فروری 5, 2025

ٿر فائونڊيشن طرفان تحقیقي ۽ تخليقي سوچ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مٺي ۾ ميگا سائنسي نمائش” ميگنيفائي سائنسي ٿر 2024″ جو انعقاد ڪيو ويو، سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه سائنسي نمائش انتهائي اتساهيندڙ قرار ڏنو آھي ته ۽ چيو آھي ته سماج سائنسي سوچ سان ئي بدلجندو، ٿر فائونڊيشن ۽ دائود فائونڊيشن سائنسي ميلو منعقد ڪرڻ تي جس لهن، ٿر فائونڊيشن ان نمائش کي مستقل طور تي جاري رکي، جنهن سان مقامي شاگردن کي ڀرپور فائدو ٿيندو.

سماج جي اڏاوت ۽ ترقي سائنس وسيلي ئي ٿي سگهي ٿي هن خيال کي حقيقت بڻائن لاءِ ٿر فائونڊيشن طرفان ٻارن ۽ شاگردن جي ذهني اوسر ۽ تخليقي صلاحيتن کي نمايان ڪرڻ ۽ هٿي وٺرائڻ لاءِ مٺي ۾ ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي اينگرو ڪيمپس ۾ سائنسي نمائش منعقد ڪئي وئي، جنهن جي افتتاحي ڏينهن تي ٿرپارڪر ضلعي جي هزارين شاگردن شرڪت ڪئي.

ٻن ڏينهن تائين جاري رهندڙ ان سائنسي نمائش "ميگنيفائي سائنس ٿر 2024” جو افتتاح سنڌ جي تعليم ۽ معدنيات واري صوبائي وزير سيد سردار شاھ، سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي سي اي او عامر اقبال، ايم پي اي فقير شير محمد بلال لاڻي، سيڪريٽري ڪلچر خير محمد ڪلوڙ، ايم ڊي اسٽيوٽا منور مِٺاڻي، سشيل ملاڻي، جي ايم ٿر فائونڊيشن فرحان انصاري ۽ جنرل مينيجر ايس اي سي ايم سي سبين شاهه ڪيو.

افتتاحي تقريب کان پوءِ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه، شاگردن طرفان ٿيم بيسڊ ۽ مضمونن تي آڌاريل نمائش جو تفصيلي دورو ڪيو، جتي کيس شاگردن مختلف سرگرمين دوران سائنسي معلومات بابت آگاهي ڏني، نمائش دوران شاگردن ذهني اوسر ۽ تخليقي صلاحيتن سان لاڳاپيل سرگرمين جهڙوڪ جڳاڙ گهر، فلمُن جَي پس پردہ خاڪن، فزڪس جي مختلف تجربن، انساني ارتقا جي تصويري خاڪن، سائنس جي جادو ۽ فطرت بابت ڊاڪيومينٽريز سميت زرعي تحقيق بابت سرگرمين جي آگاهي ڏني ۽ پنهجي معلومات ونڊي.

سائنسي نمائش دوران شاگردن سيد سردار شاھ کي انسانن، جانورن ۽ اينيمل سپرپاور جي ٿيم تي سلهاڙيل ڪافي معلوماتي مواد ۽ خاڪن تي پڻ آگاهي ڏني.

شاگردن طرفان تحقيق ۽ تخليق جي ڪمن تي ٿيل پورهئي کي ڏسي سيد سردار شاھ ان کي تمام گهڻو اتساهيندڙ قرار ڏنو ۽ سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني،اينگرو پارو جنريشن ٿر لميٽيڊ جي ماڊلز سميت مختلف معلوماتي ۽ تجرباتي اسٽالن تي پڻ تفصيلي آگاهي ورتي.

تعليم واري وزير سيد سردار شاھ نمائش منقعد ڪرڻ تي ٿر فائونڊيشن ۽ دائود فائونڊيشن جي ڀرپور ساراهه ڪئي ۽ شاندار سائنسي نمائش منعقد ڪرڻ تي کين ڀرپور داد ڏنو، سيد سردار شاهه چيو ته ٿر فائونڊيشن ان نمائش کي مستقل طور تي جاري رکي، جنهن سان مقامي شاگردن کي ڀرپور فائدو ٿيندو، ٿر جي ٻارن ۾ اها خاصيت ۽ ذهانت آهي ته جيڪڏهن کين تربيت مِلي ته اهي ٻار هارورڊ ۽ آڪسفورڊ جي ٻارن سان مقابلو ڪندا، اسان به سڄي سنڌ ۾ "سائنس ان سنڌ ” جي نالي سان هڪڙي شروعات ڪري چڪا آهيون جنهن تحت سمورو سال سنڌ م سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ سائنسي نمائشون ۽ ريجنل مقابلا ٿيندا، جنهن کان پوءِ ڪراچي ۾ وڏي سطح جي نمائش رکي ويندي جتي ٿر فائونڊيشن ۽ دائود فائونڊيشن سميت مختلف سائنس سان لاڳاپيل ادارن کي پن مدعو ڪيو ويندو.

ان موقعي تي سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني ۽ ٿر فائونڊيشن جي سي اي او عامر اقبال سائنسي نمائش ۾ شرڪت ڪرڻ تي تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاھ جا تمام گهڻا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ٿر فائونڊيشن طرفان ان نمائش منعقد ڪرڻ جو مقصد ٻارن ۽ شاگردن ۾ تحقيقي صلاحيتون پيدا ڪرڻ آهي، هڪ اندازي موجب ٻن ڏينهن دوران 25 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت متوقع آهي، نمائش جو مقصد سائنس کي هٿي ڏيارڻ آهي ته جيئن سائنس جي خيال ۽ اصولن کي سولو بڻائي پيش ڪري سگهجي.

سنڌ جي سيڪريٽري ثقافت خير محمد ڪلوڙ ٿر فائونڊيشن ۽ دائود فائونڊيشن جي سهڪار سان منعقد ڪيل سائنسي نمائش کي تمام گهڻو ساراهيو ۽ چيو ته ٿرپارڪر جهڙي ڏورانهين علائقي ۾ اهڙي سائنسي نمائش منعقد ڪرڻ تي ٿر فائونڊيشن جي جيتري ساراهه ڪجي اها گهٽ آهي. ايم ڊي اسٽيوٽا منور مٺاڻي پڻ سائنسي نمائش کي ٿر جي ٻارن ۽ شاگردن جي ذهني اوسر جي واڌ ويجهه لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو.

جنرل مينيجر ٿر فائونڊيشن فرحان انصاري چيو ته ٿر فائونڊيشن جو مقصد آهي ته مقامي آباديءَ جي تعليم جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي ان ڪڙي کي نظر م رکندي ٽاپڪ بيس ۽ موضوع تي آڌاريل سائنسي نمائش منعقد ڪئي وئي آهي.

سائنسي نمائش ۾ ٽي ڊي ايف ميگنيفائي سائنس سينٽر طرفان تيار ڪيل سئو کان وڌيڪ ماڊلز تي ٿر فائونڊيشن جي اسڪولن جي شاگردن جديد سائنسي معلومات فراهم ڪري مختلف سرگرميون پيش ڪيون ان کان علاوه مٺي، اسلام ڪوٽ، چيلهار ۽ ننگرپارڪر سميت ٿرپارڪر جي مختلف سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۽ ڪاليجن نمائش ۾ پنهنجا اسٽال لڳايا ويا.

ٿر فائونڊيشن لڳايل ان سائنسي ميلي ۾ ٿرپارڪر مان هزارن جي تعداد ۾ شاگردن، استادن ۽ مقامي ماڻهن پهچي سائنس جي موضوعن. ۾ تمام گهري دلچسپي ورتي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے