
باگڙي جن کي اسان جي ملڪ ۾ اڄ تائين سڃاڻپ نه ملي آهي
آصف رضا موريو
باگڙي قوم ۽ زبان جو نالو هندستان جي اتر اولهه ۾ واقع باگڙ واري علائقي ۽ اتي رهندڙ قومن جي نسبت سان ڏنو ويو آهي. باگڙ لفظ جو مطلب ”خشڪ علائقي يا ملڪ“ طور ڪڍيو ويندوآهي جهڙوڪ هندستان جي اتر اولهه جي وارياسي علائقي جو هڪ وڏوحصو ۽ هندستاني سرحد سان سلهاڙيل پاڪستان جو اڀرندو حصو. ڪجهه ڪتابن ۾ باگڙ جو مطلب ”ڪنڊن جو لوڙهو“ لکيو ويو آهي. هندستان جي تاريخ ۾ باگڙي قوم، ان جو هيٺين ذاتين ۽ ٻين قبيلن کي بهادر، مهذب ۽ جي دار آبادين ۾ ليکيو ويندو آهي. باگڙي قوم اتر هندستان ۽ پاڪستان جي پنجاب واري خطي ۾ آباد جاٽن جو هڪ جنگجو قبيلو پڻ آهي. اليگزينڊر مقدوني جي جاگرافيدانن انڊيا ۾ رهندڙ تمام باشندن کي Phyllitas لکيو آهي جنهن جومطلب آهي ”ڀيل“، ۽ اهو لفظ ٻولين جي ماهرن مطابق ”بيلس“ مان مان نڪتو آهي جنهن جو مطلب آهي تير هلائڻ وارو يا شڪاري.
هندستان ۾ باگڙين جي تمام گهڻي آبادي رهي ٿي خاص طور تي راجسٿان جي باگڙ واري علائقي ۾. باگڙ هريانه جي سرسا ضلع جي ڏاکڻئين حصي (قديم نالو ڀٽياڻا)، فتح آباد، حصار، ڀواني ۽ چرخي دادري ضلعن جي اولهندي وستين تي مشتمل آهي. راجسٿان جي هنومان نگر ضلي جا گنگڻ نگر، ڀدرا ۽ نوهر تعلقن ۽ چرو ضلع جو تعلقو تارانگر باگڙ جي حلقي ۾ اچي ٿو. باگڙ وارو علائقو واري جي وڏي وڏي دڙن تي مشتمل هڪ تمام وسيع علائقو آهي جنهن کي مقامي ماڻهو ”ٽبا“ پڻ چوندا آهن جتي ڪٿي ڪٿي هريانه جي اولهندي سرحد ۽ راجسٿان جي اڀرندي سرحد تي زرخيز زمينون پڻ آهن جن کي مقامي زبان ۾”لال“ چيو ويندو آهي. هتي پاڻي جي ٽيبل هڪ سو فٽ کان به هيٺ هوندي آهي جيڪا عام طور تي انساني استعمال لاءِ نامناسب سمجهي ويندي آهي. گرمي جي اپريل مهيني کان هن علائقي ۾ مٽي ۽ دز جا طوفان گهلندا آهن ۽ جولائي جي آخر (مون سون اچڻ تائين) جاري رهندا آهن. هن خطي جي گهڻي تڻي آبادي آبادڪاري ۽ زراعت بارش جي پاڻي تي ٿيندي آهي جڏهن ته سرسا ۽ فتح آباد جي ڪجهه حصن ۾ زمينون واهن جي پاڻي تي به آباد ٿينديون آهن.
هنومان نگر ۽ سري گنگا نگر ۾ گهاگر درياهه وهندو آهي جتان 1963ع ۾ ڀاڪڙا ننگل ڊيم جو نهري نظام بڻجڻ کان پوءِ ۽ اولهندي يمنا ندي مان ايندڙi پاڻي سبب هريانه جي اولهندي حصي ۾ موجود باگڙ وارا گهڻا تڻا علاقه زراعت جي قابل ٿيا. 1983ع ۾ اندرا گانڌي ندي کولڻ سان راجسٿان جون بي آب زمينن تائين ستلج ۽ بياس درياهن جو پاڻي اچي ويو جنهن سان اتي وسندڙ آبادين جي خوشحالي ۾ پڻ اضافو ٿيو.
راجسٿان جي ڏکڻ ۾ به گهڻيون باگڙي آباديون موجود آهن ۽ سيالڪوٽ ۽ پٽياله ۾ به جاٽن جون وستيون موجود آهي. گرداس پور ۾ رهندڙ باگڙي صلحاڙي آهن جيڪي قومي طور تي پنهنجو پاڻ کي باگڙ يا باگھڙ سڏائيندا آهن. امرتسر ۾ به باگڙين جا جاٽ قبيلا رهندا آهن جيڪي گهڻو ڪري هارپو ڪندا آهن. اهڙي ريت تعلقي مظفرنگر ۽ اترپرديش جي ڪجهه ضلعن ۾ به باگڙي آباديون موجود آهن.
”باگڙي“ اصطلاح کي تاريخي حوالن ۾ پڻ هندو راجپوت يا بيڪانير واري باگڙ علائقي ۾ رهندڙ جاٽ ماڻهن منجهان لکيو ويو آهي جيڪو ڏکڻ ۽ اولهه حصار ۾ واقع آهي. گودرا ۽ پونئا به پاڻ کي باگڙي جاٽ مڃيندا آهن. راٺوڙ به باگڙين جي هيٺين ذاتين ۾ ڳڻيا ويندا آهن. اهڙي ريت مهيشوري بنيا (تاجر)، بڌڪ (ڪاسائي)، پارڌي (شڪاري) ۽ باوريا (نيم خانه بدوش) به باگڙين جون ذاتيون آهن.
سنڌ جي سوديشي هندن جي بيشمار ذاتين مان باگڙين جون مشهور ذاتيون ڪوچڙا، جوڳي، شڪاري، ڪبوترا، ڀيل، ڪولهي، مينگهواڙ، لوهار يا ڪاريا، واگهڙا، راوڙا، گواريا، اوڏ، سامي، گرگلا، ريٻاڙي، جنڊاوڙا، ڪوڪڙي، هڏوال، مڇلا وغيره آهن. ان کان علاوه باگڙين جي برادري ۾ ڪوري، ڏاڀي، وڍيارو، چوهاڻ، دم دارو، ڌانڌل، سرونڪي ۽ پنمار پڻ شامل آهن. انهن تمام قومن ۽ ذاتين کي پراڻي هندو مت جي ذات پات جي نظام تحت گهٽ ذات وارا ۽ اڇوت يا دلت ڪوٺيو ويندو آهي.
وارث شاهه جي مقالن ۾ لکيل آهي ته ”سنڌو، باجوه، کرل، ترگڙ، تارڙ، ساهي، چيمه، چٺا، ڊوگر، ٽوانه، وڙائچ، چڍڙ، باگڙي، ورڪ، گوندل، چوهاڻ، گکڙ، چڀا ۽ کوکر جاٽن جو گوتون آهن. هندستان ۾ جاٽن ۽ گجرن جا پنجاهه کان مٿي هيٺيان قبيلا آهن جن کي بريصغير ۾ تمام بهادر، زيرڪ ۽ محنتي ماڻهو ڀانئيو ويندو آهي. گجرات ۾ رهندڙ باگڙين کي کترين جي جنگجو قبيلن منجهان ڳڻيو ويندو آهي جيڪا راجسٿان جي جاڳر ۽ پنجاب جي جاٽن جي هيٺين ذات آهي. ڪجهه تاريخي ڪتابن ۾ اهو پڻ لکيوويوآهي ته ”باگڙي اصل ۾ راجسٿان ۾ رهندڙ مالي قوم جي گوترا آبادين منجهان آهن“. راجسٿان جي ضلع بيڪانير سان تعلق رکندڙ باگڙين کي اتي راجپوت ڪوٺيو ويندو آهي جن کي پهوارن جيان سماج ۾ اتم مڃيو ويندو آهي. هندستاني پنجاب جي شهر جالنڌر جي ويجهو چڪ ڪالڻ نالي هڪ تمام وڏي آبادي آهي جنهن کي چڪ باگڙيان پڻ چيو ويندوآهي. پنجاب ۽ سنڌ ۾ رهندڙ بيشمار سکن ۾ به باگڙي قبيلا موجود آهن. لاڙڪاڻو ۾ به باگڙين جي ويڙهن ۾ مون سک باگڙي ڏٺا آهن جيڪي ڪمين ڪارين مون وٽ به ايندا رهندا آهن.
اهو پڻ تسليم ڪيو ويندو آهي ته باگڙي هرياڻا جي سائني قبيلن منجهان آهن جن کي اتي واري سماج ۾ ٻين سائني گروهن منجهان ممتاز ۽ معتبر مڃيو ويندو آهي. سائني باگڙي گهڻو تڻو ٻني ٻاري، باغباني، سونارڪي ڪم (مائر راجپوت) سان سلهاڙيل هوندا آهن. هرياِڻا جون باگڙي عورتون پنهنجي مردن جو پوکي واهي ۾ ساٿ ڏيڻ سان گڏ گل پوکي گلدستا ٺاهي راجسٿان جي مختلف حصن ۾ وڪڻڻ جي ڪرت پڻ جوڙينديون آهن. انهن ۾ تعليم يافته باگڙياڻيون سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ پڻ نوڪريون ڪنديون رهن ٿيون.
باگڙين جو پنهنجو ڪلچر ۽ پنهنجون رسم و روايات ٿين ٿيون جن تي اهي هزارين ورهين کان پابند ڏٺا ويا آهن. باگڙي برادري ۾ خاندان اندر مادري دور (ميٽري آرچل) جو سرشتو اڃان تائين رائج آهي جنهن تحت باگڙين جون عورتون پنهنجي مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي خاندان جو بار کڻڻ جو رواج رکنديون اچن ٿيون. سندن خاندانن ۾ اڪثر وڏڙي ڄمار جي امڙين، نانين ۽ ڏاڏين کي ئي ڪٽنب جو سربراهه مڃيو ويندو آهي جيڪي نه رڳو خرچ پاڻي جو حساب ڪتاب پنهنجي هٿن ۾ رکنديون آهن پر گهر گرهستي جا خاص فيصلا به اهي ئي نبيرينديون آهن. باگڙي گهٽ پڙهيل سهي پر امن پسند قوم آهن جن جي سماج ۾ ڏوهه نالي ڪنهن شي جي گنجائش نه هئڻ جي برابر آهي. سندن برادرين اندر ٿيندڙ ذاتي، سماجي ۽ خانداني اڻ بڻت جا جهيڙا جهڳڙا اهي ڪورٽ ڪچهري يا پوليس ٿاڻن ۾ ڪونه کڻي ويندا آهن جو سندن سمورا مسئلا سندن پنچائتون حل ڪنديون آهن.
باگڙين پنهنجيون شاديون هندن جيان ويجهڙي مٽن مائٽن ۾ ڪرڻ کان پرهيز ڪندا آهن. ڪجهه ڏهاڪا پهريان سندن شاديون سادگي سان ٿينديون هيون جن ۾ گهڻو خرچ نه ٿيندو هيو نه ئي انهن ۾ ڏاج ڏيوڻ جي بيماري هوندي هئي پر هاڻي انهن جون شاديون به هندڪي رواجن مطابق مهانگيون ٿين ٿيون جو کين ٺاهوڪو ڏاج به ڏيڻو پوي ٿو ۽ اوري پري کان مهمانن کي به سڏ ڏنا ويندا آهن. شادي ۾ باگڙي روايتي لوڪ گيت جهونگاريندا، ڊانڊيون کيڏندا، ناچ ڪوڏ ڪندا آيو لال، جهولي لال جا سهرا پڻ ڳائيندا آهن. باگڙين ۾ هڪ کان وڌيڪ شادين جي اجازت ڪونه هوندي آهي پر انهن جي هڪ رولاڪ قبيلي راوڙي جي مردن لاءِ هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ قابلِ عزت سمجهيو ويندو آهي. انهن جون شاديون هندو رسم و رواج مطابق ٿينديون آهن جن ۾ اگني (باهه) جي چوڌاري ست ڦيرا پڻ ڏنا ويندا آهن. باگڙي قبيلن ۾ جيڪڏهن ڪا عورت بيوهه ٿي وڃي ته ان کي اختيار هوندو آهي ته اها ٻي شادي ڪري پر ڏٺو ويو آهي ته اڪثر بيواهون ٻي شادي ڪونه ڪنديون آهن ۽ پنهنجي ٻارڙن جي پرورش لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏينديون آهن. جيڪڏهن بيوهه جي ٻي شادي ٿئي ته کين اگني جا ست چڪر ٻيهر نه ڏيڻا پوندا آهن. شادي لاءِ انهن جي سماج ۾ بيشمار قديم رسمون صدين کان رائج آهن جيئن ڪنوار وارا گهوٽ کان ٻه روپيا وٺي ڪارا دوست ديوجي مندر کي ڀينٽ ڪندا آهن جنهن کي تمام باگڙي قبيلامڃيندا آهن. انهن ۾ ميتن جو ڪريا ڪرم هندومت جي مذهبي اصولن مطابق اگني سنسڪار يا انتم سنسڪار تحت ڪيو ويندو آهي جڏهن ته غيرشادي شده فردن ۽ ننڍري ٻارڙن جي لاشن کي دفنايو ويندو آهي.
هندستان ۾ هڪ سو کان مٿي سرڪاري زبانون آهن جن مان باگڙي زبان پڻ هڪ آهي جنهن کي اتي صوبائي زبان جو درجو حاصل آهي. توڙي جو ڀارتي پنجاب ۾ رهندڙ باگڙي قومون مختلف زبانون ڳالهائينديون آهن پر اصل باگڙي زبان کي هندستان ۾ راجسٿاني، پنجابي ۽ هرياني زبانن جي لهجن منجهان تصور ڪيو ويندو آهي جنهن جي ڳالهائڻ وارن جو تعداد ويهه پنجويهه لکن کان به مٿي آهي جن مان گهڻو تڻو هندستان ۾ ۽ پاڪستان ۾ پنجاب جي ٻن ضلعن بهاولپور ۽ ضلع بهاولنگر ۾ موجود آهن.
هندستاني رياست اترپرديش ۾ ست زبانون کڙي، برج ڀاشا، قنوجي، اوڌي، ڀوجپوري، بنديلي ۽ باگهيلي ڳالهايون وينديون آهن. کڙي زبان اردو يا هندي جو ئي لهجوآهي جيڪا گهڻوڪري سهارنپور، مظفرنگر، بجنور، ميرٺ، ڀاگپت، رامپور، جوتيبا ڦول نگر ۽ غازي آباد ضلعن ۾ ڳالهائي ويندي آهي. برج ڀاشا، قنوجي، اوڌي، ڀوجپوري، بنديلي ۽ ڀاگيلي اردوکان الڳ زبانون آهن. دهلي ۾ هريانوي ۽ کڙي زبانون ڳالهايون وينديون آهن، لکنو ۾ اوڌي، علي ڳڙهه ۽ آگري ۾ برج ڀاشا. انهن زبانن ۾ برج ڀاشا جاست ۽ اوڌي زبان جا اٺ لهجا آهن، کڙي زبان جا وجيگا، سپيرا، ڳوٺاڻا، هندستاني ۽ کڙي نالي پنج لهجا آهن. هريانوي زبان جا پڻ باگڙي، بانگڙو، ديسوالي، ميواتي ۽ هريانوي نالي پنج لهجا آهن. اتي باگڙي زبان ڳالهائڻ وارن جي آبادي ڏهه لک، مارواڙي زبان ڳالهائڻ وارن جي تعداد ڇاونجاهه لک، ميواتي آبادي ڇهه لک ۽ هريانوي آبادي اسي لک آهي. اهڙي ريت راجسٿاني پنجاب جي سرحدي علائقن ۾ڳالهايون ويندڙ زبانن بلاسپوري، بهاولپوري، ٿلوچي، جافري، جنڊالي، چنبيالي، ڌڻي، ڊيري، رياستي، شاهپوري، ماجي، مالوي، ملتاني، پهاڙي، پوڌي، پوٽوهاري، چنگوي، ڇاڇي، چيناوري، ڊرب، ڊوگري، ڪانگڙي، ڪوهاٽي، گهيبي، هندڪو ۽ باگڙي خاص آهن.
زبان جي پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي ته باگڙي زبان سنڌي، هندي، هريانوي، مارواڙي، شيخاوتي، ڌنواري، گڏواري، ميواتي، جندوڙي وغيره زبانن سان ستر سيڪڙو ملندڙ جلندڙ آهي. باگڙي زبان کي اهل علم ۽ زبانن جا ماهر هندي آريائي زبانن جي خاندان جي راجسٿاني، مارواڙي، پٽيالوي ۽ پنجابي زبانن جو تسلسل يا لهجو سمجهن ٿا جنهن جي ڳالهائڻ وارن جودنيا ڀر ۾ ڇهه ملين کان وڌيڪ تعداد آهي. باگڙي زبان جو هڪ لهجو راجسٿاني پڻ آهي جيڪو هنومان ڳڙهه، هريانه، حصار ۽ راجسٿان جي مختلف ضلعن ۾ هڪ لک کان مٿي ماڻهو ڳالهائيندا آهن. اهڙي ريت پنجاب جي فيروز پور ۽ مڪستر ضلعن ۾ به باگڙي زبان کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي.
هندستان ۽ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ باگڙي آباديون پنهنجي مادري زبان سان گڏ مقامي زبانون به سولائي سان ڳالهائيندين آهن. پاڪستاني بهاولنگر ۽ بهاولپور ضلعن ۽ سنڌ جي قريبن تمام ضلعن ۾ باگڙي زبان ڳالهائي ويندي آهي. هندستان جي اولهندي حصن جهڙوڪ ضلع فتح آباد، ضلعي سرسا، ضلع گنگا نگر، ضلع هانم نگر، ضلع چورو جي اتر اولهه واري حصن ۽ راجسٿان جي ضلع جهنجهڻو جي ڏکڻ اولهه حصن جي اڪثريتي آباديون باگڙي زبان ڳالهائينديون آهن. ان کان علاوه ضلعي فيض پور جي تمام آبادين جي خاص زبان پڻ اهي جيڪا هندستاني پنجاب جي ضلعي مڪتسر جي ڏاکڻئين وستين ۾ پڻ ڳالهائي ويندي آهي.
دنيا جي نقشي تي جيتريون به قومون، قبيلا، مذهب، عقيدا هندستان ۾ موجود آهن ايترا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ناهن. جيڪڏهن چيو وڃي ته انساني تاريخ و تمدن ۾ هن وقت جيترا به سياسي، سماجي ۽ مذهبي عقيدا ڪڏهن به جڙيا آهن اهي اڄ به ان ملڪ ۾ ساهه کڻن ٿا. باگڙي بريصغير پاڪ و هند جي هڪ اهڙي قديم ترين قوم آهي جنهن جي مذهبي، سماجي، تهذيبي، تمدني ۽ زميني تشخص جون پاڙون هزارين سالن کان هن زرخيز زمين ۾ سختي سان کپيل آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته وقت سان گڏ هن غيور قوم جي سماجي، تهذيبي ۽ مذهبي روايتن کي هندو مذهب جي مخصوص درجه بندي سبب پنهنجو پاڻ کي شريف النفس چورائيندڙ ۽ مذهبن ۾ پنهنجو پاڻ کي سڀ کان بهتر مڃرائيندڙ اوچي ذاتين باگڙين ۽ ان جهڙي بيشمار قومن جو استحصال ڪري انهن کي سماجي پاتال ۾ ڌڪيندي نيچ ذات هجڻ جو ليبل لڳائي ڇڏيو جتان نڪرڻ جي نه هن قوم ڪوشش ڪئي ۽ نه ئي هند و پاڪ ۾ رهندڙ نام نهاد اونچي ذات جي هندن ۽ مسلمانن کين اهو انساني تشخص ۽ بڻيادي حق ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو نه رڳو اسلام جي بڻيادي تعليم سمجهيو ويندو آهي پر روشن ضمير هندو اوتارن جي تعليمات جو حصو پڻ رهيو آهي.
ٽي هزارسال قديم ڪتاب منوسمرتي کي هندو سماجي ۽ مذهبي قانونن جو اهم ماخذ سمجهيو ويندو آهي جنهن ۾ ذات پات جي نظام کي سماج ۾ تنظيم ۽ ترتيب جي بڻياد تي تسليم ڪري ان جي حقن ۾ دليل ڏنا ويا آهن. ذات پات جو هي نظام هندن کي برهمڻ، کٽي، ويش ۽ شودر نالي چئڻ جٿن ۾ تقسيم ڪري ٿو جنهن تخليق سان متعلق ماخذ برهما ديوتا کي مڃيو ويندو آهي. مذهبي اساس واري ان طبقاتي تقسيم ۾ سڀ کان مٿاهون طبقو برهمڻ ٿيو جيڪي تعليم، تربيت ۽ ذهني ڪمن کي سرانجام ڏيندا هيا. ان کان پوءِ کتري ٿيا جن جي ذمي حڪمراني ۽ سپاهه گيري هوندي هئي. انسانن جو ٽيون گروهه ويش هيا جن جو ڪم صنعت، تجارت، وندر، ناچ گانو وغيره هيو ۽ سماج جو آخري گروهه ٿيو شودر جن کي سڀ کان مشڪل ۽ نيچ ڪم آڇيا ويا. ذات پات جي انهن چار ذاتين کي وڌيڪ هزارين ذاتين ۽ پاڙن ۾ تقسيم ڪيو ويو جن جي بڻياد مخصوص ڪم ڪار هوندا هيا جڏهن ته اڇوتن يا دلتن جو شمار هندو ذات پات جي نظام کان ٻاهر سمجهيو ويندو هيو.
سوين سالن تائين ذات پات هندو مذهب ۽ سماجي زندگي جي تمام پاسن جو بڻياد رهي آهي ۽ ان الجهيل نظام ۾ هر مذهبي ۽ سماجي گروهه پنهنجي مخصوص جاءِ والاري. هندستان ۾ ڳوٺاڻي آبادين جي ترتيب خاص طور تي ذات پات جي بڻياد تي ٿيندي رهي آهي جتي اچي ۽ نيچ ذات متعلق فرد بلڪل الڳ الڳ دائرن ۾ زندگيون گذاريندا رهيا آهن. ايتري تائين جو انهن جا مسافرخانا، بيٺڪون، دوڪانون ايتري تائين جو پاڻيءَ جاکوهه به الڳ الڳ هوندا هيا. برهمڻ لوڪ شودرن سان کائڻ پيئڻ ۽ تمام وهنوار (سواءِ خدمت چاڪري جي) حرام سمجهندا هيا ۽ پنهنجي ٻارن جون شاديون به پنهنجي ذات ۾ ڪندا هيا. روايتي طور تي هندن جي اوچين ذاتين کي تمام صوابديدي اختيار حاصل هوندا هيا جڏهن ته هيٺين ذاتين تي هر دور ۾ طرح طرح جي سماجي، سياسي ۽ نفسياتي پابندين ۽ ظلم و ستم روا رکيو ويندو هيو.
انهن ذاتين جي تاريخي پسمنظر ۾ قديم هندو سماج ناانصافي ۽ بندشن جوهڪ مجموعو مڃيو وڃي ٿو جنهن ۾ سندس اوتارن، آچارين ۽ عالمن هر دور ۾ اصلاح جون ڪوششون ڪيون. ان سلسلي ۾ شري رام چندر شبري نالي ڀيلڻ جا لُٻيل ٻير کائي هندو ڌرم ۾ اونچ نيچ جي تصورکي ختم ڪرڻ جو پريوگ ڪيو. ڪرشن ڀڳوان ڀڳت صدامان جي اچڻ جو ٻڌي پنهنجي گدي تان اٿي اگهاڙي پير وڃي ڀاڪر پائي کيس پنهنجي گدي تي ويهاريو ۽ پوءِ ڀڳت صدامان جا پير پنهنجي اکين جي پاڻي سان سون جي ٿال ۾ ڌورائي سواگت ڪيو. اهڙي ريت شنڪرآچاريه به برهمڻ سماج ۾ اونچ نيچ کي برو سمجهندي اها نفرت ختم ڪرڻ لاءِ چنڊالن قبيلي جي باشندن وٽ وڃي زمين تي ليٽي پرنام ڪيو هيو.
باگڙي قبيلا پنهنجي ڌرتي ۽ وطن سان روحاني طور تي محبت ڪرڻ وارا قبيلا آهن. واضع رهي ته بريصغير جي ورهاڱي کان پوءِ باگڙي قبيلن پنهنجي وطن کي ڪونه ڇڏيو ۽ هر قسم جي صعوبتن ۽ ڏک سک ۾ پاڪستان ۾ پنهنجي پنهنجي ويڙهن، وستين، محلن ۽ ڳوٺن کي آباد رکيو.
منورراجپوت جي تحقيق مطابق ”پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڇهه ڀيرا مردام شماري ٿي چڪي آهي. پهرئين آدم شماري 1951ع ۾ ٿي جنهن مطابق مغربي پاڪستان جي نتيجن مطابق ملڪ ۾ 4 لک 34 هزار عيسائي، 3 لک 69 هزار شيڊيول ڪاسٽ سان وابسته فرد ۽ هڪ لک 62 هزار اُچي ذات جا هندو هيا. شيڊيول ڪاسٽ جي آبادي جي تعين لاءِ ڪو الڳ فارم يا خانو ڪونه رکيو ويوهيو بلڪه ماهرن ان جو اندازو مختلف انگ اکرن جي بڻياد تي لڳايو هيو. 1961ع جي آدم شماري ۾ پاڪستان ۾ 5 لک 884 عيسائي ۽ 4 لک 18 هزار ۽ 11 فرد شيڊيول ڪاسٽ منجهان هيا جڏهن ته اُچي ذات جا هندو 2 لک 3 هزار 794 هيا. 1972ع ۾ ٿيندڙ آدم شماري ۾ عيسائين جي تعداد 9 لک 7 هزار 861 هئي، شيڊيول ڪاسٽ 6 ل، 3 هزار 369 ۽ اچي ذات جا هندو 2 لک 96 هزار 837 هيا. 1981ع واري آدم شماري جي فارم ۾ شيدول ڪاسٽ جو خانو ختم ڪري انهن کي به هندو قرار ڏنو ويو جنهن مطابق ملڪ ۾ 13 لک 10 هزار 426 عيسائي 12لک 76 هزار 116 هندو موجود هيا. 1998ع ۾ٿيندڙ آدم شماري ۾ ٻيهر شيڊول ڪاسٽ جو خانو بحال ڪيو ويو. ان سال جي نتيجن مطابق 20لک 92 هزار 902 عيسائي، 21 لک، 11 هزار 217 هندو ۽ 3 لک، 32 هزار 343 شيڊول ڪاسٽ سان تعلق رکندڙ فرد هيا جڏهن ته 2017ع جي آدم شماري ۾ ۽ ان کان پوءِ مذهبي بڻياد تي ڪٺا ڪيل نتيجا سامهون ڪونه آيا.
مذهبي ۽ عقيدي جي بڻياد باگڙي به هندن منجهان سمجهيا ويندا آهن. پاڪستان ۾ وسندڙ گهڻا باگڙي شو ديوتا کي مڃيندا آهن. ان کان علاوه اهي مختلف ديوي ديوتائن جا ڏهاڙا پڻ عقيدت سان ملهائيندا آهن جهڙوڪ باگڙ ديو، گوسائين ديو، ديونارمنگ، ديو لکمنيو، ديومئو کان علاوه اهي مختلف ديوين کي پڻ مڃيندا آهن جن ۾ ڪالڪا ديوي، جرگڻي مائي، کيڙاوالي، ڪينٿروالي ماتا، ڪلروالي ماتا، شيران والي ماتا خاص آهن. باگڙي لوڪ سوين سالن کان ساڌو تحريڪ ۽ صوفي ازم سان پڻ وابسته رهيا آهن جنهن جي مثال سنڌ جي صوفي بزرگن جهڙوڪ پيردستگير، سخي سرور، ميران شاهه، قلندرشهباز کي مڃيندي انهن جي مزارن تي حاضريون هونديون آهن. باگڙين جا تمام قبيلا هندن وانگي رام رام، هري رام،ستنام صاحب واهگرو، جئه شري رام، جئه سيتارام، واهه گرو، راڌا سوامي، جئه شنڪر، حاضر ناضر زنده رام، جئهشيئا رام، جئه ماتا ڪي، ستنام ساقي، سچو سترام وغيره چئي سلام ڪلام ڪندا رهندا آهن.
پاڪستان جي سرزمين جاگرافي، آب و هوا، لساني، مذهبي ۽ نسلي معاملات ۾ گهڻي خصوصيتن جي حامل آهي جتي هڪ سو کان وڌيڪ مخصوص قومي جٿا ملن ٿا جن مان پنجابي، سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ پنهنجو پنهنجو علاقائي ۽ صوبائي پسمنظر رکڻ وارا وڏا ۽ طاقتور گروهه مڃيا وڃن ٿا پر انهن کان علاوه به ڌرتي جي هن حصي تي بيشمار اصل باشندا صدين کان آباد آهن جن کي وڏي قومن جي ڪُند ذهن فردن اقليتن جو نالو ڏنو آهي. هن مٽي سان سماجي، تهذيبي ۽ تمدني طور تي جڙيل اهڙي قومن منجهان پارسي، آغاخاني، هريجن، ڪرسچن، هندو، باگڙي ۽ ٻيون دلت قومون آهن. پاڪستان ۾ وسندڙ باگڙي دراصل هن خطي جا اصل دراوڙي لوڪ آهن جن کي اسان اقليتن يا اڇوت جهڙي سماجي ۽ سياسي پنڃرن ۾ وجهي انهن جو اصل معتبر ۽ معزز تشخص مجروح ڪيو آهي.
اسان جي ملڪ ۾ بيشمار ٻين اقليتي قومن جيان باگڙين کي به قومي طور تي اسلامي سماج ۾ وساريل، ڌڪاريل ۽ ڪمتر سمجهيو ويو آهي جنکي پنهنجي وجود جي بقا لاءِ ته متحرڪ ڏسي سگهجي ٿو پر انهن کي ڪنهن به تاريخي عمل جو حصو بڻجڻ نه ڏنو ويو آهي ۽ اهڙي ڪنهن رخ رواج سان هاڻي انهن کي به دلچسپي نه رهي آهي. ائين کڻي چئجي ته قديم هندستان ۾ انهن سان روا سماجي ۽ مذهبي ناانصافين، ذلتن ۽ رسوائين کي هي قوم پنهنجي نفسيات مان ڪڍي ڪونه سگهي آهي. ان لاءِ ”جيئن آهي صحيح آهي“ جي بڻياد تي سنڌي مٽي جا هي قديم ۽ عظيم مجاور جديد دور جي ترقي پسندي ۽ پذيري ۾ حصو وٺڻ کان به ڊڄندا رهندا آهن.
باگڙي قديم سنڌ ۽ هند جا اصل مقام باشنداآهن جن جا مختلف ننڍا وڏا گروهه قديم دور کان پاڪستان جي مختلف علائقن خاص ڪري سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف حصن ۾ آباد آهن. اسان جي ملڪ ۾ انهن جا بيشمار محلا ۽ حصه پڻ انهن سان منسوب آهن جهڙوڪ پنجاب ۾ باگڙيان والا ضلع گجرات جو هڪ وڏو ڳوٺ ۽ يونين ڪونسل آهي جيڪا تعلقي کاريان جو حصو آهي. پنجاب ۾ ئي باگڙين سان بيشمار علاقه، محله، ڳوٺ وغيره پڻ منسوب آهن جيئن لاهور ۾ باگڙيان چوڪ ۽ باگڙيان نالي ترقي پذير علائقو پڻ آهي. اهڙي ريت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ نه رڳو باگڙين جا ڳوٺ ۽ وستيون قائم آهن پر تمام وڏي شهرن اندر انهن جا وڏا وڏا محلا به آهن. منهنجي شهر لاڙڪاڻو ۾ پڻ ان جا ڪافي محلا موجود آهن جن ۾ هڪ وڏي ۽ خاص آبادي رحمت پور محلي ۾ منهنجي دوست لڇمڻ داس وارن جي آهي، لڇمڻ هڪ علم پرور، انسان دوست، سماجي ورڪر لوڪ آهي جيڪو پنهنجي برادري لاءِ هر وقت دمي درمي مصروف نظر ايندو آهي.
قيامِ پاڪستان کان پوءِ نومبر 1957ع ۾ نافذ ڪيل هڪ صدارتي آرڊيننس تحت ڪولهي، ڀيل، مينگهواڙ، جوڳي، اوڏ، ڀنگي، چمار، ڍيڍ، شڪاري ۽ باگڙي سميت قريبن چاليهارو جي لڳ ڀڳ دلتي ذاتين کي هندن جي مخصوص برهمڻي ذات ۽ قوم کان الڳ ڪري شيڊول ڪاسٽ جو نالو ڏيڻ سان گڏ دلتي ذاتين کي سرڪاري ملازمتن ۾ ڇهه سيڪڙو ڪوٽا ڏئي انهن جي عمر ۾ ٽن سالن جي رعايت پڻ رکي وئي. 1998ع ۾ نواز شريف جي حڪومت شيڊول ڪاسٽ وارن جي ڪوٽا کي بدلائي انهن جي ڪوٽاپنج فيصد ڪري ڇڏي پر عدالت جي هڪ بينچ ٻيهر سندن اڳيون ڪوٽا برقرار ڪرڻ جو اعلان ڪيو هيو جيڪواڃان تائين بحال ڪونه ٿيو آهي.
سنڌ ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين ۽ انڊس هائي وي، نيشنل هائي توڙي سپر هائي وي جي ٻنهي طرفن موجود ضلعن بشمول ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، مٽياري، نوشهروفيروز، نواب شاهه، خيرپور ميرس، لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ۽ دادو ۾ باگڙين جون بيشمار آباديون موجود آهن. ان کان علاوه ميرپورخاص، بدين ٿرپارڪر، سانگهڙ، عمرڪوٽ ۽ ٺٽي ۾ به جام وستيون آهن. پيشي جي لحاظ کان باگڙي باغباني ۽ ترڪارين، گدري ۽ هنداڻي جي پوکي جا ماهر سمجهيا ويندا آهن. ڪراچي ۾ لياري ۽ ملير ندي جي ڪناري، انڊرپاسز جي هيٺان ۽ مختلف خالي پلاٽن ۾ جهڳين تي مشتمل ان جون سوين آباديون آهن. حيدرآباد کان ڪشمور ۽ سکر کان ڏهرڪي تائين واري علائقي ۾ آباد باگڙين جو لهجو ۽ رهڻ ڪرڻ باقي علائقي جي باگڙين کان مختلف ٿئي ٿو. بلوچستان جي جهٽ پٽ، ٽيپل، ڪوئٽا، چمن، خاران ۽ خضدار۾ به باگڙين جو گهڻيون آباديون آهن جتان هي لوڪ افغانستان ۽ ايران پڻ ايندا ويندا آهن.
جيئن عام چوڻي آهي ته دنيا چنڊ تي پهچي چڪي آهي پر اسان پاڪستانين جا ذهن اڃان تائين جهالت جي گندي گهٽين ۾ رلي رهيا آهن. دنيا جو هر مذهب انسان کي ساڳي واٽ ۽ ساڳو تشخص ڏئي ٿو پر اسان جي ملڪ ۾ ڪمزور، لاچارن ۽ بيواهن جو جيئڻ جنجال آهي. اسان جي ملڪ ۾ جتي اڪثريتن کي قانوني طور تي جيئڻ جو حق ميسر ڪونه آهي ته اقليتن سان ڪهڙو انصاف ٿيندو. اهڙي افراتفري، غيرقانونيت، ناحقي ۽ سماجي اڻ برابري واري ماحول ۾ پوئتي پيل قومون بس برائي نام ائين ئي زندهه آهن جيئن اسان جي ملڪ ۾ جانور، وڻ پودا جيئن ٿا.
توڙي جو باگڙين ۾ هاڻي پڙهائي ڪڙهائي جو ٿورڙو گهڻو شعور اچي چڪوآهي پر کين پنهنجو اصلوڪو سماجي رتبو ماڻڻ ۽ ترقي جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ کين رياستي ۽ سماجي معاملن کي پٺي ڏئي پنهنجي پنهنجي ٻل تي اڳتي وڌڻو ۽ پنهنجو پاڻ مڃرائڻو پوندو