نومبر 21, 2024

ڪراچي سنڌ ۽ بلوچستان جي فشريز معاملن کي سلجهائڻ لاءِ جمع جي ڏينهن هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي لائيواسٽاڪ ۽ فشريز بابت صلاحڪار سيد نجمي عالم ، سيڪريٽري لائيواسٽاڪ فشريز سنڌ ڊاڪتر ڪاظم حسين جتوئي، بلوچستان جي فشريز جي پارلياماني سيڪريٽري برڪت علي رند، سيڪريٽري فشريز بلوچستان جاويد احمد شهواڻي پنهنجي آفيسرن جي هڪ وفد سان شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته بلوچستان ۾ گجو ڄار ٿي پابندي باوجود ٽرالر جي ذريعي استعمال ٿي رهيو آهي جنهن لاءِ قانوني طور تي ايڪشن ورتو ويندو جڏهن سنڌ ۽ بلوچستان جا فشريز کاتا اهڙي قانون سازي ڪري سمنڊ جي حياتيات لاءِ تحفظ کي يقيني بڻائيندا. اجلاس ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته شڪار وارين لانچن ۾ ويسل مانيٽرنگ سسٽم لڳايو ويندو ۽ غير قانوني ماهيگري لاءِ ٻئي صوبا ايڪشن وٺي قانوني ڪارروائي ڪندا ۽ غير قانوني ماهيگيري ۾ استعمال ٿيندڙ لانچن جو تفصيل هڪ ٻئي سان شيئر ڪندا. ان موقعي تي سيد نجمي عالم بلوچستان مان آيل فشريز کاتي جي عملدارن کي ٻڌايو ته اسان سنڌ صوبي ۾ باٽم ٽرالنگ تي مڪمل پابندي عائد ڪري رهيا آهيون ته جيئن سمنڊ ۾ موجود حياتي کي مڪمل تحفظ ملي سگهي. ان لاءِ اسان کي وڌيڪ قانون سازي جي ضرورت پئي ته اها به ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڊي جي ميرين فشريز ڊاڪٽر علي محمد مستوئي، ڊائريڪٽر ميرين فشريز عاصم ڪريم ۽ بلوچستان حڪومت جي فشريز کاتي ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل ڊاڪٽر علاءَ الدين ڪراچي فشريز هاربر جي ايم ڊي صفدر حسين رضوي ۽ بلوچستان جي فشريز عملدار سليم رند شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته هر ٻن مهينن کان پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جا فشريز کاتن جا عملدار هڪ باهمي اجلاس ڪندا ته جيئن ٻنهي صوبن جي معاملن کي سلجهائئي سگهجي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے