مارچ 12, 2025


حضرت لال شهباز قلندر جي 773 هين عرس مبارڪ جي پهرين ڏينهن تي ثقافت کاتي پاران سيوهڻ لائبريري ۾ ڊائريڪٽر جنرل ثقافت سنڌ منور علي مھيسر جي اڳواڻي ۾ لوڪ موسيقي، سگھڙ ڪچهري، هٿ جي هنر جي نمائش ۽ ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويا آهن

سنڌي لوڪ ادب ۾ سگھڙ هڪ اهم صنف آهي، جيڪا سنڌ جي ثقافتي ۽ ادبي ورثي جو هڪ وڏو حصو آهي. سگھڙ جو لفظي مطلب آهي سياڻو، سيبتو، ڄاڻو، ۽ پارکو ۽ هي صنف عام ماڻهن جي زندگي، جذبن، ۽ تجربن کي سادگيءَ سان بيان ڪري ٿي. سگھڙن جو ڪلام زباني روايتن ذريعي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندو آهي ۽ سنڌي سماج جي ڏاهپ ۽ سوچ جو عڪس پيش ڪري ٿو . سگھڙ جو ڪلام سادو ۽ حقيقت تي ٻڌل هوندو آهي. هن ۾ عوامي ٻوليءَ جو استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪو سماج جي هر فرد لاءِ سمجھڻ ۾ آسان هوندو آهي هن ۾ وزن ۽ بحر جي پابندي ڪانه هوندي آهي، پر رديف ۽ قافيي جو استعمال ڪيو ويندو آهي سگھڙ پنهنجي آسپاس جي سماجي ۽ فطري منظرن کي پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪري ٿو. هن جو ڪلام سماج جي حقيقتن ۽ مسئلن کي اجاگر ڪري ٿو سگھڙن جون ڪچهريون ۽ ڪلام سنڌي سماج جي سوچ ۽ ڏاهپ جو عڪس پيش ڪن ٿا. سگهڙ ڪچهري دوران سنڌ جي ناليوارن سگھڙن عجب گل ڀٽي، عبدالغني جلباڻي، عبدالرشید مري، رجب سولنگي، منظور سيرلو، مير چنا، ادريس جمالي، غلام محمد سنجراڻي، منير قمبراڻي کان علاوه ٻين سگھڙن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ عرس مبارڪ تي ايندڙ پانڌيئڙن کي محزوز ڪيو. سگهڙ ڪچهري دوران لوڪ محفل موسيقي جو اهتمام پڻ ڪيو ويو هو جنهن ۾ سنڌ جي لوڪ فنڪارن پاران فن جو مظاهرو ڪندي خوب داد وصول ڪيو.

هٿ جي هنر جا اسٽال
ان موقعي تي سنڌي هٿ جي هنر سان تيار مختلف ناياب شين جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آهن سنڌ جي ثقافتي ورثي ۾ هٿ سان ٺهيل هنرن جو وڏو مقام آهي. هيءَ هنر نه رڳو سنڌ جي تاريخ ۽ سڃاڻپ جو عڪس آهي، پر اڄ به هنرمندن جي محنت ۽ تخليقي صلاحيتن جو شاهڪار آهي سنڌي هٿ جي هنر جي تاريخ موهن جو دڙي جي تهذيب سان ڳنڍيل آهي، جتي ڪاٺ، مٽي، ۽ ڌاتو جي اوزارن جي ڊزائين ۽ ٻيا اهڃاڻ مليا آهن. اڄوڪي نمائش ۾ اجرڪ، سڳيون، ٺڪر جا ٿانون، ڀرٿ، رلي جا مختلف قسم ۽ هٿ جي هنر جي مختلف قسمن جو ٻيون شيون رکيون ويون آهن.
ڪتابن جا اسٽال
مطالعي جي رجحان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ثقافت کاتي پاران جڳ مشهور ليکڪن پاران تحرير ڪيل مختلف موضوعن تي لکيل ڪتابن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آهن. ان موقعي تي ثقافت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سليم سولنگي ٻڌايو ته هي پروگرام عرس مبارڪ جا ٽئي ڏينهن جاري رهندو پروگرام لاڳاپيل کاتن جي عملدارن ۽ ٻين معزز ماڻهن شرڪت ڪئي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے