ڪراچي
سنڌ سرڪار موويز، ڊراما ۽ ڊاڪيومينٽريز کي ھٿي وٺرائڻ جون ڪوششون تيزي ڪندي عوامي آگاھي، مقامي ٽيلنٽ کي ھٿي وٺرائڻ، دھشتگردي ۽ انتھاپسندي خلاف بيانيو جوڙڻ لاءِ آرٽسٽن، دراما نگارن جي حوصلا افزائي جو فيصلو ڪري ورتو آھي.
ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ڪنٽينٽ اينڊ پراڊڪشن اوور سائيٽ بورڊ جو پھريون اجلاس سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ھدايتون ڏنيون تھ نون فلم نويسن ۽ ڊراما نويسن جي خاص طور تي حوصلا افزائي ڪئي وڃي.
ڪنٽينٽ اينڊ پراڊڪشن اوورسائيٽ بورڊ جي پھرئين اجلاس ۾ اطلاعات واري سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ، ڊي جي پي آر سليم خان، ڊائريڪٽر فلمز حزب اللھ ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر سارنگ لطيف چانڊيو، جڏھن تھ بورڊ ميمبرن قاضي اسد عابد، وردا سليم، نمرا ملڪ، ازان سميع خان، حسن اصغر نقوي شرڪت ڪئي.
اجلاس جي موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار صوبي ۾ جمھوري قدرن کي ھٿي وٺرائڻ ۽ صحتمند معاشي جي نشونما لاءِ ڊرامي، فلم ۽ ٻين لاڳاپيل تخليقي ڪمن کي ھٿي ڏيڻ جي پاليسي تي عمل ڪري رھي آھي، ڪنٽينٽ اينڊ پراڊڪشن اوورسائيٽ بورڊ جو قيام معاشرتي نشونما کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ جوڙيو ويو آھي.
ھن چيو تھ نون لکارين ۽ تخليقي ڊراما ۽ فلمون تيار ڪندڙ پراڊڪشن ھائوسز جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي، تخليقي ڪم کي بورڊ جي منظوري سان مڪمل ڪرڻ لاءِ ضروري مالي مدد پرڻ مھيا ڪئي ويندي.
اجلاس ۾ ڊي جي پي آر سليم خان ڪنٽينٽ اينڊ پراڊڪشن اوورسائيٽ بورڊ جي تشڪيل جا مقصد ۽ پاليسي گائيڊ لائنز جي باري ۾ آگاھي ڏني.
اجلاس ۾ ڳالھائيندي قاضي اسد عابد چيو تھ مختصر عرصي ۾ بورڊ جو قيام ۽ اُن کي فعال بڻائڻ لاءِ سنڌ سرڪار جون ڪوششون ساراھھ جوڳيو آھن، ڪنٽينٽ اينڊ پراڊڪشن اوور سائيٽ بورڊ جو مقصد نئي ٽيلنٽ کي ھٿي ڏيڻ آھي
اجلاس ۾ ڪنٽينٽ اينڊ پراڊڪشن اوور سائيٽ بورڊ کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ ميمبرن تفصيل سان پنھنجون تجويزون پيش ڪيون. اينڊ ھفتي تائين پراڊڪشن ھائوسز سان سندن ڪم جو بنيادي خاڪو وغيرھ طلب ڪرڻ تي زور ڀرڻ سان گڏوگڏ ايندڙ بروڊ اجلاس ۾ پراڊڪشن جي ڪم جو جائزو وٺڻ جو پڻ رٿيو ويو.