي ۽ پاڻي کوٽ جي صورت ۾ سڀني صوبن ۾ برابري جي بنياد تي پاڻيءَ جي کوٽ ورهائي ويندي آهي پر ڪجهه ڏينهن اڳ ارسا پاران سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 24 سيڪڙو جي ايڊوائزري جاري ڪرڻ سنڌ سان زيادتي آهي. هن چيو ته هڪ طرف ارسا پاران پاڻيءَ جي کوٽ جي ايڊوائيزري جاري ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف سسٽم ۾ واڌو پاڻي موجود ئي ناهي ته پوءِ هنن ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان آندو ويندو؟. هن چيو ته جنهن ستلج کان سليمان ڪي بئراج ذريعي چولستان کي پاڻي فراهم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ته اِهو ٻڌايو وڃي ته ستلج درياهه کي پنهنجو پاڻي ئي ڪونهي ته پوءِ ستلج ذريعي چولستان کي پاڻي ڪيئن فراهم ڪيو ويندو. سنڌ کي اِهو خدشو آهي ته سليمان ڪي ۽ رسول بئراج جي ري ماڊلنگ ڪري چشما جهلم لنڪ ڪئنال جيڪو فلڊ ڪئنال آهي ان کي مسلسل وهائي ان مان پاڻي کنيو ويندو جنهن سان سنڌ وڌيڪ بنجر بڻجي ويندي. هن چيو ته اِهو ڪٿان جو انصاف آهي ته هڪ صوبي جون بنجر زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ٻئي صوبي جي زرخيز زمينن کي وڌيڪ بنجر بڻايو وڃي، سنڌ کي اِهو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ارسا جو ادارو پڻ وفاق ۽ هڪ صوبي جي اڪثريت جي بنياد تي سنڌ جا جائز آئيني مطالبا رد ڪري رهيو آهي ان ڪري اسين مطالبو ٿا ڪيون ته ارسا ۾ وفاقي ميمبر پڻ سنڌ مان کنيو وڃي ته جيئن ارسا جي جوڙجڪ يڪسان نظر اچي سگهي. هن چيو ته سنڌ ۾ هنن تڪراري ڪئنالن جي خلاف احتجاج عوام جو آواز آهي ۽ پيپلز پارٽي هنن تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ جو ڪيس سڀني آئيني فورمن تي وڙهندي. نثار کهڙو چيو ته اسين وفاقي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته ڪوٽڙي کان هيٺ گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏيو وڃي ۽ پاڻي جي ورڇ پيرا 2 تحت ڪئي وڃي ۽ تونسا کان گڊو بئراج تائين پاڻي چوري جي روڪٿام ۽ وهڪرن جي مانيٽرنگ لاءِ ٽيلي ميٽري سسٽم لڳايو وڃي ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند ڪئنال جيڪي فلڊ ڪئنال آهن انهن لنڪ ڪئنالن ۾ پاڻي جي کڻت وڌائڻ بند ڪئي وڃي. هن چيو ته پاڻيءَ جي جنگيون ٿينديون آهن ۽ پيپلز پارٽي پڻ پاڻي جي مسئلي تي ڀرپور مقابلو ڪندي ان لاءِ وفاقي حڪومت غيرآئيني قدم کڻڻ کان پاسو ڪري. هن چيو ته ماضيءَ ۾ جڏهن نواز شريف ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو ته پوءِ سنڌ جو ردعمل ڏسندي مسلم ليگ ن جي حڪومت کي ئي ڪالاباغ ڊيم تان هٿ کڻڻو پيو ۽ هاڻي وري مسلم ليگ ن جي وفاقي حڪومت هن تڪراري چولستان ڪئنال سميت ٻين ڪئنال منصوبن تان هٿ کڻڻ جو واضع اعلان ڪري.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے