جنوری 13, 2025

ڪراچي سنڌ سرڪار جي سھڪار سان چين ۽ پاڪستان جي سيڙپڪارن ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ، صحت، توانائي ۽ زراعت جي پنج مختلف منصوبن جي مفاھمت جي يادداشت نامن تي صحيحون ڪري ورتيون آھن.ٻنھي ملڪن جي سيڙپڪارن پاران اليڪٽرڪ ڪار جي مقامي اسمبلنگ، سولر پينل جي مقامي پيداوار، سستي رليز فرٽيلائزر، الگي فارمنگ ۽ ڌابيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ ميڊيڪل سٽي جي قيام لاءِ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون. سنڌ جي توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جي آفيس ۾ چيني ۽ پاڪستاني سيڙپڪارن جي وچ ۾ معاهدن تي صحيحن جي تقريب ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، سنڌ جي توانائي، رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي سيد ناصر حسين شاھھ، وڏي وزير جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت خاص معاون سيد قاسم نويد قمر شرڪت ڪئي.ايم او يوز تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي سينيئر وزير ۽ ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيني سيڙپڪارن جو وفد سنڌ آيو آهي، سيڙپڪارن جي وفد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان بھ ملاقات ڪئي.هن چيو ته چيني سيڙپڪار ڪنهن به شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندا ته سنڌ سرڪار سندن هر ممڪن مدد ڪندي، سيڙپڪارن صدر آصف علي زرداري سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ چيني سفير پڻ موجود هو، صدر آصف علي زرداري چيو ته چيني سيڙپڪار پاڪستان ۾ جتي به سيڙپڪاري ڪندا، پاڪستان جي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت سندن ڀرپور مدد ڪنديون.سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پاڪ چين دوستي مثالي دوستي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان-چين دوستي جو بنياد رکيو، 2008 ۾ صدر آصف علي زرداري پيپلز پارٽي جي حڪومت دوران سي پيڪ منصوبي جو بنياد رکيو، هن گهڻا دورا چين جا ڪيا هئا. ماڻهو ان جي مخالفت بھ ڪندا ھُئا، صدر آصف علي زرداري چيو ته سي پيڪ رڳو هڪ ڪوريڊور ناهي پر اهو ٻن ملڪن کي ويجهو آڻڻ جو رستو آهي، اسان کي پاڪستان جي معيشت کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي.هن چيو ته چيني سيڙپڪارن مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. وڏي وزير جي خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر به کين ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جو دورو ڪرايو. جنهن ۾ چيني سيڙپڪارن وڏي دلچسپي ڏيکاري ۽ ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ صنعتون لڳائڻ لاءِ چيو، ڌاٻيجي اڪنامڪ زون واحد زون آهي جيڪو سي پيڪ سان ڳنڍيل آهي.سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پاڪستان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ عالمي رينڪنگ ۾ ٽاپ تي آهي ۽ ان جو سبب سنڌ صوبو آهي. سنڌ صوبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت وڏن منصوبن تي ڪم ٿيو آهي، سنڌ جا وڏا منصوبا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪاميابي سان هلي رهيا آهن.هن چيو ته سيڙپڪار پاڪستان ۾ جديد ترين ميڊيڪل سٽي ٺاهڻ چاهين ٿا، جنهن تي سنڌ حڪومت کين هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي. اسان نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ اي وي ٽيڪسيون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي هدايتن تي اسان هڪ اهڙي اسڪيم آڻڻ وارا آهيون جنهن تحت هزارين نوجوانن کي پنهنجو روزگار حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو. اسان ماحول دوست ٽيڪسي سروس متعارف ڪرائڻ وارا آهيون، جيڪا سافرن کي سستي ۽ سٺي سهولت فراهم ڪندي.سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ان سڄي عمل ۾ سيڙپڪاري کاتي جو اهم ڪردار آهي، قاسم نويد قمر جڏهن کان آيو تڏھن کان ھن وڏيون ڪوششون ورتيون آھن، اسان جو مقصد پاڪستاني واپارين کي چيني واپارين جي ويجهو آڻڻ هو ته جيئن اهي پاڻ ۾ بزنس ماڊل جي مٽا سٽا ڪري سگهن ۽ واپارين کي فائدو پھچي سگھي. هن چيو ته چيني سيڙپڪارن جو دورو ڪامياب رهيو، چين اسان جو برادر ملڪ آهي، چين سان اسان جا تمام سٺا لاڳاپا آهن، چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، جيتري وڌيڪ صنعتون قائم ٿينديون اوترو روزگار جا موقعا وڌندا. اسان رڳو سرڪاري نوڪرين تي ڀاڙي نٿا ڪري سگهون، ميڊيڪل سٽي قائم ٿيڻ سان پنجاهه هزار ماڻهن کي روزگار ملندو.هڪ سوال جي جواب ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ حڪومت سيڙپڪارن کي ميڊيڪل سٽي جي قيام لاءِ ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو آهي، ميڊيڪل سٽي جي قيام لاءِ ايم او يو تي صحيحون ٿي رهيون آهن، پاڪستان ۾ ٺهندڙ شيون به پاڪستان مان ايڪسپورٽ ڪيون وينديون، ان سان پاڪستان کي فائدو ٿيندو. ڌاٻيجي اڪنامڪ زون ۾ صنعت قائم ڪرڻ تي ڏهن سالن جي ٽيڪس ڇوٽ آهي، اهو واپارين لاءِ هڪ وڏو رليف آهي، هي قدم انهن سڀني سيڙپڪارن لاءِ آهي جيڪي ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ ڪاروبار ڪندا.پريس ڪانفرنس جي موقعي تي هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير جي خاص مددگار قاسم نويد قمر چيو ته گرينائيٽ هتان ايڪسپورٽ ڪيو ويندو هو ۽ ٻين ملڪن مان پروسيس ڪري ٻيھر اسان وٽ وڪرو ڪيو ويندو هو، اسان ڪوشش ڪنداسين ته ان کي ھتي ئي پروسيس ڪيو وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، ايف ٽي سي عمارت ۾ ٿر جو گرينائيٽ لڳايو ويو آهي، اسان وٽ ٿر ۾ اربين ٽن ڪوئلو موجود آهي، ماهرن موجب اسان ڪوئلي مان سستي بجلي پيدا ڪري ٻه سئو سالن تائين وڪرو ڪري سگهون ٿا.ان موقعي تي توانائي، رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ فرٽيلائيزيشن اسان جي بنيادي ضرورت آهي، ڪوئلي جي گيسفيڪيشن 2 سئو ايڪڙ زمين تي پلانٽ لڳايو ويندو، سولر پارڪ پڻ قائم ڪيا پيا وڃن، جيڪي توانائي جي شعبي ۾ تمام گهڻا مددگار ثابت ٿيندا، ڪوئلي سان بھ بجلي پيدا ڪئي ويندي.هن چيو ته سولر پارڪن مان پيدا ٿيندڙ بجلي جا اگهه سنڌ حڪومت مقرر ڪندي، سولر پارڪن مان عوام کي 18 رپيا في يونٽ بجلي ملي سگھندي، بجلي جا اگهه سيپرا ۽ ايس ٽي ڊي سي طئي ڪندا.هڪ سوال جي جواب ۾ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ۾ وفاق جا ٽي نمائندا آهن، سنڌ جي ڪا به نمائندگي ناهي، لوڊشيڊنگ ۽ ٽيرف جو ميڪنزم موجود آهي، پر نمائندگي نه هجڻ سبب اُن ۾ اسان جو ڪوبھ عمل دخل ناھي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته عوام کي سستي بجلي ملي، سستي بجلي فراهم ڪرڻ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے