20-22 سالن جي ليفٽيننٽ جي شهادت دردناڪ ۽ ڏک جو باعث آهي: سيد نجمي عالم
6 سيپٽمبر يوم دفاع جي موقعي تي شهيد راشد منہاس جي قبر تي حاضري، فاتحه خواني ۽ دعا گهري
ڪراچي فشريز، لائيو اسٽاڪ ۽ انساني آبادي بابت صوبائي صلاحڪار سيد نجمي عالم 6 سيپٽمبر تي يوم دفاع جي موقعي تي شهيد راشد منهاس جي قبر تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي ۽ مغفرت لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي فوڪل پرسن صوبائي صلاحڪار آغا سعيد پڻ موجود هو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جنهن جنگ سبب اسان جا سپاهي شهيد ٿي رهيا آهن اها جنگ اڄ به جاري آهي، جنگ وڙهندڙ سپاهين کي اسان جي سهڪار جي ضرورت آهي. هن چيو ته جنگ رڳو فوج نه وڙهندي آهي پر عوام کي به وڙهڻي پوندي آهي ۽ عوام چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته اسان دهشتگردي جي حالتن مان گذري رهيا آهيون. نجمي عالم چيو ته اسان جا سپاهي جهاد ڪري رهيا آهن، پاڪستان جا سپاهي ڄاڻن ٿا ته جهاد ڪرڻ جو مطلب آهي ته هو شهيد ٿيڻ وارا آهن. هن چيو ته اسان کي شهيدن جي عزت ۽ وقار جو خيال رکڻو پوندو. هن چيو ته ٻڌاندا آهيون ته هڪ ليفٽيننٽ ملڪ جي خاطر شهيد ٿيو ۽ هڪ ليفٽيننٽ جي سروس 20 کان 22 سال هوندي آهي، شهادت جي خبر ٻڌي گهڻو ڏک ٿيندو آهي. هن چيو ته اسان کي ان جنگ جو ساٿ ڏيڻ گهرجي جيڪي هو اسان لاءِ وڙهي رهيا آهن. صلاحڪار نجمي عالم چيو ته ڪرنل شير خان جنهن جي دشمنن به واکاڻ ڪئي، اهو اسان لاءِ فخر جو باعث آهي. دهشتگردي خلاف جاري جنگ ۾ پنهنجي سپاهين سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا آهيون، پنهنجي شهيدن کي ڪڏهن به نه وسارينداسين.