ڪراچي
سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ڪجھھ ڏينھن اڳ سنڌ اسمبلي ڪامن ويلٿ ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي، جنھن سان پوري دنيا ۾ پاڪستان جي حوالي سان ھاڪاري پيغام ويو، ڪراچي ۾ مائي ڪولاچي نمائش جو بندوبست ڪيو ويو، ڪراچي ۾ ٻين بھ عالمي نمائش جون تقريبون ٿيون، جنھن سان پوري دنيا ۾ اھو پيغام ويو تھ پاڪستان امن جو ڳڙھ آھي، سنڌ حڪومت سي پي اي ڪانفرنس کي نھايت ڪامياب ۽ منظم انداز ۾ منعقد ڪيو، جنھن سان سڄي دُنيا ۾ ھاڪاري پيغام ويو.
سنڌ اسمبلي ميڊيا ڪارنر تي منيڊيا سان ڳالھائيندي ھن چيو تھ سي پي اي ڪانفرنس کان پوءِ عالمي بينڪ جي وفد مختلف شھرن جي دورن بعد حڪومت سنڌ جي رٿائن جي تعريف ڪئي، سنڌ سرڪار دنيا جي تاريخ جي سڀني کان وڏي منصوبي تي عمل ڪري رھي آھي جنھن تحت 21 لک گھر تعمير ڪيا پيا وڃن، جنھن جو مثال سڄي دُنيا ۾ ڪتي بھ نھ ٿو ملي، ڪراچي سميت صوبي جي ٻين شھرن ۾ بھ ترقياتي رٿائون جاري آھن ۽ حڪومت جي اھا ڪوشش آھي تھ وڌ کان وڌ ماڻھن کي سھولتون فراھم ڪيون وڃن. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت مستقبل ۾ بھ اھڙا منصوبا شروع ڪندي جن سان عوام کي وڌ کان وڌ فائدو پھچي سگھي.
شرجيل انعام ميمڻ اسلام آباد ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جي مذمت ڪندي چيو تھ دھشتگردن ڀارتي خفيھ ادارن ۽ طالبان جي مدد جي معصوم ماڻھن تي حملو ڪيو، سندس چوڻ ھو تھ اھي دشمن ملڪ جيڪي پاڪستان جو سامھون مقابلو نھ ٿا ڪري سگھن ۽ جن کي تاريخي شڪست جو منھن ڏسڻو پيو، اھي پراڪسيز ذريعي پاڪستان خلاف سازشون ڪري رھيا آھن، ھن حملي مان اھا ڳالھھ واضح ٿي وئي آھي تھ دشمن ڪيتري حد تائين ڪرِي سگھي ٿو، جڏھن تھ ڀارتي فيڪ اڪائونٽس ذريعي واقعي کي بنياد بڻائن ملڪ ۾ فرقيواريت ڦھلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ھن چيو تھ ھي پاڪستان جي سلامتي تي حملو ھو، حڪومت پاڪستان اھڙن واقعن جو اڳواٽ بھ منھن ٽوڙ جواب ڏيندي آئي آھي ۽ آئيندي بھ ڏيندي. سندس چوڻ ھو تھ ڀارت سڌي ريت وڙھڻ بدران بزدلن جيا پراڪسيز ذريعي دھشتگردي ڪري رھيو آھي، اسان جي ھٿياربند فوج دشمن جو منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار آھي ۽ سمورين سياسي جماعتن کي متحد ٿي اُن جو مقابلو ڪرڻ گھرجي تھ جيئن دشمن کي اھو پيغام وڃي تھ اسان ھڪ قوم بڻجي متحد آھيون.
ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ جيڪڏھن ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي ڪراچي ۾ ڪمن جي مخالفت نھ ڪندا تھ سندن سياست ڪيئن ھلندي، جڏھن تھ باقي شھرن ۾ اھڙن قسمن جي واقعن تي خاموش رھندا آھن. ھن سوال اٿاريو تھ پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ناھن ٿيون ڇا اُتان جا ماڻھو انسان ناھن؟ سندس چوڻ ھو تھ ڪراچي ۾ تنقيد ۽ مخالفت نھ ھُجي تھ ڪيترين ئي سياست پارٽين جي سياست نھ ھلندي.
پي ٽي آءِ پاران آچر ڏينھن ھڙتال جي سڏ بابت سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ آچر ڏينھن ھونئن بھ ڪاروابر، آفيسون، تعليمي ادارا بند رھندا آھن، دڪان ۽ آفيسون بند ٿيڻ سان عوام کي مشڪلاتن جو منھن ڏسڻو پوندو آھي، جيڪڏھن پي ٽي آءِ وارن کي ڪنھن کي خوش ڪرڻو آھي تھ ڪندا رھن.
ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪراچي ۾ باھھ لڳڻ جا 1055 واقعا ٿيا، جن تي ريسڪيو ادارن ۽ 1122 ضابطو آندو، ۽ جتي بھ غلطي ٿي آھي اُن جو اعتراف ڪيو ويو آھي.
ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ پاڪستان ۾ ڌرڻا ڪنھن مسئلي جو حل ناھن، جن شھرين جي حقن جي ڳالھھ ڪئي ويندي آھي اُھي ئي سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندا آھن.
ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪرڻ سڀني جو حق آھي، پر اھا تنقيد آئين جي قانون جي دائري ۾ رھي ٿيڻ گھرجي.
