ملير/ ڪراچي (پر) عوامي تحريڪ ضلعي ملير جو اجلاس ضلعي صدر پرهه سومرو جي صدارت هيٺ ملير ۾ ٿيو، اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار خصوصي شرڪت ڪئي. 17 نومبر تي سنڌياڻي تحريڪ طرفان اعلانيل ريلي لاءِ رٿابندي ڪري، اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته ملڪ جا حڪمران سنڌ جو پاڻي روڪي، سنڌ ۾ ڏڪار پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ لاءِ هٿرادو ڏڪار آڻي سنڌين کي لڏائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ڇهه نوان ڪينال سنڌ ۾ ڏڪار پيدا ڪندڙ پروجيڪٽ جو حصو آهن. پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ دشمن سرڪار بڻيل آهي. هنن چيو ته عالمي اداري يو اين سي سي ڊي پاران جاري ڪيل رپورٽ جو نوٽيس وٺي سنڌ کي ڏڪار کان بچاءَ لاءِ هنگامي اپاءَ ورتا وڃن. پنجاب جا ڌاڙيل واهه ۽ ڪينال بند ڪري، سنڌو درياهه جا وهڪرا روان رکيا وڃن، سمنڊ ۾ گهربل پاڻي ڇوڙ ڪري خطي کي ماحولياتي تباهي کان بچايو وڃي.
سنڌپنجاب پاڻي ٺاهه 1945ع تحت سنڌ کي سنڌ جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. ان سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين غيرملڪي سيڙپڪارن کي ڏيڻ وارو فيصلو واپس وٺي، زمينون مقامي بي زمين ۽ بي گهر هارين کي ڏنيون وڃن. هنن چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضن، پاڻي تي ڌاڙن، وسيلن جي ڦرلٽ، عورتن مٿان ٿيندڙ ظلمن ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌياڻي تحريڪ طرفان 17 نومبر تي ڪراچي ۾ زبردست ريلي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ايڊووڪيٽ خالد تنيو، ايڊووڪيٽ عبداللہ ٻپڙ، علي محمد ڪلمتي، زبير نوناري، عزيز لانگاهه، محمد علي ساهڙ، نظير ميمڻ، سارنگ ڪانڌڙو، لطيف ٻگهيو، علي مدد رند، عبدالجبار ٻگهيو، منظور سولنگي، عارب چانگ، قائمه، عليشه، عبدالحفيظ، جبران جروار، ڊاڪٽر رحمت الله بروهي، رستم ميراڻي، منور لغاري، مجيد آچراڻي، ڄام ساگر، راجا، صادق ڪنڀر ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.