دسمبر 2, 2024

اوساڪا سنڌ ايسوسيئيشن آف جاپان پاران سنڌ ۾ لاقانونيت، بدامني ۽ ڏھڪاءَ واري ماحول تي ڳڻتيءَ جو اظھار ڪندي پاڪستان جي وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير کا ن گھر ڪئي تھ عوام دشمن سگرمين کي فوري طور ڪري قانون لاڳو ڪيو وڃي ۽ ماڻھن کي پرسڪون زندگي گزارڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن. اوساڪا مان سنڌ ايسوسيئيشن آف جاپان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ گھوٽڪي ۾ اغوا جي وارداتن تي ڳڻتي ظاھر ڪئي وئي آھي. سنڌ ايسوسيئيشن آف جاپان جي صدر فاروق مھر چيو آھي تھ سندس جنم ڀوميءَ سنڌ ۾ لاقانونيت ۽ بدامنيءَ تي تمام گھڻو ڏک ٿي رھيو آھي، ھن مطالبو ڪندي چيو تھ پاڪستان خاص طور تي سنڌ حڪومت عوام کي تحفظ فراھم ڪري. ھن چيو تھ ڪنڌڪوٽ کان صالح پٽ ڪيرتن ڪري واپس ايندڙ خاندان جي رستي ۾ راڻا اسٽاپ وٽ گاڏي بيھاري صالح پٽ واسي نوجوان وڪرم ڪمار پٽ ڌنو مل کي اغوا ڪرڻ جي مذمت ڪجي ٿي. فاروق مھر چيو تھ سنڌ جي امن کي ھٿ سان تباهيءَ جي ڪناري تي پھچايو ويو آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ آخر ڪھڙا ڪارڻ آھن جو سنڌ پوليس ورھين کان ڌاڙيل جي اھڙين وارداتن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي رھي آھي؟. ھن گھر ڪئي تھ وڏي وزير ۽ سمورين اعليٰ اختيارين کي اپيل آھي تھ ڪيرتني وڪرم ڪمار سميت سمورن مغوين کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي ۽ بدامني واري ماحول کي ختم ڪري انصاف ۽ قانون وارو ماحول پيدا ڪيو وڃي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے