ڪراچي ۾ جنوري 2026 ۾ باهه جا 225 واقعا، 83 ماڻهو فوت، مجموعي طور 24 ڄڻا زخمي ٿيا، سنڌ جي وڏي وزير وارو صلاحڪار گيانچند ايسراڻي
شهري ۽ واپاري برادري باهه کان بچاءُ جي انتظامن ۽ حفاظتي اوزارن جي باقاعدگي سان جاچ کي يقيني بڻائين، گيانچند ايسراڻي
ڪراچي صوبائي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ سال 2026ع جي پهرين مهيني دوران باهه لڳڻ جا 225 واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جنهن شهر ۾ باهه لڳڻ جي وڌندڙ خطرن تي ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي بحالي واري کاتي جي ماتحت ريسڪيو 1122 جي رپورٽ موجب ڪراچي ۾ باهه لڳڻ جي واقعن جي نتيجي ۾ مجموعي طور تي 83 ماڻهو فوت ٿيا، جن ۾ 2 ٻار ۽ 8 عورتون شامل آهن، جڏهن ته 24 ماڻهو زخمي ٿيا جن کي فوري امدادي ڪاررواين ذريعي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون.
بحالي واري کاتي بابت سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي جو چوڻ آهي ته شهر جو سڀ کان وڏو افسوسناڪ ۽ خطرناڪ واقعو ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازا ۾ پيش آيو، جتي سخت باهه سبب ڪيترائي ماڻهو عمارت ۾ ڦاسي پيا، جنهن تي ريسڪيو 1122 جي ٽيمن ۽ فائر فائٽرز وقت سر موقعي تي پهچي سرچ اينڊ ريسڪيو ۽ فائر فائٽنگ آپريشن شروع ڪيو ۽ ڊگهي جاکوڙ کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو ويو. ان ڪارروائي دوران ڪيترن ئي شهرين کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو ويو.
گيانچند ايسراڻي ٻڌايو ته انگن اکرن موجب ضلعي سينٽرل ۾ باهه لڳڻ جا سڀ کان وڌيڪ 30 واقعا رپورٽ ٿيا، جڏهن ته صدر، سهراب ڳوٺ ۽ گلبرگ ۾ 18-18 واقعا سامهون آيا. ناظم آباد ۽ نيو ڪراچي ۾ 13-13، سائيٽ انڊسٽريل ايريا ۾ 11، لياري ۽ ڪورنگي ۾ 9-9، جڏهن ته لانڍي ۾ 3 واقعا رپورٽ ٿيا. اهڙي طرح اورنگي ٽائون ۽ شاهه فيصل ڪالوني ۾ 8-8، جڏهن ته منظور ڪالوني ۾ باهه لڳڻ جا 14 واقعا رڪارڊ ڪيا ويا، جيڪي شهري علائقن ۾ حفاظتي انتظامن جي ضرورت کي چٽو ڪن ٿا.
وڏي وزير جي بحالي بابت صلاحڪار گيانچند ايسراڻي باهه جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته انساني جانين جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي هنگامي ردعمل وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. شهري، واپاري برادري ۽ عمارتن جا منتظمين باهه کان بچاءُ جي انتظامن کي يقيني بڻائين، هنگامي نڪرڻ جا رستا (Emergency Exits) فعال رکن ۽ حفاظتي اوزارن جي باقاعدگي سان جاچ ڪن ته جيئن ڪنهن به حادثي جي صورت ۾ نقصان کي گهٽ ڪري سگهجي. سندس چوڻ هو ته حڪومت آگاهي مهمن، تربيتي پروگرامن ۽ ريسڪيو ادارن جي صلاحيت وڌائڻ تي به ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن سان اثرائتي نموني منهن ڏئي سگهجي. ريسڪيو اختيارين شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري طور تي 1122 تي رابطو ڪن ته جيئن بروقت ڪارروائي ذريعي قيمتي جانين ۽ ملڪيتن جو تحفظ ممڪن بڻائي سگهجي.
