فروری 3, 2025

ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فيبروري 2025 لاءِ قومي پوليو مهم جو وزيراعليٰ هائوس ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري مهم جو باضابطه افتتاح ڪيو.

وڏي وزير حڪومت جي پوليو جي خاتمي ۽ صوبي جي ٻارن لاءِ صحتمند مستقبل کي يقيني بڻائڻ جي مضبوط عزم کي ورجايو. افتتاحي تقريب سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، اي او سي ڪوآرڊينيٽر ارشد سوڍڙ، روٽري جو عزيز ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير زور ڏنو ته پوليو جي خاتمي جي مهم صرف صحت جو مسئلو ناهي پر سنڌ جي ٻارن جي ڀلائي لاءِ هڪ اهم جنگ آهي.

هن چيو ته اسان جو پڪو عزم آهي ته سنڌ ۾ ڪوبه ٻار هن موذي بيماري جو شڪار نه ٿئي. سنڌ حڪومت هن مشن ۾ مڪمل طور تي مصروف آهي ۽ ذاتي طور تي مهم جي نگراني ڪندي. ويڪسينيشن مهم 3 فيبروري کان 9 فيبروري تائين جاري رهندي ۽ ان جو مقصد سڄي سنڌ ۾ پنجن سالن کان گهٽ ڄمار جي 16 ملين کان وڌيڪ ٻارن کي ڦڙا پيارڻ آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان دنيا جي آخري ٻن ملڪن ۾ شامل آهي

جتي اڃا تائين پوليو موجود آهي. مراد علي شاهه چيو ته 2024 ۾ پاڪستان ۾ 73 پوليو ڪيسن مان 22 سنڌ ۾ رپورٽ ٿيا. 2025 جو پهريون ڪيس خيبر پختونخواه جي ڊيره اسماعيل خان ۾ رپورٽ ٿيو آهي جيڪو ياد ڏياري ٿو ته پوليو وائرس اڃا تائين هڪ سنگين خطرو آهي. ماحولياتي نگراني دوران سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي جي تصديق پڻ ٿي آهي جيڪا مسلسل نگراني جي ضرورت کي وڌيڪ اجاڳر ڪري ٿي. وڏي وزير صوبي جي 82000 فرنٽ لائن پوليو ورڪرن جي محنت جي واکاڻ ڪئي جيڪي ڏکئي حالتن باوجود ٻارن کي هن موذي بيماري کان بچائڻ لاءِ گهر گهر وڃي رهيا آهن. هن چيو ته اهي ورڪر هن مهم جا اصل هيرو آهن. انهن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ 21844 سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. هن صحت ٽيمن جي حفاظت لاءِ سنڌ پوليس جي ڪوششن جي پڻ تعريف ڪئي. پوليو ويڪسينيشن مهم ۾ ڪنهن به مزاحمت خلاف سخت پيغام ڏيندي مراد علي شاهه چيو ته اسان جي پوليو ٽيمن خلاف ڪنهن به قسم جي ڌمڪي يا رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي جيڪو به هن مهم ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪندو ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته اهي ورڪر رڳو طبي عملو نه پر اسان جي ٻارن جي مستقبل جا محافظ آهن ۽ اهي اسان پاران عزت ۽ مدد جا مستحق آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه پاران تيار ڪيل هڪ نئون ڪارڪردگي اسڪور ڪارڊ پڻ متعارف ڪرايو جيڪو ضلعي سطح تي مهم جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ضلعن جي تعريف ڪئي ويندي جڏهن ته خراب ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ علائقن جو احتساب ڪيو ويندو.

وڏي وزير مذهبي اڳواڻن، استادن، برادري جي بزرگن ۽ بااثر شخصيتن کي پڻ اپيل ڪئي ته اهي هن مهم ۾ مڪمل شرڪت جي حوصلا افزائي ڪن. هن چيو ته اسان پنهنجي گڏيل ڪوششن سان سنڌ ۽ پاڪستان کي پوليو کان پاڪ بڻائينداسين. هي اسان لاءِ تاريخ جو حصو بڻجڻ جو موقعو آهي ۽ اسين شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خواب کي پورو ڪنداسين.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے