دسمبر 24, 2024

ڪراچي: پي اي سيءَ آڊٽ رڪارڊ جي فراهميءَ لاءِ ڊپارٽمينٽل اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي هدايتن تي عمل نه ڪرائڻ تي ٽرانسپورٽ کاتي جي ڊي ڊي او کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

جڏهن ته پي اي سيءَ سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازمن کي پڪ اينڊ ڊراپ ڪرڻ وارين بسين جي ٺيڪيدار کان 6.686 ملين روپيا ٽئڪس جي اوڳاڙي نه ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي ٺيڪيدار کان 10 ڏينهن ۾ ٽرانسپورٽيشن چارجز جي مد ۾ ٽئڪس وصول ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

خميس ڏينهن پي اي سيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبر سيد فرخ شاهه، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي سال 2017ع کان سال 2021ع

تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو کاتي جي آفيسرن کان پڇيو ته بي آر ٽي، اورينج لائين منصوبو ۽ گرين لائين جي اضافي روٽ جو منصوبو ڪٿي پهتو؟

جنهن تي ٽرانسپورٽ واري سيڪريٽري پي اي سي کي ٻڌايو ته بي

آر ٽي تي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته منصوبي جو ڪم جلد مڪمل ٿئي ۽ بي آر ٽي اورينج لائين لاءِ 20 بسون سنڌ حڪومت فراهم ڪندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته بورڊ آفيس کان نمائش تائين گرين لائين جو منصوبو وفاقي حڪومت جو هيو ۽ ايندڙ ٻن مهينن ۾ نمائش کان ٽاور تائين گرين لائين جي اضافي روٽ تي ڪم شروع ڪيو ويندو.

سيڪريٽري ٽرانسپورٽ پي اي سي کي ٻڌايو ته ڪراچي شهر ۾ ريڊ،

پنڪ بسين سميت اليڪٽرڪ بسون هلي رهيون آهن ۽ ايندڙ 4 مهينن ۾ 100 وڌيڪ اليڪٽرڪ بسون اينديون. چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو چيو ته بي آر ٽي سميت ٽرانسپورٽ جي ٻين منصوبن تي ڪم تيز ڪيو وڃي ۽ هنن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن شهرين کي بهتر ٽرانسپورٽ جي سهولت ملي سگهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے