دسمبر 2, 2024

ارسا ايڪٽ ترميم خلاف عوامي تحريڪ طرفان حيدرآباد ۾ بک هڙتال.
ڊيم سمورا_ نامنظور، ارسا ايڪٽ ترميم نامنظور جا زوردار نعرا
پاڻيءَ تي ڌاڙا بند ڪريو. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪريو جي نعرن جي به گونج.
ارسا ايڪٽ ترميم سنڌو درياءَ تي ڌاڙو آهي،
ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي آرگنائيزر عوامي تحريڪ
گرين پاڪستان منصوبي تحت ٿيندڙ هن ترميم ذريعي سنڌ ۾ هٿرادو ڏڪار پيدا ڪيو پيو وڃي،
وسند ٿري
 
ارسا ايڪٽ جي ترميم  ۾ پيپلزپارٽي برابر جي شريڪ آھي،
وسند ٿري

پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ جو قومي وجود ۽ وسيلا داءُ تي لڳائي ڇڏيا آھن،
وسند ٿري

حيدرآباد (پر) ارسا ايڪٽ ترميمي آرڊينسس خلاف عوامي تحريڪ طرفان حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال. جنھن ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ  سول سوسائٽي جي نمائندن اديبن شرڪت ڪئي. بک هڙتال جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري، نامور اديب جامي چانڊيو، سنڌ صحافي اتحاد جي سرواڻ نعمت کهڙو، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي اڳواڻ ڪامريڊ اقبال، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون، سجاڳ تحريڪ جي مرڪزي صدر فاضل کوسو، روماسا، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ صفيا سرمد، نورجهان ڪاتيار، سرمد راڄپر ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ڊيم سمورا نامنظور، ارسا ايڪٽ ترميم نامنظور. پاڻيءَ تي ڌاڙا بند ڪريو. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪريو جا زوردار نعرا هنيا ويا. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ تحت 80 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين آباد ڪرڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي. پيپلزپارٽي  سمورن سنڌ دشمن فيصلن ۾ شريڪ آھي. پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ جو قومي وجود ۽ وسيلا داءُ تي لڳائي ڇڏيا آھن. پيپلزپارٽي جي سھولتڪاري ۾ سنڌ مٿان ون يونٽ کان وڌيڪ خطرناڪ وار ڪيوويو آھي. هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ تحت ملڪ جي 44 لک ايڪڙن مان وڌائي 48 لک ايڪڙ زمينن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. جڏھن ته ڪجهه ميڊيا رپورٽن مطابق هنن منصوبن ۾ 90 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين فوج سان لاڳاپيل ڪمپني گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ کي ڏني ويندي. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم، نون ڊيمن ۽ ڪينالن جا منصوبا ان ڳالهه کي ثابت ٿا ڪن ته سنڌ جي حصي جو سمورو پاڻي ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي ڏنو ويندو. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌ جي زرخيز زمينن کي بنجر بڻايو ويندو. گرين پاڪستان منصوبي تحت ٿيندڙ هن ترميم ذريعي سنڌ ۾ هٿرادو ڏڪار پيدا ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته شاهه جيوڻا ڊيم، چنيوٽ ڊيم، مڊ رانجها ڊيم، بهاول نگر بئراج، حاصل پور بئراج، حاصل پور لنڪ ڪئنال، فيڊر ڪئنال سميت ٽي نوان ڊيم، ٻه بئراج، ٻه فيڊر ڪينال ۽ هڪ لنڪ ڪئنال ٺاهي پنجاب جي 60 لک ايڪڙ بنجر زمين آباد ڪئي ويندي جڏهن ته سمالر چولستان رٿا لاءِ سنڌ جو پاڻي چورائي پنجاب جي 20 لک ايڪڙ بنجر زمين آباد ڪئي ويندي. هن رٿا تحت فتح واهه، مراد واهه، هاڪڙا واهه ۽ هيرڻ واهه سميت ڪيترا ئي نوان لنڪ ڪڍيا ويندا. سليمانڪي هئڊورڪس وٽان هڪ فيڊر واهه پڻ ڪڍيو ويندو. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پڻ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي پاڻي ڏئي سنڌ جي آبادگارن، هارين ۽ زميندارن جو معاشي قتلام ڪيو ويندو. ٿر ڪينال، چولستان ڪينال، گريٽر ٿل ڪينال، چشما رائيٽ بينڪ ڪينال، ڪڇي ڪينال ۽ ريڻي ڪينال سميت ٻين ڌاڙيل منصوبن تي به ڪم ڪيو پيو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ارسا ايڪٽ ترميم سنڌين کان سنڌو درياءَ ڦرڻ جي سازش آهي. وفاقي حڪومت ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌ جي حصي جو پاڻي ڦٻائڻ چاهي ٿي.

پاڻي جي ورهاست متعلق اڳ ۾ ئي سنڌ سان ظلم آهي، مٿان وري ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌ کي مڪمل طور بنجر بڻايو ويندو. هنن چيو ته سي سي آءِ جهڙي آئيني اداري کي غيرفعال بڻائي ارسا چيئرمين جي جوڙيل ڪميٽي کي مڪمل طور بااختیار بڻايو پيو وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن جو پاڻي بند ڪيو پيو وڃي. ارسا ايڪٽ ترميم ختم ڪئي وڃي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے