دسمبر 1, 2024

ا

ڪراچي: سنڌ جون وفاقي حڪومت جي ادارن ڏانهن پاڻيءَ جي بلن جي مد ۾ واٽر بورڊ جون 20 ارب روپين کان وڌيڪ جون رهتون وصول نه ٿيڻ جو انڪشاف. سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ سنڌ جي پاڻيءَ جي بلن جي مد ۾ واٽر بورڊ جي وفاقي حڪومت جي ادارن اسٽيل ملز، پورٽ قاسم اٿارٽي، پاڪستان ريلوي، پي ايس او، سوئي سدرن گئس، ڪنٽونمينٽ بورڊز سميت ٻين ادارن ڏانهن 20 ارب روپين کان وڌيڪ جون رهتون وصول نه ٿيڻ جو نوٽيس ورتو آهي. پي اي سيءَ وفاقي ادارن ڏانهن واٽر بورڊ جون پاڻيءَ جي بلن جي مد ۾ 20 ارب روپين کان وڌيڪ جي رهتن جي وصوليءَ جو معاملو وفاقي حڪومت سان ٽيڪ اپ ڪرڻ ۽ وفاقي حڪومت جي انهن لاڳاپيل ادارن کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اربع ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبر قاسم سراج سومرو، ڪراچي واٽر بورڊ جي سي اِي او صلاح الدين احمد، انجنيئر اسد الله سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪراچي واٽر ۽ سيوريج بورڊ جي سال 2019ع کان سال 2021ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ هڪ آڊٽ پيرا ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف سامهون آيو آهي ته سنڌ جون وفاقي حڪومت جي ادارن ڏانهن پاڻيءَ جي بلن جي مد ۾ واٽر بورڊ جون 20 ارب روپين جون رهتون آهن جيڪي سال 2016ع کان ڪراچي واٽر بورڊ کي ادا نه ڪري رهيا آهن جڏهن ته پاڪستان اسٽيل ملز ڏانهن واٽر بورڊ جون گذريل ڪيترن ئي سالن کان 10 ارب روپين کان وڌيڪ جون رهتون آهن. جڏهن ته رهتون ادا نه ڪندڙ ٻين وفاقي حڪومت جي ادارن م ڪي پي ٽي، سوئي گئس، پي ايس او، پاڪستان ريلوي، پرنٽنگ ڪارپوريشن، ميرين فشريز، ڪاٽن ايڪسپورٽ ڪارپوريشن، ڪراچي شپ يارڊ، نيشنل شپنگ ڪارپوريشن، پي آءِ اي، ڪنٽونمينٽ بورڊز، پورٽ قاسم اٿارٽي، پاڪستان مشين ٽولز فئڪٽري، ڪاٽن ايڪسپورٽ ڪارپوريشن سميت ٻيا وفاقي حڪومت جا ادارا شامل آهن. واٽر بورڊ جي سي اِي او صلاح الدين احمد پي اي سي کي ٻڌايو ته 2016ع کان پاڪستان اسٽيل ملز ڏانهن واٽر بورڊ جون 10 ارب روپين کان وڌيڪ جون پاڻيءَ جي بلن جي مد ۾ رهتون آهن جيڪي وفاقي حڪومت ادا نه ڪري رهي آهي. اسٽيل مل ان وقت واٽر بورڊ جي پاڻيءَ سان 88 صنعتن کي ڪمرشل بنيادن تي پاڻي فراهم ڪري رهي هئي پر واٽر بورڊ جون رهتون ادا نه ڪيون ويون آهن. وفاقي حڪومت جي ٻين ادارن ڏانهن به رهتون آهن جيڪي ٽوٽل رهتون 20 ارب روپين کان وڌيڪ جون آهن. پي اي سي اجلاس ۾ واٽر بورڊ جي اختيارين پي اي سي کي گذارش ڪئي ته اِهو معاملو وفاقي ادارن سان ٽيڪ اپ ڪري واٽر بورڊ کي رهتون ڏياريون وڃن. ان موقعي تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته سنڌ کي وفاق کان اربين روپين جون اهي رهتون گهرجن ۽ واٽر بورڊ جي اداري وفاقي حڪومت جي هنن ادارن کي پاڻيءَ جي سهولت فراهم ڪئي آهي پر رهتن جي ادائيگيءَ کان محروم رکڻ سنڌ سان زيادتي آهي. ان لاءِ سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت جي ادارن ڏانهن واٽر بورڊ جي 20 ارب روپين جي رهتن جي وصوليءَ جو