مارچ 12, 2025

ڪراچي

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته متحده سدائين ٻين جي ميتن کي پنهنجي سياست لاءِ استعمال ڪيو آهي. فاروق ستار ۽ ٻيا متحده اڳواڻ ذهن نشين ڪري ڇڏين ته الزام لڳائڻ سان سندن قد وڏو نه ٿيندو.

ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ظاهر ڪندي، سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي جا ماڻهو ڏهاڪن تائين متحده جي تشدد ڀريي ڌمڪين واري سياست جي رحم و ڪرم تي رهيا. هاڻ جڏهن متحده جون ڌمڪيون ڪم نه پيون ڪن، ته اهي عوام کي ڀڙڪائي حادثن جي آڙ ۾ فساد جون ڪوششون ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته متحده اڳواڻ فاروق ستار جا الزام بي بنياد، ڪوڙا ۽ منافقت تي ٻڌل آهن. فاروق ستار کي پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت تي الزام لڳائڻ کان اڳ پنهنجي ڪاري تاريخ تي نظر وجهڻ گهرجي.

سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت تي الزام لڳائيندڙ ماضي ۾ شهر جي امن ۽ ترقي کي تباھ ڪرڻ ۾ ملوث رهيا آهن. لساني فساد، تشدد، ڀتي خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ متحده جو وڙ رهيو آهي.

هن چيو ته آفاق احمد جي گرفتاري قانون مطابق ٿي آهي، ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي. متحده هاڻي واڳون وارا ڳوڙها وهائڻ بند ڪري.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مصروف آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم رڳو ڏڦيڙ ڦهلائڻ ۾ رڌل آهي. پشتونن ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ نفرت وڌائڻ جي سازش متحده پاڻ ڪندي آئي آهي. عوام چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته اصل فسادي ڪير آهن.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے