
ڪراچي
چيني سيڙپڪارن جي هڪ وفد سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ڪراچي ۾ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سنڌ ۾ اي وي گاڏين ۾ سيڙپڪاري بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيني وفد کي سنڌ ۾ اي وي مينوفيڪچرنگ پلانٽ قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني.
ملاقات ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دايو پڻ شرڪت ڪئي.
چيني وفد سان ڳالهائيندي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن کي ضروري رعايتون ۽ ڪاروبار دوست ماحول جون سموريون سهولتون فراهم ڪندي.
هن چيو ته سيڙپڪاري جي لحاظ کان پاڪستان، خاص طور تي سنڌ، اسٽريٽجڪ لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو. سنڌ ۾ بندرگاهون، وڌندڙ روڊ نيٽ ورڪ، ۽ وڏي پيماني تي افرادي قوت موجود آهي.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مستقبل اليڪٽرڪ گاڏين جو آهي، ۽ سنڌ هن تبديلي ۾ ليڊرشپ ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اسان بين الاقوامي سيڙپڪارن کي دعوت ڏيون ٿا ته هتي اي وي مينوفيڪچرنگ پلانٽس قائم ڪن. انهن پلانٽس سان معيشت کي هٿي ملندي ۽ هزارين نوڪريون پيدا ٿينديون.
ملاقات دوران چيني وفد سنڌ جي اي وي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ صنعتي ترقي لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي، قابل تجديد توانائي، بنيادي ڍانچي جي ترقي، ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ امڪاني شراڪت داري تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.