معاملو وفاقي حڪومت سان اٿاريندي. ان موقعي تي ڪميٽي جي ميمبر قاسم سراج سومرو چيو ته سنڌ کي وفاق کان اِهي رهتون ملڻ گهرجن. ان موقعي تي پي اي سي واٽر بورڊ جون وفاقي ادارن ڏانهن پاڻيءَ جي بلن جي مد ۾ 20 ارب روپين جي رهتن جي وصوليءَ وارو معاملو وفاقي حڪومت آڏو اٿارڻ سميت وفاقي حڪومت جي لاڳاپيل ادارن کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو واٽر بورڊ اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته ڪي فور منصوبو ڪڏهن مڪمل ٿيندو؟ ۽ ڪراچيءَ جي هر گهر ۾ لائينن مان عوام کي پاڻي ڪڏهن فراهم ٿيندو؟ ۽ ڪيسيتائين عوام ٽئنڪرن ذريعي پاڻي خريد ڪري استعمال ڪندو رهندو ڇاڪاڻ اسين چاهيون ٿا ته ڪراچيءَ جي هر گهر کي لائين مان پاڻي ميسر ٿئي. ان موقعي تي سي اِي او واٽر بورڊ صلاح الدين احمد پي اي سي کي ٻڌايو ته ڪي فور جو منصوبو ڊسمبر 2025ع تائين مڪمل ٿيندو جنهن لاءِ واپڊا وفاق کان هلندڙ سال 80 ارب روپيا گهري ورتا آهن. جڏهن ته ڪي فور منصوبي جي گنجائش 260 ايم جي ڊي آهي. جڏهن ته ڪراچيءَ کي 600 ايم جي ڊي پاڻيءَ جي ضرورت آهي ان لاءِ واٽر بورڊ وٽ جيترو پاڻي ميسر هوندو ان حساب سان ڪراچي شهر ۾ پاڻيءَ جي فراهمي ڪري سگهبي. سي اِي او واٽر بورڊ وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن حب ڪئنال ۾ پاڻيءَ جي گنجائش وڌائي ويندي ته پوءِ ڪراچي شهر ۾ پاڻيءَ جي فراهمي جي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿيندي ڇاڪاڻ ته هن وقت ڪراچيءَ کي 50 سيڪڙو پاڻيءَ جي گهٽتائي سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن وڌيڪ پي اي سي کي ٻڌايو ته واٽر بورڊ 2050ع جو ماسٽر پلان ٺاهي رهي آهي جنهن جا 18 ٽي او آرز آهن. سي اِي او پي سي کي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪراچي شهر ۾ 243 غيرقانوني هائيڊرنٽس کي ٽوڙيو ويو آهي ۽ واٽر بورڊ جا 5500 ٽئنڪر آهن جيڪي شهر جي مختلف علائقن ۾ سرڪاري ريٽ تي پاڻي فراهم ڪندا آهن. ان سان گڏوگڏ ڪراچيءَ ۾ واٽر بورڊ جا 10 لک صارفين آهن جن کي واٽر بورڊ بل جاري ڪري ٿو ۽ بلن جي وصوليءَ پڻ 35 سيڪڙو آهي ۽ صارفين کان رهتن جي وصوليءَ لاءِ پيڪيج متعارف ڪرايو ويو آهي پر رهتون ادا نه ڪندڙن جي پاڻيءَ جي لائين ميٽر نه هجڻ سبب نه ٿا ڪٽي سگهون. سي اِي او واٽر واٽر پي اي سي کي ٻڌايو ته واٽر بورڊ جا 9350 ملازم آهن جن مان 8700 بائيو ميٽرڪ تي آهن. جڏهن ته ڪي فور ۾ واپڊا پاران پاڻي رِزور ۾ ڇڏڻو آهي ۽ ڪي فور جي پاڻي جمع ڪرڻ جي گنجائش صرف هڪ ڏينهن جي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪراچيءَ جي صنعتن ڏانهن واٽر بورڊ جون رهتون آهن جڏهن ته انڊسٽريل زونز ۾ 8500 صنعتون آهن جن مان 5 هزار صنعتن ۾ پاڻيءَ جا بلڪ ميٽر لڳائڻ وڃي رهيا آهيون جنهن لاءِ ورلڊ بئنڪ 15 ملين ڊالر ادا ڪندي. هن وڌيڪ پي اي سي کي ٻڌايو ته ٻئي مرحلي ۾ هڪ کان ڏيڍ سال جي عرصي ۾ باقي هنڌن تي پاڻيءَ جا ميٽر لڳايا ويندا جنهن کان پوءِ ڪراچي شهر ۾ پاڻيءَ جي ورهاست تي ڪنهن کي به اعتراض نه رهندو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے