فروری 4, 2025

سنڌ جي تعليم ۽ معدني وسيلن جي ترقي واري وزير سيد سردار علي شاهه ۽ جمهوريه ڪرغزستان جي تعليم ۽ سائنس واري وزير Dogdorkul Kendirbaeva جي ڪراچي ۾ ملاقات

ڪراچي (15 جنوري 2025): سنڌ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪرغزستان ۾ ميڊيڪل ۽ نرسنگ جي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سهولت ڏيڻ لاءِ ڪوآرڊينيشن ميڪنزم ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو آھي، سنڌ جي تعليم ۽ معدني وسيلن جي ترقي واري وزير سيد سردار علي شاهه ۽ جمهوريه ڪرغزستان جي تعليم ۽ سائنس واري وزير Dogdorkul Kendirbaeva جي ڪراچي ۾ ٿيل ملاقات ۾ سنڌ مان شاگردن جو تعداد وڌائڻ لاءِ گڏيل تعاون کي وڌائڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ڪرغزستاني وفد ۾ شامل بين الاقوامي تعاون واري محڪمي جي ماهر A. K. Dzhumabekova، سيڪنڊري ووڪيشنل ۽ پوسٽ گريجوئيٽ تعليم جي سربراهه Ainura Tolobayevna Isiraillova، ڪرغ سفارتي نمائندي برڪت فضل، آغا خان فائونڊيشن ڪرغزستان جي سي اي او Davlatsulton Dorgabekova ۽ ٻين پڻ ملاقات دوران شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسپيشل سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن جنيد شاهه، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز سنڌ عباس بلوچ ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا.

صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ڪرغزستان جي تعليم واري وزير کي پاڪستان، خاص طور تي سنڌ جي تاريخ بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان جي خطي ۾ وچ ايشيا مان آيل شخصيتن صوفي ازم کي جي تعليمات ۾ پنھ جو ڪردار ادا ڪيو، سردار شاهه وڌيڪ چيو ته ٻئي ملڪ سياحت، ثقافت ۽ تعليم ۾ ويجها لاڳاپا رکڻ جا خواهشمند آهن.

سنڌ جي تعليم واري وزير چيو ته ڪرغزستان پاران پاڪستاني شاگردن لاءِ تعليم جا دروازا کولڻ سان دوستاڻن لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ ھٿي ملي آھي، هن چيو ته مئي 2024 ۾ اتان جي حالات خدشن تحت پاڪستاني شاگردن جي سيڪيورٽي لاءِ ڪرغزستان جي حڪومت جي تعاون کي ساراهيو وڃي ٿو. “اسان توهان جا ٿورائتا آهيون ته توهان جي حڪومت پاڪستاني شاگردن جي حفاظت لاءِ هر ممڪن تعاون کي يقيني بڻايو.”

سردار شاهه چيو ته ميڊيڪل شعبي ۾ پاڪستاني شاگردن کي تعليم جا موقعا ڏيڻ تي ڪرغزستان جو عمل تعريف لائق آهن. اسان وٽ ميڊيڪل سروسز ۾ ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. آبادي جي تناسب سان ميڊيڪل سروسز جون ضرورتون پوريون ڪرڻ هڪ چئلينج به آهي. هن ٻڌايو ته ڪرغزستان ۾ 8000 پاڪستاني شاگردن مان 300 شاگرد سنڌ سان تعلق رکن ٿا. اسان سنڌ مان شاگردن جو تعداد وڌائڻ لاءِ سنجيده آهيون، ۽ ڪرغزستان سنڌ جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جا خاص موقعا فراھم ڪري ان تعداد کي وڌائڻ ۾ اسان جي مدد پڻ ڪري سگھي ٿو.

ڪرغزستان جي تعليم واري وزير Dogdorkul Kendirbaeva پاڪستان جي ثقافت ۽ مهمان نوازي جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته ڪرغزستان ۾ شاگردن لاءِ ماحول سازگار آهي. اسان پنهنجي ملڪ ۾ غير ملڪي شاگردن جي حفاظت کي ترجيح ڏيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني شاگرد ڪرغزستان ۾ ميڊيڪل تعليم جي پنھنجي صلاحيتن تحت پوري ڪن ٿا ڪرغزستان ۾ ميڊيڪل تعليم جا خرچ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهن.

‏Dogdorkul Kendirbaeva وڌيڪ چيو ته سنڌ جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ ڏيڻ بابت باهمي مشاورت سان معاملا طئي ڪري سگهجن ٿا. ان موقعي تي ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے