گهٽ ۾ گهٽ اجرت تي عمل ۾ لاپرواهي ڪندڙ ادارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي: شاهد عبدالسلام ٿهيم
مزدورن جي ٻارن جي تعليم تي خاص توجه ڏني پئي وڃي، محنت واري وزير جو عزم
ڪراچي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37000 روپين تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌ جي محنت واري وزير شاهد عبدالسلام ٿهيم چيو آهي ته سنڌ حڪومت مزدورن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. غير هنرمند مزدورن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37 هزار رپيا هر مهيني جي پاليسي تي سختي سان عمل ڪيو پيو وڃي. ان حوالي سان ليبر کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته فيڪٽرين ۽ ادارن جي انسپيڪشنز تيز ڪن ۽ قانون تي عمل نه ڪندڙ ادارن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. مزدورن سان زيادتي يا سندن حق غصب ڪندڙ ادارن کي قانون مطابق سزا ڏني ويندي. محنت واري وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت مزدون جي ٻارن کي تعليم ۽ انهن جي صحت جي حوالي سان قدم کڻي رهي آهي. ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ذريعي مزدورن جي ٻارن کي تعليمي ادارن ۾ مفت تعليم فراهم ڪئي پئي وڃي. ان کان علاوه فني تعليم جا موقعا پڻ فراهم ڪيا پيا وڃن ته جيئن هو مستقبل ۾ معاشي طور خود مختيار بڻجي سگهن. هن وقت مزدور ويلفيئر اسڪولن ۾ هزارين شاگرد پڙهي رهيا آهن جڏهن ته وڌيڪ اسڪول قائم ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي.