مارچ 28, 2025

هالا سنڌو درياهه ۽ سنڌ جي زمينن جي وڪري خلاف ڀٽ شاهه ۾ هزارين هارين جو اجتماع، ملڪگير هاري ڪانفرنس. سنڌ، پنجاب، ڪي پي، بلوچستان ۽ سرائيڪي وسيب سميت سموري ملڪ جي هاري اڳواڻن ڇهه نون ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي رد ڪري ڇڏيو، نون ڪئنالن ۽ ڊيمن جو ڪم فوري طور روڪي سنڌوءَ جا تاريخي وهڪرا بحال ڪرڻ جو مطالبو. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ جي سهڪار سان پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي طرفان ڀٽ شاهه ۾ ملڪگير هاري ڪانفرنس، ڪانفرنس ۾ سموري ملڪ جي هارين سنڌو درياهه جي تحفظ لاءِ اڪثريت راءِ سان قراردادون منظور ڪري ورتيون، ملڪگير هاري ڪانفرنس گرين پاڪستان منصوبن کي هاري دشمن منصوبا قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.

زرعي ٽيڪس بل زراعت تي حملو قرار. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ملڪ کي آءِ ايم ايف جو غلام بڻايو ويو آهي، آءِ ايم ايف ۽ ٻين سامراجي ادارن جي فرمائش تي ميڊيا ۽ عدليا کي قيد ڪيو ويو آهي. 26هين آئيني ترميم ۽ پيڪا ايڪٽ ترميمي بل سامراجي مفادن جي تحفظ لاءِ پاس ڪيا ويا آهن، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌو درياهه جو پاڻي سنڌين کان ڦري غيرملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته گرين پاڪستان، زرعي انقلاب، اڙان پاڪستان جهڙن خوبصورت نعرن ذريعي هارين کي بي دخل ڪيو پيو وڃي، ملڪ وڪرو ڪيو پيو وڃي، ملڪ جون زمينون غيرملڪي ڪمپنين کي ڏئي ملڪي سالميت داءُ تي لڳائي وئي آهي. پيپلز پارٽي اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو ڏئي سنڌي قوم کان ٽئين شيون ڦري ورتيون، هاڻي وري بلاولشهباز اتحادي سرڪار گرين پاڪستان جو نعرو هڻي، سرسبز سنڌ کي ريگستان بڻائڻ چاهي ٿي. ڪانفرنس ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، چولستان رٿا ۽ گريٽر ٿل ڪئنال خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ڪانفرنس ۾ سنڌياڻي ثقافتي گروپ طرفان ٽيبلوز پيش ڪيا ويا، قومي فنڪارن گيتن ذريعي سنڌوءَ تي ڌاڙن خلاف آواز بلند ڪيو. ڪانفرنس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري فاروق طارق، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفيٰ چانڊيو، عوامي ورڪرز پارٽي جي فيڊرل سيڪريٽري بخشل ٿلهو،حقوق خلق پارٽي جي جنرل سيڪريٽري عمار علي جان، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي اڳواڻ عاليه بخشل، عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، انجمن مزارين پنجاب جي صدر مهر غلام عباس، سنڌ هاري پورهيت ڪميٽي جي صدر فيض ڪيريو، ڪسان ڪرڪيه تنظيم مردان جي اڳواڻ گلزار خان، حقوق خلق پارٽي جي اڳواڻ رفعت مقصود، حسنين جميل فريدي، هاري جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻ علي کوسو، عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي سينيئر نائب صدر يونس راهو، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري، درياهه خان زئور، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، لال جروار، عبدالقادر رانٽو، اديب پروفيسر مشتاق ميراڻي، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر نويد عباس ڪلهوڙو، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي آرگنائزر ايڊووڪيٽ ڪونج لاشاري، پروگريسو اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي صدر علي احمد جتوئي، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر فاضل کوسو، مريم انڙ، شمشاد لغاري، علي نواز ڏاهري، بلاول لاشاري ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته مريم نواز هڪ اداري جي سربراهه سان گڏجي چولستان ۾ گرين پاڪستان منصوبي جو افتتاح ڪري، سنڌ کي ريگستان بڻائڻ جي سازش کي عملي جامو پهرايو آهي، پيپلز پارٽي جي مجرماڻي ماٺ ٻڌائي ٿي ته پيپلز پارٽي صدارتي سيٽ عيوض سنڌو درياهه وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته چولستان ڪئنال ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو پيو وڃي، هڪڙي پاسي چولستان جي زمينن تي قبضا ڪري، مقامي هارين کي بي دخل ڪيو پيو وڃي ته ٻي طرف سنڌ جو پاڻي چورائي، انهن قبضا ڪيل زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ چولستان ڪئنال ٺاهيو پيو وڃي. ڪارپوريٽ ڪمپنين کي سنڌو درياهه جو پاڻي وڪرو ڪرڻ لاءِ صدر زرداري ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي آهي، صدر زرداري سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا نيلام ڪرڻ لاءِ اقتدار تي ويهاريو ويو آهي، صدارتي سيٽ عيوض صدر زرداري سنڌ وڪرو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سموري ملڪ جي هارين جا اڪثر مسئلا ساڳيا آهن، هارين کي فصلن جو مناسب اگهه نٿو ملي. ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سموري ملڪ ۾ هارين کي بي دخل ڪيو پيو وڃي، زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. چولستان جيان سنڌ جي ڪاڇي، ٿر، عمرڪوٽ سميت سنڌ جي چپي چپي تي قبضو ڪيو پيو وڃي، گولاڙچي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڳوٺاڻن کي جبري طور لڏايو پيو وڃي.
پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي سيڪريٽري فاروق طارق چيو ته پنجاب ۾ اسان ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف ۽ سنڌ جي ماڻهن سان گڏجي پاڻي جي منصفانه ورڇ لاءِ وڙهي رهيا آهيون. اسان مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌو درياءَ تي ڇهن نون ڪينالن جي تعمير کي فوري طور تي روڪيو وڃي. اسان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪارپوريٽ فارمنگ کي ختم ڪيو وڃي ۽ زمينون بي زمين هارين ۽ آبادگارن ۾ ورهايون وڃن.
سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفيٰ چانڊيو چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي هارين کي غلام بڻائي سنڌ درياهه وڪرو ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽي جاگيرداري نظام کي مضبوط ڪري سنڌ کي اونداهي دور ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، پيپلز پارٽي جو اقتداري دور سنڌ جي تاريخ جو ڪارو دور آهي، پيپلز پارٽي آمرن ۽ جابرن کان وڌيڪ سنڌ جي ڦرلٽ ڪئي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي مڙهيل جاگيرداري نظام جو خاتمو ڪري، سنڌو درياهه جو تحفظ ڪرڻ سنڌ جي هارين جو اولين فرض آهي.
عوامي ورڪرز پارٽي جي فيڊرل سيڪريٽري بخشل ٿلهو چيو ته سنڌو درياه مان ڇهه ڪئنال ٺاهڻ ختم ڪريو. ڪارپوريٽ فارمنگ ختم ڪري زمينون بي زمين هارين کي ڏيو. ڪڻڪ ۽ ٻين زرعي جنسن تي رعايتي اگهه جو فيصلو ڪري عمل ڪرايو. هن وڌيڪ چيو ته پيڪا قانون ۽ ايس آئي ايف سي جهڙا ادارا ٺاهڻ بند ڪريو.
هاري ڪانفرنس ۾ سنڌياڻي ثقافتي گروپ طرفان قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪيا ويا. ٻارڙن ۽ ٻارڙين طرفان سنڌو درياه کي ڀيٽا پيش ڪندي شاعري پڻ پيش ڪئي وئي.

عوامي تحريڪ جي سهڪار سان پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي طرفان ڀٽ شاهه ۾ منعقد ڪيل ملڪگير هاري ڪانفرنس جون قراردادون
زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌين سميت بلوچن، سرائڪين، پنجابي عوام، پختونن، ڪشميرين ۽ گلگتين جي زمينن، وسيلن، پاڻي، جبلن ۽ ڪچي تي قبضو ڪيو پيو وڃي. هي دنيا جو واحد زرعي انقلاب آهي جنهن ۾ نه هاري شامل آهن، نه آبادگار شامل آهن، نه وري ملڪي زرعي ماهر شامل آهن. هي زرعي انقلاب اهي پيا آڻين جن جو اصل ڪم ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ آهي پر پاڪستان مٿان عالمي سامراجي طاقتن جي بالادستي جي سبب پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ سياست کان ويندي معشيت، ملڪ ۾ شامل قومن جي زمينن، قومي وسيلن ۽ ڪاروبار تائينِ هر شيءَ تي قبضو ڪري ويٺل آهي. ملڪ جو عوام سمجهي ٿو ته پيپلز پارٽي ۽ نوازليگ سرڪار غير جمهوري طاقتن سان ڳٺ جوڙ ڪري اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جوڙي ننڍن صوبن جي معدنيات، زمينن ۽ وسيلن تي زرعي انقلاب ۽ معاشي ترقي جي آڙ ۾ قبضن جو لائسنس ڏئي ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي سميت نواز ليگ جون سموريون اتحادي پارٽيون سنڌ سميت ٻين قومن جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضي ۾ سهولتڪار آهن. هن ڪانفرنس ۾ شريڪ سموري ملڪ جا ترقي پسند، عوام دوست جمھوريت پسند سياسي اڳواڻ، اديب، شاعر، ھاري ۽ آبادگار مطالبو ٿا ڪن ته ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ ذريعي ملڪ جي 48 لک ايڪڙن کان به وڌيڪ زمين غير ملڪي سرمائيڪارن ۽ فوج سان لاڳاپيل ڪمپنين کي ڏيڻ بدران مقامي بي زمين هارين کي ڏني وڃي ۽ زرعي سڌارا آندا وڃن، وڏيون جاگيرون ۽ ڪيٽيون ختم ڪري زمينون مقامي هارين ۾ ورهايون وڃن. ايس آءِ ايف سي جهڙا سرمائيدارن کي ملڪ وڪڻڻ وارا منصوبا ختم ڪري، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن جهڙا ملڪ دشمن، سنڌ کي سڪائي رڻ پٽ ۽ بيابان ڪندڙ ۽ ماحول دشمن منصوبا فوري طور ختم ڪيا وڃن. چولستان رٿا ۽ گريٽر ٿل ڪئنال رٿا کي فوري طور ختم ڪيو وڃي، هي ڪانفرنس ڇهه نون ڪئنالن کي رد ڪري مطالبو ٿي ڪري ته سنڌو درياهه تي ڪو به ڊيم يا ڪئنال جوڙڻ بند ڪيو وڃي ۽ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. سنڌ جي پاڻي تي گذريل ڏيڍ سئو سالن کان لڳندڙ ڌاڙن جو حساب ڏنو وڃي، ڌاڙن ۾ ملوث پنجاب جي حڪمران ٽولي کي وائکو ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي پاڻي ۽ ماحولياتي ماهرن ۽ ساک رکندڙ اڻ ڌرين اڳواڻن تي مشتمل بين الاقوامي ٽربيونل جوڙي، پنجاب جي ڌاڙن سبب سنڌ کي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ڪمانڊر سٽي، ذوالفقار آباد ۽ ٻين رهائشي اسيڪمن ذريعي سنڌ جي زمينن تي ڪيل قبضا فوري ختم ڪرايا وڃن. بحريا ٽائون جي قبضي ڪيل سموري زمين واپس وٺي بحريا ٽائون جي متاثر مقامي ماڻهن کي واپس ڪئي وڃي. بحريا ٽائون طرفان زمينن تي قبضن ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ڪينجهر، ڪارونجهر، هاليجي ڍنڍ، کير ٿر نيشنل پارڪ، مومل جي ماڙي، گورک هل ۽ گنجي ٽڪر سميت سنڌ جي سمورن تاريخي ثقافتي ماڳن ۽ جبلن تي قبضا ڪرڻ بند ڪيا وڃن. منڇر ڍنڍ کي تباهه ڪري آبي جيوت جي نسل ڪشي ڪندڙ جوابدارن جي جاچ لاءِ جاچ ڪميشن جوڙي جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي ۽ منڇر جي بحاليءَ لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن. 2007ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي طرفان زمينن تي اصل رهواسين جي حق کي بنيادي انساني حق تسليم ڪري، انساني حقن جي پڌرنامي ۾ شامل ڪيو آهي. پر ملڪ جا حڪمران ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي زمينون مقامي ماڻهن کان ڦري بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، هي ڪانفرنس مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ سميت سمورين قومن جي زمينن تي انهن قومن جو حق تسليم ڪيو وڃي ۽ زمينون ڪنهن به سرڪار نه پر قومن جي اجتماعي ملڪيت آهن تنهن ڪري ڪا به سرڪار ڪنهن به ڪمپنيءَ يا سرمائيڪار کي زمين الاٽ نٿي ڪري سگهي. سرڪار زمين فقط اسڪولن ۽ اسپتالن جهڙن عوامي ڀلائي جهڙن ڪمن لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿي. زرعي ٽيڪس مڙهي هارين ۽ آبادگارن کي معاشي طور تي ڪاپاري ڌڪ هنيو ويو آهي، زرعي ٽيڪس ملڪ جي هارين ۽ آبادگارن مٿان حملو آهي، زرعي ٽيڪس وارو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي. ڪڻڪ، ڪمند، چانورن سميت سمورن فصلن ۽ ڀاڄين جا هارين ۽ آبادگارن کي مناسب اگهه ڏنا وڃن، ڪڻڪ خريداري بند ڪري پاسڪو کي ختم ڪرڻ واري فيصلي کي هي ڪانفرنس رد ڪري ٿي ۽ مطالبو ٿي ڪري ته ڪڻڪ سميت سمورن فصلن کي حڪومت طرفان خريد ڪري فصلن جا مناسب اگهه مقرر ڪرڻ جو ميڪينزم جوڙيو وڃي. ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري ۽ جعلي دوائن جي وڪري جي مافيا کي بي نقاب ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ۾ ملوث سرڪاري عملدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن سميت سرمائيدارن جون سموريون جنسون جيڪي هارين تائين پهچن ٿيون، انهن جا اگهه گهٽايا وڃن، سرمائيدارن جو بي لغام مافيا وارو ڪاروبار ختم ڪري، مناسب اگهه تي هارين تائين ڀاڻ سميت سمورين جنسن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. آسان قسطن تي بنا وياج جي هارين ۽ آبادگارن کي زرعي قرض ڏنا وڃن ۽ جديد مشينري مهيا ڪئي وڃي. زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ۽ هارين ۽ هارياڻين کي ملازمت جي تحفظ سميت سمورا بنيادي انساني حق ڏنا وڃن. هي هاري ڪانفرنس مطالبو ٿي ڪري ته ارسا ايڪٽ ترميم ۽ پيڪا ايڪٽ جهڙا ڪارا قانون فوري طور تي ختم ڪيا وڃن. ھارين کي قانوني آئيني ۽ انساني حق ۽ انصاف ڏيڻ لاء ھاري ڪورٽون قائم ڪيون وڃن. ڪانفرنس ۾ مطالبو ٿو ڪجي ته جيئن ڪئنيڊا جي ڪيوبڪ صوبي ۾ ميگ پائي نديء کي 2021ع ۾ قانوني تشخص جو حق ڏئي، درياھ کي شروع کان آخر تائين وھڻ جو حق ڏنو ويو آھي. تيئن سنڌو درياھ کي ھڪ جيئرو جاڳندو وجود تسليم ڪري پاڻي، دريائي پيٽ ۽ ڪنارن کي ان جو حصو قرار ڏنو وڃي. سنڌو درياھ ڪروڙين انسانن، جانورن، پکي پکڻ ۽ ڊيلٽا جي جياپي جو واحد وسيلو آھي. ان ڪري سنڌو درياھ کي قانوني حق ڏئي ان جي وھڪري سان ھٿ چراند ڪرڻ، درياھ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڊيم ٺاھي پاڻي جي وھڪري کي روڪڻ وارن سڀني منصوبن کي قانوني ڏوھ تسليم ڪيو وڃي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے