جنوری 13, 2025

سنڌ سرڪار جي اطلاعات کاتي فلمن ۽ ڊراما انڊسٽري سان لاڳاپيل ماڻھن جي مدد جو فيصلو ڪندي فلم اينڊ ڊراما پراڊڪشن بورڊ قائم ڪري ورتو آھي. سنڌ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ اطلاعات کاتي سنڌ طرفان فلم ۽ ڊراما پراڊڪشن بورڊ جو قيام عمل ۾ آندو ويو آھي.

سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ اھم اجلاس ۾ بورڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو . اجلاس ۾ سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمن، ڊائريڪٽر ايڊورٽائزمينٽ محمد يوسف ڪابورو، سارنگ لطيف چانديو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس جي موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ نئون جوڙيل بورڊ فلم ۽ ڊراما پراڊڪشن ۽ اُن شعبي سان لاڳاپيل ماڻھن جي مدد ڪندو ۽ ثقافتي نمائندگي ۽ تخليقي صلاحيتن کي ھٿي ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندو.

ھن چيو تھ بورڊ تحت فلم ۽ ڊراما انڊسٽري سان لاڳاپيل ماڻھن جي حوصلا افزائي جي لاءِ سندن سھائتا پڻ ڪئي ويندي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار صوبي جي گونان گون ثقافت ۽ ھمھ گير تاريخي تھذيب کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پتوڙي رھي آھي، اطلاعات کاتي پاران نئين ٽيلنٽ کي ھٿي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن،

فلم ۽ ڊرامي جي ذريعي پاڪستان، خاص طور تي سنڌ اندر ھاڪاري سوچ کي ھٿي ڏيڻ جي ضرورت آھي. ھن چيو تھ سماجي براين جي روڪٿام ۽ اُنھن جي ناڪاري اثرن جي خاتمي لاءِ سول سوسائٽي ۽ آرٽسٽن سان گڏ سمورن مڪتبھ فڪر جي ماڻھن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو

.شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ميڊيا انڊسٽري کي درپيش للڪارن کي سامھون رکندي ميڊيا انڊسٽري جي وڌيڪ سھائتا جي ضرورت آھي، اطلاعات کاتو سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي ماڻھن ۾ ھاڪاري سوچ اجاگر ڪرڻ لاءِ لاءِ ڪردار ادا ڪندو رھندو.

.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے