مارچ 11, 2025

ڪراچي
سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھ يتھ سنڌ جي گرورنر جن بلن تي اعتراض واريا ھُئا، اُھي اڄوڪي اجلاس ۾ ٻيھرپاس ڪيا ويندا، سنڌ اسيمبلي جيئن ئي اھي بل پاس ڪندي تھ اُھي ٻيھرگورنر کي موڪليا ويندا ۽ اُھا بل منظور سمجھيا ويندا.
سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ گذريل ڪجھھ ورھين کي نوڪرين تي پابنديون ھيون، ڪجھھ ماڻھن عدالتن سان بھ رجوع ڪيو ھو، سنڌ سرڪار پاران نوڪرين جي لاءِ عمر جي حد ۾ رعايت ڏني وئي آھي، عمر جي حد ۾ اھا رعايت سي ايس ايس ۽ پوليس جي نوڪرين تي لاڳو نھ ھوندي.
ھن چيو تھ سيوھڻ ۾ ٿيل حادثي تي پنجاب جي اطلاعات واري وزير سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس بيان مان لڳي ٿو تھ کيس شين جي علم ناھي، پنجاب جي وزير اعليٰ ۽ وزير اطلاعات ھوم ورڪ ڪرڻ کان سواءِ بيان ڏيندا آھن، پنجاب جي وزير اعليٰ بيان ڏنو تھ اي وي بس اسان شروع ڪئي، آٽزم سينٽر سڀني کان پھرين اسان ٺاھيا، پر سڀني کي معلوم آھي تھ سڀني کان پھرين اي وي بس سروس سنڌ سرڪار شروع ڪئي، آٽزم جا جديد سينٽر بھ سنڌ سرڪار ئي ٺاھيا.
ھن چيو تھ سيوھڻ وارو روڊ، سکر ۽ حيدرآباد روڊ بھ نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي جا آھن، سيوھڻ جي روڊ تي روزاني انساني حياتين جو نقصان ٿئي ٿو، سنڌ سرڪار ست ارب رُپيا بھ ڏنا، پر اڃا تائين روڊ ناھي ٺھيو، قومي شاھراھن تي حادثاليگ ن جي نااھلي آھي، وفاق ۾ سڀني کان وڌيڪ حڪومت مسلم ليگ ن جي رھي آھي، جيڪڏھن روڊ مڪمل ناھن ٿيا تھ اھا ن ليگ جي وفاقي حڪومت جي نااھلي آھي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پنجاب جي اطلاعات واري وزير جڏھن تقرير ڪندي آھي تھ کيس اھو سمجھڻ گھرجي تھ جواب بھ ايندو ۽ اسان ڪوڙيون ڳالھيون نھ ڪندا آھيون، اسان اوھان کي رڳو سچ ٻڌائيندا آھيون، پيپلز پارٽي وٽ سنڌ جو حقيقي مينڊيٽ آھي، عوام پيپلز پارٽي جي ڪم کي ساراھي ٿي، اوھان جو مينڊيٽ ۽ اوھان جي خدمت سڀني کي معلوم آھي.
ھن چيو تھ پي ٽي آءِ جي بئرسٽر سيف اڄ صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حوالي سان بيان ڏنو، پي ٽي آءِ وڻ وڻ جي ڪاٺي آھي، مختلف پارٽين مان ماڻھو پي ٽي آءِ ۾ ايندا رھيا، پي ٽي آءِ جو ليڊر جيل ۾ ويٺل آھي تھ اھا پي تي آءِ جي سيڪنڊ ٽيئر جي اڳواڻن جي مھرباني آھي، انھن نھ رڳو عوام کي گمراھھ ڪيو، پر عمران خان ملڪ کي بين الاقوامي طور تي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پي ٽي آءِ جي سياست ڏڦيڙ، ملڪ ۽ ملڪي ترقي کي نقصان پھچائڻ آھي، اڪيلو عمران خان ئي نھ پر پوري پي ٽي آءِ اُن ۾ملوث رھي آھي، ھي ماڻھو قرض نھ ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف کي خط لکي رھيا ھُئا، پاڪستان ۽ پاڪستان جي ادارن جي سوشل ميڊيا تي واويلا ڪندا رھيا، پي ٽي آءِ مقاقي توڙي بين الاقوامي طور تي پاڪستان کي ھر ممڪن نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پي ٽي آءِ جا ترجمان پيپلز پارٽي تي تنقيد کان اڳ سوچين تھ جھڙي قسم جي سياست ھُو ڪندا رھيا آھن اُن وڌيڪ آئينو کين ڪوبھ ڏيکاري نھ ٿو سگھي.
ھن چيو تھ خيبرپختونخواھھ ۾ پنجين وڳي کان پوءِ ٿاڻن تي لڳي ويندا آھن، پوليس ٻاھر ناھي نڪري سگھندي، 15 ورھيھ پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ اي پي ايس سانحو ٿيو، جيل ٽوڙيو ويو، خيبرپختوانخواھھ جي پي ٽي آءِ حڪومت ۽ پوري پي ٽي آءِ وفاقي گادي واري شھر تي چڙھائي جي ڪوششن ۾ رڌل آھي، خيبرپختوانخواھھ جا ماڻھو جيڪڏھن روزگار سانگي ھتي ايندا آھن تھ اُن ڳالھھ مان واضح ٿئي ٿو تھ ڪي پي جي حڪومت پنھنجي عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آھي.
ھڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پيپلز پارٽي ڪڏھن بھ بليڪ ميلنگ واري سياست ناھي ڪئي، پيپلز پارٽي ليگ جو ساٿ شوق سان نھ ڏنو ھو، اسان اسيمبلين جو قيام چاھيون پيا، جمھوريت جي لاءِ حڪومت سازي ۾ اسان ن ليگ جي غير مشروط حمايت ڪئي ھُئي، اڄ بھ اسان ڪنھن کي بليڪ ميل نھ پيا ڪريون، اسان پنھنجي صوبي جو جائز حق گھري رھيا آھيون، پاڪستان جو گيٽ وي ڪراچي آھي، اوھان پوري پاڪستان کي تڪليف ڏئي رھيا آھيو، پوري پاڪستان جو ڪاروبار ھتان ٿيندو آھي، مين گيٽ وي حيدرآباد سکر روڊ آھي، اوھان باقي رٿائن لاءِ پئسا سکي سگھو ٿا تھ ھن لاءِ ڇو نھ ٿا رکي سگھون. سيوھڻ روڊ جي لاءِ اسان پئسا ڏنا آھن، اوھان ايترا نااھل آھيو جو روڊ ٺاھي نھ ٿا سگھو، اسان جا خدشا جائز آھن، اسان ڪا پوانئٽ اسڪورنگ يا سياست نھ پيا ڪريون، اسان نھ رڳو سنڌ پر پوري پاڪستان جي عوام کي رليف پھچائڻ جي ڳالھھ ڪري رھيا آھيون، سنڌ جي ھوائي اڏا بند ي رھيا آھن، موھن جو دڙو، شھيد بينظير آباد جي ھوائي اڏا بند ڪيا ويا، حيدرآباد ھوائي اڏو اڳواٽ ئي بند ڪيو ويو، اسان پنھنجو حق گھري رھيا آھيون، وفاقي حڪومت کي جتي مدد جي ضرورت پوندي، اتي ھڪ پير تي بيھي مدد ڪنداسين، اوھان جا ترجمان حقيقتن کانسواءِ بيان ڏيندا آھن، کين چئو تھ ٿورو پڙھندا ڪن.
ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پي ٽي آءِ کي جيتريون بھ تحريڪون ھلائڻيون آھن يا يلغارون ڪرڻيون آھن اُھي وفاق ڏانھن يا ادارن خلاف نھ پر دھشتگردن خلاف ڪن، جيڪي ڪي پي ۾ اسان جي معصوم ڀينرن ۽ ڀائرن کي ماري رھيا آھن، ڪي پي جو وزير اعليٰ پنھنجون توانايون دھشتگردن خلاف استعمال ڪري.
ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ھيوي ٽريفڪ اشو آھي، ڪراچي پورٽ سٽي آھي، ھتي پوري پاڪستان جي ھيوي ٽريفڪ ايندي آھي، بقدسمتي سان اسان جي ٻن ورھين جي سيس جا 180 ارب رُپيا سپريم ڪورٽ ۾ ھليا ويا آھن، اسان کين خط لکيا پر اڃا تائين اسان جي ٽيڪس جي رقم ڪورٽ ۾ جمع ٿي رھي آھي، چيف جسٽس کي اپيل ڪريان ٿو تھ اسان جا پئسا سنڌ جي بنيادي ڍانچي تي خرچ ڪرڻ لاءِ ڏين.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ چارجڊ پارڪنگ اڄ کان ختم ڪئي وئي آھي، جيڪڏھن ڪو چارجڊ پارڪنگ ھلائي رھيو آھي تھ اھو غير قانوني آھي، چيمپيئنز ٽرافي لاءِ سنڌ سرڪار مڪمل سڪيورٽي فراھم ڪري رھي آھي، ھي اسان جي اولين ترجيح آھي، انشااللھ چيمپيئنز ٽرافي خير ۽ خوبي ٿي ويندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے