مارچ 14, 2025


اعجاز منگي
ڪنھن کي معلوم ھو تھ جنھن شاعر
جنرل ضياءَ جي آمر ٽولي مٿان
آرٽسٽڪ ايف آءِ آر داخل ڪندي
”قاتل“ جھڙو خوبصورت ۽ خطرناڪ نظم لکيو ھو
ان کي سندس گھر ۾ ھڪ اداس صبح جو
ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو ويندو
ھڪ شاعر جو موت معاشري لاءِ الميو آھي
ھن جو گھايل وجود گواھي ڏئي ٿو تھ
ھن کي قتل ڪيو ويو آھي
۽ اھو بھ انتھائي سفاڪيءَ سان
آڪاش جي آخري تصوير ڏسي
ڪير چوندو تھ ھن جو جسم گھر مان نڪتو آھي
ھن جي لاش کي ڏسي ائين ٿو لڳي تھ ڄڻ
اھو تشدد گھر مان نڪتو ھجي
آڪاش نوجوانيءَ ۾ نذير عباسيءَ لاءِ نظم لکيو ھو
”او امان…. او امان
جيڪڏھن رات جي رھزنن جي ھٿان
مان بھ ماريو وڃان
پنھنجين ساٿين جيان
ڪين تون روئجانءِ“
اڄ سموري سنڌ آڪاش لاءِ سوڳوار آھي
حساس انسان ھر ھر اکيون اگھن ٿا
اھو آڪاش! جيڪو ترنم سان شعر پڙھي
سنڌ کي جھومائيندو ھو
اڄ ھن جو المناڪ وڇوڙو
سنڌ کي جھوري ويو آھي
بدين جون سامونڊي ھوائون سڏڪا ٿيون ڀرين
پاڻيءَ جا پکي پنھنجي پنھنجي ٻولين ۾ ٻاڪارن ٿا
ھو سڀ ان شاعر کي سارين ٿا
جيڪو معصوم ھو
محبت ڪندڙ ھو
ٻار جي مرڪ جھڙي
ٿڃ جي سرڪ جھڙي
شاعر لاءِ صرف لاڙ نھ ٿو لڇي
سموري سنڌ سڏڪي ٿي پڇي
آڪاش جو قاتل ڪير آھي؟

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے