ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي تھ اسان پنھنجن شھيدن کي سدائين ياد رکندا آھيون، اسان زندھھ قوم آھيون ۽ پاڪستان ھميشھ قائم رھندو. ھن اھا ڳالھھ يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي وزيراعليٰ ھائوس مان سندس جاري ڪيل پيغام ۾ ڪئي. يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي فوج جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي وڏي وزير چيو تھ 6 سيپٽيمبر 1965ع واري ڏينھن اسان جي فوج نھ رڳو بھادريءَ سان دشمن جو مقابلو ڪيو ۽ کيس پوئتي ڌڪي ڇڏيو، اسان ان ڏينھن کي وڏي عقيدت ۽ جوش سان ملھائيدا آھيون. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ناقابل تسخير آھي۔ 6 سيپٽيمبر 1965ع واري ڏھاري دشمن جو اوچتو حملو سندس ندامت جو ڪارڻ بڻيو. محمد محمود عالم ھڪ منٽ ۾ دشمن جا 5 جنگي جھاز تباھھ ڪري ڇڏيا. ھن وڌيڪ چيو تھ ان ڏھاڙي اسان جي بھادر جوانن ملڪ جي حفاظت سان گڏ لکين محب وطن ماڻھن جون زندگيون محفوظ ڪيون، اھو ڏينھن ثابت ڪري ٿو تھ اسان ھڪ زندھھ قوم آھيون ۽ اسان پنھنجن شھيدن کي سدائين ياد رکندا آھيون، جن اسان جي اڄ لاءِ پنھنجو سڀاڻي قربان ڪيو. وڏي وزير چيو تھ پاڪ فوج مادر وطن جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، اسان پنھنجي فوج سان گڏ آھيون. ھن وڌيڪ چيو تھ ھڪ ڀيرو ٻيھر پاڪستان انتھائي نازڪ دور مان گذري رھيو آھي، جنھن تي اسان کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آھي. وڏي وزير چيو تھ پاڪستان سدائين قائم ۽ دائم رھندو.