دسمبر 1, 2024

سنڌ جي ٽئين وڏي تجارتي، ثقافتي ۽ تاريخي شھر سکر ۽ روهڙي جي بيوٽيفڪيشن تي انتظاميا سنڌ حڪومت جي هدايتن تي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون

صوبائي وزير توانائي، رٿا بندي ۽ ترقي سيد ناصر حسين شاھ سکر ۽ روهڙي ۾ ڪيترن ئي منصوبن جو افتتاح ۽ پيڙھ جو پٿر رکي ڇڏيو

واڪنگ ٽريڪ تي ٽائيم اسڪوائر جي طرز تي اسٽيج جڙندو

سٽي پوائنٽ ويجهو کيرٿر ۽ دادو ڪئنالن وچ ۾ گيٽ آف سکر ٺھندو

صوبائي وزير توانائي، رٿا بندي ۽ ترقي سيد ناصر حسين شاھ گيٽ آف سکر جو بنياد رکي ڇڏيو

گيٽ آف سکر کان کيرٿر ۽ دادو ڪينالن جي وچ ۾ ٻہ-طرفو خوبصورت رستو پڻ تعمير ڪيو ويندو

ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي، ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو، ٽائون ڪاميٽي نثار صديقي چيئرمين طارق چوهاڻ، تقي خان ڌاريجو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

صوبائي وزير پاران واڪنگ ٽریڪ جو پڻ دورو، واڪنگ ٽریڪ جي بيوٽيفڪيشن ۽ ٽائيم اسڪوائر جي طرز تي اسٽيج جي تعمير بابت کيس بريفنگ

ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو صوبائي وزير کي سکر ۽ روھڙي جي بيوٽيفڪيشن تي بريفنگ ڏني

صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جو روهڙي ۾ مسڻ روڊ جو پڻ افتتاح، عمرڪس جي بيوٽيفڪيشن سميت شھر ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو

چيئرمين ضلع ڪونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاھ، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي روهڙي مير يعقوب علي شاھ، جنرل سيڪريٽري پيپلز پارٽي سکر بئريسٽر ويرم خان مھر، عرفان علي دائود پوٽو ۽ ٻيا پڻ موجود

سکر جا چونڊيل نمائندا عوام جي خدمت لاءِ ڪوشان آهن،

ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاھ سکر ۾ وڏن ترقياتي منصوبن جو آغاز ڪيو، جنھن کي اسين اڳتي وڌائي رهيا آهيون،

سکر سنڌ جو اڀرندڙ اربن مرڪز آهي،

سکر ۾ عالمي معيار جي يونيورسٽين ۽ اسپتالن جي قيام بعد هن شهر جي اهميت وڌي چڪي آهي،

واپار سان گڏ سکر هاڻي سنڌ جي تعليم ۽ صحت جي شعبي جو مرڪز بڻجي چڪو آهي،.

سکر ۽ روهڙي جي بيوٽيفڪيشن واري رٿائن تي تيزي سان ڪم ڪيو پيو وڃي،

شھرين ۽ ٻاھريان ايندڙ ماڻھن جي تفريح جي لاءِ شھر جي پارڪن ۽ تفريحي ماڳن جي بيوٽيفڪيشن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي،


جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے