خاص معاون هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ راجوير سنگهه سوڍا ج سيڪريٽري هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ تهسين فاطمه سان ملاقات، سيڪريٽري کاتي جي ڪارڪردگي ۽ جاري منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
ڪراچي راجوير سنگهه سوڍا چيو ته انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ کاتي جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ موثر ۽ عوام دوست بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن انٽرنيشنل هيومن رائيٽس ڊي، جيڪو 10 ڊسمبر تي ملهائجي ٿو، جي تيارين تي زور ڏنو ۽ تجويز پيش ڪئي ته ان ڏينهن کي هڪ مؤثر طريقي سان اجاگر ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملي ترتيب ڏني وڃي. راجوير سنگهه سوڍا خاص طور تي هيومن رائيٽس ڪمپلين سيل کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت تي روشني وڌي ته جيئن شهرين جا مسئلا فوري ۽ موثر طريقي سان حل ٿي سگهن. راجوير سنگهه سوڍا چيو ته انساني حقن جي تحفظ لاءِ مختلف اسٽيڪ هولڊرز، سول سوسائٽي، ۽ ميڊيا جي سهڪار سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سنڌ ۾ انساني حقن جو بنيادي ڍانچو مضبوط ٿي سگهي.